اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ مهانگائي جو اندازو آهي پر ڪجي ته ڇا ڪجي:وزيراعظم

نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خدشن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته عوام سخت پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته پارٽي کي مهانگائي لوڙهي ڇڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن ميمبرن جي ملاقاتن جي سامهون آيل تفصيل مطابق نواز ليگ ميمبرن شهباز شريف کي عوام جي جذبن کان آگاهه ڪندي چيو ته عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻڏندڙ معيشت جي مسئلن سبب حد کان وڌيڪ پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته نواز ليگ کي مهانگائي جي هاڻوڪي لهر ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيندي. پارٽي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان عابد رضا، رائو اجمل، راڻا مشهود، عنايت فاطما، راحيلا خادم حسين ۽ ٻين ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آيل مهانگائي جي لهر جو اندازو آهي، معاشي صورتحال واقعي تمام گهڻي خراب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته موجوده معاشي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل عمران خان حڪومت جي ڪيل غلطيون جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف جا شرط انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهن پر انهن کي مڃڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو به ناهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته آ ايم ايف سان معاهدي بعد عوام کي ڪجهه نه ڪجهه تڪڙو رليف ڏئي سگهون. شهباز شريف سڀني ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ وڃي عوام کي مهانگائي ٿيڻ جا اصل سبب ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button