رانديون

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو پراڻين ناڪامين کي سڌارڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پي ايس ايل 8 ۾ پراڻين ناڪامين کي سڌارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ ڪرونا سبب ڪمبينيشن متاثر ٿيندي هئي، هن ڀيري متوازن اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي وئي، مقامي ڪرڪيٽر محمد نواز، افتخار احمد، نسيم شاهه ۽ محمد حسنين پنهنجي سٺي فارم مان فائدو وٺندا. هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته گذريل سيزن جي غلطين کي ورجائڻ کانسواءِ هن ڀيري سٺي پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، رانديگرن جي اچڻ ۽ وڃڻ سبب هن ڀيري متوازن اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي وئي، اميد آهي ته بهتر ڪمبينيشن جڙندو. هن چيو ته مقامي رانديگرن جي سٺي فارم ۾ هجڻ سان ٽيم کي تمام گهڻو فائدو آهي، ٽيم کي عمر اڪمل، احسان علي، سعود شڪيل ۽ عمير بن يوسف کان به اميدون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button