ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گھرن جي تعمير جو مرحلو، تنقيد ۽ عمل

Editorial-Article- Mumtaz Mangi

گذري ويل برساتي ٻوڏ سنڌ جي چوويھه ضلعن يعني 90 سيڪڙو سنڌ کي برباد ڪري گذري وئي ۽ انهيءَ کي ڇھه مهينن جي گذرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت کي ۽ وفاقي حڪومت کي مليل امداد کي خرچ ڪرڻ لاءِ عالمي ڊونر ادارن ملڪن جي دٻاءُ وڌڻ تي آخر سنڌ حڪومت گھرن جي تعمير جي پهرين مرحلي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ چوويهن ضلعن جي جاءِ تي هن وقت اٺن ضلعن ۾ گھرن جي تعمير جو اعلان ڪندي في الحال پهرين رقم 75 هزار روپيا ڏيڻ جي شروعات جو اعلان ڪيو آهي ۽ اها رقم انهن اٺن ضلعن ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي جن ۾ لاڙڪاڻو، سکر، دادو، حيدرآباد، ٺٽو، شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن.
سنڌ حڪومت ۽ يو اين ڊي پي جي تعاون سان ان پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان هڪ ڪانفرنس آرگنائيز ڪئي وئي گذريل اربع جي ڏينهن ٿيل ڪانفرنس جنهن جي صدارت پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي جنهن جا تفصيل اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن. جنهن ۾ خاص طور تي بلاول هي اعلان ڪيو آهي ته “متاثرن جا گھر تعمير ڪرايا ويندا ۽ انهيءَ کان سواءِ انهن گھرن جي رجسٽريشن ڪري اهي ان خاندان جي نالي منتقل ڪيا ويندا هن چيو ته هي کاتا يعني ملڪيتي وارثي جو حق عورتن جي حوالي ٿيندو.” پ پ پ اها همدردي خاندانن سان رکي ٿي يا عورتن جي سادگي جو فائدي وٺڻ جي لاءِ پنهنجو مضبوط ووٽ بينڪ عورتن ۾ ٺاهڻ جي حڪمتِ عملي آهي جيئن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مدد عورتن کي ئي ڏني وئي ۽ انهيءَ جو فائدو پ پ پ ووٽ جي صورت ۾ هن وقت تائين وٺي رهي آهي اهائي حڪمتِ عملي پهريان ڪچي جي پيل زمينن جي حوالي سان به اختيار ڪئي وئي هئي جو ڪچي جون زمينون مالڪي حقن سان عورتن جي نالي تي منتقل ٿيون پر سنڌ جي ڀوتارن انهيءَ تي به پنهنجا طاقتور پر ڦهلايا ۽ اها ملڪيت بعد ۾ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويهي رهيا. شايد ڪو هڪ اڌ خاندان هجي ڪنهن کي فائدو ٿيو پر عملي طور تي وڏو فائدو ڀوتارن، بااثرن ۽ طاقتور ڏوهاري برادرين کي پهتو.
پاڻ ان جي تفصيلي بحث ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر موضوع تي واپس ايندي ڪريون ٿا برسات کي 6 مهينا گذري چڪا آهن اڄ به ڪيئي خاندان تنبن ۾ دربدر ٿين پيا ۽ متاثرن جي مدد لاءِ سامان سان جيڪي راڱا ۽ جيڪي جٺون بااثرن ڪيون اهي ڪنهن کان ڳجهون ناهن جو هن وقت به ڪيترن واپارين جي گودامن ۾ عالمي ادارن جي مليل ايڊ جا ٻاچڪا، تنبو، ڪمبل، برتن ۽ ٻيو سامان ڀريو پيو آهي. پ پ پ جي ڀوتارن جا بنگلا اڄ به اها وراثت ڪن پيا ۽ انهن جا چهيتا موجون ماڻي رهيا آهن برسات 60 کان 70 سيڪڙو پوري ملڪ کان وڌيڪ سنڌ کي برباد ڪيو، ٻئي نمبر تي بلوچستان کي لوڙهيو ٻين صوبائي حڪومتن جو ڪردار ڪو آئيڊيل ته نه رهيو پر سنڌ جي عوام سان جيڪا ذلت آميزي گذري ۽ اڃان گذري پئي انهيءَ جو مثال ماضي جي تاريخن ۾ ته نه ملندو پر حڪمران طبقي جي سياسي ڪردارن حڪومتي وزيرن ۽ ڪامورن انهيءَ ٻوڏ کي “ٻڏي جا ٻارنهن” جي چواڻيءَ جيان پورو پورو استحصالي فائدو ڪيو.
سنڌ واسين جي مالي، جاني بربادي سان گڏوگڏ متاثرن جي عزت نفس ته چيهون چيهون ٿي پر انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي ڪيترن بيوس ۽ مجبور نياڻين جي بيهودن ڪردارن عصمت به پامال ڪئي، آفت جيڪا هنن حڪمرانن لاءِ لاٽري ثابت ٿي هنن سوچو هو ته عالمي ماحولياتي اثرن جو شڪار ٿيندڙ هي ملڪ بربادي کان پوءِ جڏهن مدد جي لاءِ ٻاڏائيندو ته امير ملڪ ڊالرن جي ائين برسات ڪندا جيئن افغانستان جي ثور انقلاب کان پوءِ آمر ضيا جي دور ۾ ٿي يا وري نائن اليون کان پوءِ مشرف جي دور ۾ ڊالرن جي گنگا وهي ائين ئي دنيا همدردي جا دروازا کولي هن ملڪ جي حڪمرانن ۽ عوام تي مهربان ٿيندي دنيا مهربان ته ٿي پر هنن انڌو عقيدو رکي مدد ڪرڻ جي بجاءِ گھٽ مدد ۽ وڌيڪ قرض ڏنا آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ به هن ملڪ جي حڪمران ٽولن کي ۽ ڪامورن کي پابند ڪيو آهي ته هو رقم خرچ ڪرڻ ۾ شفافيت آڻيندا ۽ ڊونر انهن جي پاڻ مانيٽرنگ ڪندا اهوئي سبب آهي جو پهرين مرحلي ۾ ڪجھه اين جي اوز کي مانيٽرنگ ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي پر اسان کي اها ٺيڪ طرح سان خبر آهي ته هن ملڪ جا ڪامورا ۽ بااثر ڀوتار ڪهڙي ۽ ڪيتري ڏنڊي لڳائڻ ۾ چالاڪ آهن مثال گھرن جي تعمير جي لاءِ هڪ ته اهي گھر جيڪي سرڪاري پلاٽن تي قائم آهن يا زمينن تي قائم آهن انهن جي رجسٽريشن يا کاتا ته سمجھه ۾ اچن ٿا پر سنڌ جا غريب مسڪين ماڻهو جيڪي زميندارن ۽ جاگيردارن جي زمينن تي جڳها اڏي ويٺا آهن انهن کي ڪهڙي طريقي سان گھر ٺاهي ۽ حق ملڪيت ڏنو ويندو اسان جي معلومات کان وڌيڪ سنڌ حڪومت ۾ شامل ڀوتار ۽ پ پ پ جي قيادت واقف آهي. ممڪن آهي ته غريبن جي نالي تي ملندڙ ان امداد جو وڏو حصو ڀوتارن جي زمينن تي خرچ ٿئي گھرن جي نالي تي گودام ٺهن.
يقينن پهريان ته غريبن جا نالا ئي هوندا پر ٺهڻ کان پوءِ اهي هنن کي ڪيئن ٿا ملي سگھن جو جڏهن ڀوتار اسڪول منظور ڪرائي انهن ۾ پنهنجي ان جا گودام ۽ مال جا واڙا ڪيون ويٺا آهن ۽ عام طرح سان اهي هنن جي هيٺين درجي جي ماڻهن جي لاءِ اوطاقن جو ڪم ڏين ٿا هن وقت تائين سنڌ سرڪار هزارين دعوائن جي باوجود ڪنهن جي خلاف به ڪو قدم ناهي کنيو جو ڀوتارن جا نوڪر چوڪيدار پٽيوالا مقرر آهن اهي پگھارن جو هڪ حصو اوطاقن جي خرچ ۾ گذري ٿو، ساڳئي طرح صحت جا يونٽ کوليا ويا، انهن ۾ به اڌ کان وڌيڪ ائين ئي پيا استعمال ٿين جيئن اسڪول مرحوم جوڻيجي جي پنج نقاطي پروگرام ۾ ٺهيل گھرن سان بااثرن ڪهڙو حشر ڪيو. انهيءَ کي ورجاءَ نٿا ڪريون پر سنڌ جي باشعور ۽ ٽيڪنيڪل سوچ رکندڙن تمام وڏي محنت ۽ پورهئي سان جديد ڳوٺن جا نقشا ٺاهيا ۽ سنڌ حڪومت کي مشورا ڏنا پر جيئن ته انهن ۾ ڀوتارڪا مفاد متاثر پئي ٿيا تنهن ڪري انهيءَ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ اسان
جي دانشورن جيڪا بربادي کان پوءِ جيڪا سنڌ حڪومت ۾ اميد رکي هئي اها نه رڳو هوائي ٿي پر يوٽوپين ٿي وئي. يقينن سنڌ جي ڪيترن ئي سمجهدار ۽ سياسي سماجي فردن ۽ گروهن کي اها ڄاڻ آهي ته هن گھرن جي تعمير جي پراجيڪٽ ۾ ٺيڪ ٺاڪ طرح سان ڪمائي جا ۽ قبضن جا رستا ڪڍيا ويندا.
سنڌ جي عوام جو هي تاريخي الميو آهي جو جنهن پارٽي کي سياسي طاقت هنن ڏني، ووٽ ڏنو، رت ڏنو ۽ زندگي ڏني پر سڀ جو سڀ قربانيون سياسي قيادت جي اڳيان انهن بادشاهن جيان بڻجي ويون جيڪي فوجي جي سپاهين جي قربانين جي نتيجي ۾ بادشاهيون ماڻيندا هئا ۽ پوءِ وري نوازشون پنهنجي ئي طاقتور طبقي جي ماڻهن تي ڪندا هئا پوءِ ڀلي اهي پهريان مخالف ڌڙي ۾ هئا پر نئين ياري هو انهي پنهنجي هم طبقي جي ماڻهن سان رکندا به هئا ۽ انهن تي مهربان به ٿيندا هئا. تنهن ڪري هن وقت جڏهن اسان دربدر سنڌ جي تعمير جي تڪليف جي ٻئي مرحلي مان گذرون پيا ۽ اسان حڪمران ٽولن، ڪامورن تي جيتري به تنقيد ڪنداسين اها تنقيد اسان کي پنهنجي غصي ۾ ڪمي ته آڻيندي پر ڪو نتيجو نه ڏيندي ضرورت عمل ڪرڻ جي آهي ۽ عمل اسان حڪمرانن سان ملي ڪري نٿا ڪري سگھون پر عوام دوست فرد ۽ پارٽيون منظم طريقي سان ان ڪم جي نگهباني ڪن ۽ جاتي عوام جي لاءِ پيسو ڪرپشن ۾ يا اقربا پروري ۾ ويندو ڏسن انهي جي نشاندهي ڪن ۽ انهيءَ جي لاءِ ٽي مرحلا اسان جي اڳيان آهن پهريون اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، سوشل ميڊيا ٻيو مرحلو عدالتون ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ڊونر ايجنسين سان رابطو ۽ انهن کي مانيٽر ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ يا حقيقتون ٻڌائڻ ۽ ٽيون مرحلو ناانصافين جي خلاف خود متاثرن کي پاڻ ۾ جوڙي ۽ عوام دوست سياسي پارٽيون منظم جدوجهد ڪن تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو ته برباد ٿيل سنڌ کي جڏهن ڪين مان ڪجھه ملي ته انهيءَ کي حقدارن ۽ مستحقن وٽ پهچائجي ۽ حڪمران ٽولن جي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کي روڪڻ جي پوري حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button