گهڻو اڳ خودڪشيءَ جو ڪو اتفاقي واقعو ٿيندو هو ته سڄي علائقي ۾ هراس پکڙجي ويندو هو ۽ سڄو علائقو سوڳ ۾ وٺجي ويندو هو. هر پاسي ڏک ۽ غم جي لهر ڇانيل هوندي هئي. پوءِ خودڪشين جو لاڙو وڌندو ويو. هاڻ اهو روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. هڪ ئي ڏينهن ۾ خودڪشين جا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا. جن جو تفصيل اخبارن ۾ به شايع ٿئي ٿو. ٽيليويزن ۾ به ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ موبائل ذريعي به خبر پوي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ئي ڏهاڙي تي خودڪشين جا چار واقعا ٿيا آهن. هڪڙو واقعو ڪڙيو گهنور ۾ ٿيو آهي. جتي 35 سالن جي نوجوان احمد عرف ڪنڊو ولد بچو پنهور، ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ساڳئي ڏينهن تي ٻيو واقعو ڳوٺ يعقوب لاکو لڳ ڦلجي اسٽيشن ۾ بشير احمد ولد محمد وارث لاکي به وڻ سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اهڙي ريت ٽيون واقعو شهدادپور جي ويجهو ڳوٺ بهادر ڪلوئيءَ ۾ سڪندر علي ولد انور علي ڪلوئي پستول جو فائر ڪري پاڻ کي ماري وڌو ۽ چوٿون واقعو ڳوٺ راڄو خاناڻي ڀرسان ڳوٺ چٽرو پٽيل ۾ لوجي پٽ ڏيولو بجاڻو به ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. اهڙي ريت سڄي سنڌ ۾ روز خودڪشيءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ تيزي اچي رهي آهي. ڪي واقعا معلوم ٿين ٿا ۽ خبر پوي ٿي ته فلاڻي هنڌ انت آڻڻ جو واقعو ٿيو آهي. پر ڪي واقعا رپورٽ نه ٿي سگهندا آهن، انهن کي لڪايو ويندو آهي. جنهن ڪري معلومات ڪونه ملي سگهندي آهي. پر، اهڙا واقعا گهٽ هوندا آهن جن کي لڪايو وڃي ٿو.
خودڪشين جي ڪري قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون. وسندڙ گهر ويران ۽ غير آباد ٿيو وڃن ٿا. ڪيترائي ٻار يتيم ۽ بي سهارا ٿيو وڃن. عورتون پڻ بيوه ٿيو وڃن ٿيون. ڳوٺن ۾ روڄ راڙو شروع ٿيو وڃي. اتي قيامت جهڙو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اتان خوشيون موڪلايو وڃن. مطلب ته جتي خودڪشين جا واقعا ٿين ٿا، اتي خوشگوار ماحول موڪلائي وڃي ٿو.
هن وقت غيريقيني حالتون ڪر کنيو بيٺيون آهن. اها به حقيقت آهي ته ڄاڻايل واقعن ۾ نراسائي، نا اميدي، احساس ڪمتري غيريقيني، بيوسي، محتاجي ۽ لاچاري وغيره جهڙا عنصر شامل آهن. جيڪي ماڻهو کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. حالتون اهڙيون پيدا ٿين ٿيون، جن کي منهن نه ڏيڻ ڪري اهڙا واقعا پيش اچن ٿا. هڪ مهذب ۽ تهذيب يافته قوم لاءِ اهو هڪ وڏو داغ آهي. اهو سٺو سنئوڻ ۽ عمل ڪونهي. اهڙن واقعن جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. مذهب ان کان روڪي ٿو ۽ سختيءَ سان منع ڪري ٿو. اهو ڏٺو ويو آهي ته اهو لقاءُ سماج تي ناڪاري، برا ۽ خراب اثر ڇڏي ٿو. خاص ڪري نوجوان طبقي ۾ اهڙو لاڙو پيدا ٿي رهيو آهي. آئون هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان. گهڻو ڪري غريب طبقي جا ماڻهو زندگيءَ مان بيزار ٿي خودڪشيون ڪندا رهيا آهن. پر ڪيترائي شاهوڪار ماڻهو به خودڪشيون ڪري سدائين لاءِ آرامي ٿيا آهن.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڄاڻايل واقعا ڇو ٿي رهيا آهن؟ انهن جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ جن جي ڪري خودڪشيون ٿي رهيون آهن؟ هاڻ ڪو به ڏينهن خالي ڪونهي. جنهن ڏينهن اهڙي ڏکوئيندڙ خبر نه ٻڌندا هجون. منهنجي خيال ۾ هن وقت عوام مهانگائيءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي. بدحالي وارو دور اچي ويو آهي. جنهن ڪري غريب ويچارو پنهنجي ٻچن کي بکيو ڏسڻ برداشت ڪري نه ٿو سگهي. هو مايوس ٿي، خودڪشي ڪريو ڇڏي. چوڻ جو مطلب ته اهم ڪارڻ غربت آهي. بيروزگاري وڌندي پئي وڃي. روزگار نه هئڻ ڪري واندو ويهڻ کان سدائين لاءِ آرامي ٿيڻ کي ماڻهو ترجيح ڏين ٿا. بيروزگاري به هڪ اهم سبب آهي. جنهن ڪري خودڪشيون ڪيون پيون وڃن. گهرو اڻبڻت جي ڪري به ايئن ڪيو وڃي ٿو. جهيڙا ۽ قبائلي دشمنيون به نااميدي پيدا ڪن ٿيون. جنهن ڪري ماڻهو مجبور ٿي انت آڻيو ڇڏين. اهو عام خيال آهي ته خودڪشي ڪرڻ هڪ بزدلاڻو ۽ جاهلاڻو عمل آهي. ان خيال سان متفق آهيون. انڪار ڪونه ٿا ڪري سگهون. پر تمام ٿورڙن ماڻهن جو وري ان راءِ سان اختلاف آهي. اهي چون ٿا ته پاڻ کي ڦاهو ڏئي مارڻ، ڪهڻ، انت آڻڻ، بجليءَ جي ڪرنٽ ۾ هٿ وجهڻ، ريل گاڏين جي پٽڙين ۽ روڊن تي سمهي رهڻ، زهريلي دوا ۽ شيون کائڻ ۽ ڪن ٻين طريقن سان خودڪشي ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ دليري وارو ڪم آهي. ان ڏس ۾ هر هڪ ماڻهو جي الڳ الڳ سوچ آهي. ان کي قدرتي موت ڪونه ٿو سڏي سگهجي.
مون ڳالهه پئي ڪئي ته خودڪشين جا خاص سبب ڪهڙا آهن. جن مان ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن. جن مان وڏيرن جي ظلمن، انتقامي ڪاررواين، چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪرڻ به آهن. پوليس جو اجايو تنگ ڪرڻ به خودڪشي جو هڪ ڪارڻ آهي. هن مهانگائيءَ جي دور ۾ قرض به ماڻهو کي اهڙو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي ٿو. اڄڪلهه وياج تي قرض ڏيڻ جو سلسلو به عروج تي پهتل آهي. وياج خورن به حد ڪري ڇڏي آهي. جنهن ڪري کوڙ زميندار به وياج ڏيڻ ڪري پنهنجون ملڪيتون کپائي غربت جي زندگي گذارين پيا. هاڻ اهي ڪنگال ٿي ويا آهن. ڪيترائي زميندار هن وقت به وياج خورن جي رحم ڪرم تي زندگي گذاري رهيا آهن. کوڙ غريب ويچارا وياجين کي پنهنجا گهر گهاٽ ڏئي خانه بدوشي واري زندگي گذارين پيا. اهڙي حالت ۾ به ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. جيڪڏهن اسان جي ملڪ مان وياج خوري ختم ٿئي ته خودڪشين ڪرڻ تي ڪافي حد تائين ضابطو اچي سگهي ٿو ۽ اهو لاڙو گهٽجي سگهي ٿو.
هڪ ڀيري نوابشاهه اسپتال ۾ هڪ مريض ٻڌايو ته هو ڪيترن ئي سالن کان وٺي بيمار آهي. گڙدن جي تڪليف هئس. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته هڪ گڙدو ڪراچيءَ ۾ وڃي مٽرايو. ان مٽاسٽا ۾ وڏو خرچ اچي ٿو. هن وٽ پئسو ڪونه هو. غريب ماڻهو هو. هو ڪافي وقت کان علاج ڪرائي رهيو هو. ٻيو ڪو مدد ڪونه ڪري رهيو هئس. سو هن خودڪشي ڪرڻ جو سوچيو هو. کيس ڪو به رستو ڪونه پئي سجهيو. مون کيس ڏاڍو سمجهايو ته نااميد نه ٿيو. خدا مدد ڪندو. پر هن جو چوڻ هو ته هن ڏکي زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌم ته ان مريض زهريلي زرعي دوا پئي ڇڏي. کيس بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال نيو ويو. ڊاڪٽرن علاج ڪيس. پر بچي ڪونه سگهيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته ڪيترائي ماڻهو بيمارين کان تنگ اچيو خودڪشي ڪريو ڇڏين ٿا.
مٿين سببن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خودڪشيءَ جا ڪارڻ آهن. جيڪڏهن ويهي تفصيل سان لکجي ته وڏو ڪتاب لکجي ويندو. اسان جا ڪي نوجوان مايوسين ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻ جي سگهه ختم ڪريو ويٺا آهن ۽ خودڪشي ڪري پنهنجي مائٽن کي آزارن ۽ سورن ۾ وجهيو ڇڏين. هن وقت مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت تي ضابطو اچي ته آئون سمجهان ٿو ته خودڪشين کي ڪافي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ حڪومت کي ڪجهه سوچڻ گهرجي. جيئن ان لاڙي جو خاتمو ٿي سگهي. حڪومت کي گهرجي ته غريب عوام جا مسئلا ترت طور حل ڪري جيئن ماڻهن کي خودڪشين کان بچائي سگهجي.