پاڪستانخيبرپختونخوا

وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا جي پوليس سربراهه کي هٽائي ڇڏيو، اختر حيات نئون آئي جي مقرر

وفاقي حڪومت آ جي پوليس خيبر پختونخوا معظم جاهه انصاري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي بعد وفاقي سرڪار آءِ جي پختونخوا معظم جاهه انصاري کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن نئين آءِ جي لاءِ ٽن نالن جي سمري اُماڻي وئي هئي جن ۾ محمد سعيد خان، اختر حيات گنڊاپور ۽ سهيل تاجڪ جا نالا شامل هئا. هاڻي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان اختر حيات گنڊاپور کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اختر حيات گنڊاپور ان کان اڳ ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ مقرر هو. معظم جاهه انصاري جي چارج ڇڏيندي ئي اختر حيات گنڊاپور پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button