پاڪستانپنجاب

آئين جي بالادستي ۽ تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ لا رڳو عدليا مان اميد آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ ۽ آئين جي بالادستي لا رڳو عدليا مان اميد آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آ ايم ايف سان حڪومت جي ڪيل معاهدي سان مهانگائي جو طوفان ايندو، حڪمران پنهنجا ڊالر ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن، ملڪ جي معيشت کي رڳو سمنڊ پار پاڪستانين جي سيڙپڪاري بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته مريم نواز کي مس منڊيلا بڻائي پاڪستان ۾ لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا خراب نموني ناڪام ٿي وئي، نواز شريف به پاڪستان واپس اچي کيس پنهنجي مقبوليت جو اندازو ٿي ويندو. هن اعتراف ڪندي چيو ته حڪومت ختم ٿيڻ بعد جنرل (ر) باجوا سان ملاقات ٿي هئي، اسيٽبلشمينٽ جو مطلب رڳو آرمي چيف هوندو آهي، موجوده آرمي چيف سان ملاقات واري سوال تي عمران خان چيو ته تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي پر ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پهرين دهشتگردي خلاف اي پي سي گهرائي، پو اسان وڃون يا نه وڃون ان جو فيصلو بعد ۾ ڪنداسين، ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي جون ٽڪيٽون صرف وفادار ۽ مخلص ماڻهن کي ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button