ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سبسڊي واري ڪڻڪ ۽ اٽي بابت رپورٽ

Editorial

سنڌ ۾ ماڻهو اٽي لپ لاءِ سڪي رهيا آهن. ماڻهن کي اٽو جنهن به اگهه تي ملي رهيو آهي، اهي خريد ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اها ماڻهن جي مجبوري آهي. حڪومت اٽو سستو ڪرڻ جون ڪيتريون دعوائون ڪيون پر هن وقت تائين نه اٽو سستو ٿيو آهي ۽ نه ئي سرڪاري اگهه تي اٽو ملي رهيو آهي. اهڙي ريت اٽي واري معاملي تي ڪرپشن جا انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. ماڻهن لاءِ اٽو خريد ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم ٿي ويو آهي. فلورملن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري به اٽي جو بحران برقرار آهي. ڇاڪاڻ ته سبسڊي واري ڪڻڪ ۽ اٽي جي فراهميءَ ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن سامهون آئي آهي.
ڪالهوڪي رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته خوراڪ کاتي جي انگن اکرن جي تصديق ناقابل تصور آهي. ڊي سي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي انگ اکر هٿرادو ۽ ڪوڙا آهن، ڇو ته اهي انگ اکر خوراڪ کاتي ترتيب ڏنا ۽ بنا تصديق جي مٿي موڪلي ڇڏيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10 ڪلو جا 8 لک 5 هزار 560 ٿيلها تيار ڪيا ويا پر فلورملز طرفان رڳو هڪ لک 23 هزار 965 ٿيلها وڪرو ڪيا ويا. ڊي سي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه فلورملون اٽو فراهم نه ڪري رهيون آهن ۽ نه ئي سرڪاري ڪڻڪ ڪوٽا ذريعي اٽي جي پيسائي ڪئي پئي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فلورملز مالڪ خوراڪ کاتي سان ملي سرڪاري سبسڊي واري اوپن ۾ وڪڻي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا ۾ 574 ملين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ 224 چڪيون قائم آهن، جن مان 180 فعال آهن. رپورٽ مطابق هر مهيني چڪين کي سرڪاري ڪڻڪ ڪوٽا مطابق 30 هزار ٿيلها ورهائڻا هئا پر چڪين کي سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري ئي نه ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چڪين ذريعي 10 ڪلو اٽي جا ٿيلها وڪڻڻ ممڪن آهي پر سبسڊي واري ڪڻڪ انهن کي نه پئي ڏني وڃي. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته انهن فلورملز کي سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا انڪوائري کانپو مڪمل بند ڪئي وڃي، جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ سهڪار نه ڪري رهيون آهن ۽ انهن جي ڪوٽا معطل ڪري چڪين کي ڏني وڃي. جنهن سان عام ماڻهن کي 10 ڪلو اٽي جا ٿيلها سستي اگهه تي ملي سگهندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اٽي جي بحران جو حل اهو آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ چڪين جي سرڪاري ڪڻڪ واري ڪوٽا 30 هزار کان وڌائي هڪ لک ڪئي وڃي، جنهن سان عام ماڻهن کي معياري ۽ مناسب مقدار اٽو فراهم ٿي سگهندو. هن رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ماڻهن کي اٽي لاءِ پريشان ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ انهن کي مهانگو اٽو وڪرو ڪيو ويو. جنهنڪري انهن تي مالي بار پڻ پيو پر اهو سلسلو اڃا تائين به هلي رهيو آهي. جيڪڏهن اٽي جي معاملي ۾ ڪرپشن ڪرڻي هئي ته پوءِ حڪومت کي اهي دعوائون نه ڪرڻ گهرجن ها ته شهرن ۾ اٽو 65 ڪلو رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي. اٽو هڪ اهڙو اسم آهي، جيڪو هتي اپائي ويندڙ ڪڻڪ مان تيار ٿيندو آهي، جڏهن اسين اها دعوا ڪريون ٿا ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ته پوءِ اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته زرعي جنسون عوام تائين سستي اگهه ۾ ڇو ڪونه ٿيون پهچن ۽ ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو هر زرعي جنس مهانگي اگهه تي خريد ڪري رهيو آهي. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اڄ به عام ماڻهو اهو چاهي ٿو ته انهن کي اٽو سستي اگهه تي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي پريشاني ختم ٿي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته سستي اٽي جي فراهمي لازمي بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ذخيرا اندوز توڙي فلورملون، جيڪي اٽي واري بحران جا ذميوار آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي سستي اٽي لاءِ دربدر نه ٿيڻو پوي. پر هن وقت تائين اهڙو ڪجهه نظر ڪونه اچي رهيو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اٽي جي فراهمي هر حال ۾ يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جو اگهه ڪنهن به ريت عام ماڻهو جي پهچ کان وڌايو نه وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button