ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪار، عمران خان جي ٻيڙي وچ سير ۾

Editorial-Article- Allahbux Rathor

ملڪ جي معاشي صورتحال هجي يا سياسي، منجهيل سُٽ جيان ٿي وئي آهي. هڪ طرف حڪومت کي خطرا آهن ته ٻئي طرف عمران خان به انتهائي خطرناڪ زون ۾ آهي. حڪومت لاءِ ته ڪجهه سيفٽي والوو آهن، پر عمران خان جي اڳيان عظيم گهوڙيسوار ۽ پٺيان حڪومت آهي. سپريم ڪورٽ جي نرم گوشي جي باوجود، عدليا اندر عمران خان خلاف روز، ڪا نه ڪا نئين ڪهاڻي جنم وٺي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سياسي اُٺ ڪهڙي پاسي ويهندو؟ ان جا امڪان گهڻا آهن ته عمران خان به ميان نواز شريف ٿي وڃي!
اتحادي حڪومت لاءِ مشڪل معاشي صورتحال آهي. عالمي مالياتي فنڊ ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڳالهين جي باوجود، عالمي اداري ڪجهه سافٽ ڪارنر ضرور ڏيکاريو آهي، پر ڪنهن به رقم جي فراهميءَ جا ويجهڙائي ۾ ڪي امڪان نظر نه پيا اچن. ملڪ جي مرڪزي بينڪ، جنهن کي اسٽيٽ بينڪ سڏيو وڃي ٿو، ان جي حوالي سان هي افواهه به گردش ڪن پيا ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ٽي ارب ڊالرن کان به گهٽجي وڃڻ کانپوءِ طاقتور ڌرين سان رابطو ڪري خطري جي صورتحال بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ، اهم اداري کي هي به ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف کان في الحال ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ملڻ وارو ناهي، انڪري متبادل ذريعا ڳولڻا پوندا. جنهن وقت، آءِ ايم ايف پڌرنامو جاري ڪيو، ان وقت هي خبر به آئي ته عالمي اداري پاڪستان جي اتحادي حڪومت تي زور ڀريو ته اها دوست ملڪن کان فرسٽ ايڊ وٺي. انهن جو اشارو چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ آمريڪا ڏانهن هو. پر انهن ته پهريان کي صاف انڪار ڪندي چيو ته جيستائين آءِ ايم ايف سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪندي، ايستائين هو به گهڻي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا. سعودي پرڏيهي وزير جون ڳالهيون ته سڀني ٻڌيون هونديون؟
اتحادي حڪومت ۽ عالمي مالياتي فنڊ ۾ جيترو به اتفاق ٿيو آهي، ممڪن آهي ان کي سامهون رکندي، عارضي طور ئي سهي ريليف تي اتفاق ٿي وڃي، پر ان جي ٺاهه جي نتيجي ۾، جيتري مهانگائي سامهون ايندي، ان جو مثال ملڻ مشڪل ٿي ويندو. ناڻي جو وزير آن دي ريڪارڊ چئي ٿو ته آءِ ايم ايف 170 ارب رپين جا ٽيڪس وڌائڻ لاءِ چيو آهي، باقي رعايتون، جيڪي مٿئين طبقي، جن ۾ رٽائرڊ جنرل ۽ ججز به شامل آهن، ان سان گڏ اهي به جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن، انهن کي به قرباني ڏيڻي پوندي، جنهن لاءِ هو تيار نظر نٿا اچن. جيڪڏهن پيٽروليم شين تي وڌيڪ 40 کان 50 سيڪڙي تائين ليوي لاڳو ٿئي ٿي ته ان سان پاڻمرادو عام واهپي جي شين جا اگهه ته وڌي ويندا. جنهن کي سبسڊي چيو وڃي ٿو، اها، گهڻو طاقتور ڌرين جي ادارن، بااثر شخصيتن کي ملي ٿي، اها به چار هزار ارب رپين تائين آهي. ان جو وڏو حصو، ڏنو ته عوام جي نالي تي وڃي ٿو، پر انهن جي کيسي ۾ هلي وڃي ٿو، جيڪي پهريان ئي امير آهن. جيڪڏهن طاقتور ڌرين ۽ حڪومت ۾ اتفاق ٿئي ته اهي رعايتون ڪيئن ختم ڪجن ته ممڪن آهي، گهڻو فرق پئجي سگهي ٿو. هاڻ ته رٽائرڊ ججز ۽ ٻين، جن کي ماهوار پندرهن لکن کان وڌيڪ پينشن ۽ ٻين مدن ۾ رقم ملي ٿي، ان جي حد پنج لک رپين تائين مقرر ڪرڻ لاءِ سمري گردش ڪري رهي آهي. اهي طاقتور حلقا جيڪي انهن رعايتن جي واپسي تي متاثر ٿيندا، اهي جوابي ڪارروائي ڪهڙي ڪري سگهن ٿا؟ هي ڏسڻ جهڙي صورتحال هوندي. جيڪڏهن مستقبل قريب ۾ مني بجيٽ جو اعلان ٿي وڃي، بجلي، گيس ۽ پيٽروليم جون شيون مهانگيون ٿي وڃن ته سمجهڻ گهرجي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه تي عمل شروع ٿي ويو آهي. ان حوالي سان واشنگٽن مان ڪي اعلان به ٿي سگهن ٿا. هي خبرون به آهن ته طاقتور حلقن تي زور ڀريو پيو وڃي ته اهي پنهنجي اداري جا لڳ لاڳاپا استعمال ڪن، ٻي صورت ۾ ٻيڙي ۾ سڀ سوار آهن، نقصان رڳو عام ماڻهوءَ يا اتحادي حڪومت جو نه ٿيندو.
حڪومت لاءِ به هڪ طرف باهه ته ٻئي پاسي پاڻي آهي. جيڪڏهن عالمي ادارن جا شرط قبول نٿي ڪري ته ملڪ جو ڏيوالو ٿو نڪري، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان جي رڳو معاشي قيمت ادا نه ڪرڻي پوندي، پر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ دوران حڪمرانن کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا. هي چونڊون اصل ۾ ايندڙ ٻن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊن لاءِ به ٽرينڊ سيٽ ڪنديون. اتحادي حڪومت سمجهي ٿي ته جيڪڏهن هو سياسي يا معاشي طور ناڪام ٿيا ته عمران خان يا ڪنهن ٻئي قوت جي اقتدار ۾ اچڻ سان انهن کي وياج سميت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ڪجهه حلقا چون ٿا ته واڳ ڌڻين کي نئين ڪنگز پارٽي جي ضرورت آهي، شيخ رشيد، جيڪو جيل مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ مستقبل جي سياسي منظر نامي ۾ هوندو يا نه، پر هو پيغام مٿان پيغام موڪلي پيو ته هو ان پارٽي کي ليڊ ڪرڻ يا شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي، رڳو کيس جيئندان ڏنو وڃي. ان حوالي سان خام مال پهريان ئي موجود آهي، ان کي پهرين مرحلي ۾ پ پ يا ن ليگ ۾ ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، باقي جيڪي بچيا، انهن کي بارگيننگ لاءِ رکيو ويندو. جيڪڏهن ٻنهي اهم پارٽين ۾ انهن جي ايڊجسٽمنٽ ممڪن نٿي ٿئي ته پوءِ ڪو نئون اسٽرڪچر تيار ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ پ پ توڙي ن ليگ کي پنهنجن پنهنجن حدن تائين محدود ڪيو ويندو. واڳ ڌڻين هيل تائين جيڪي تجربا ڪيا آهن، هو ان نتيجي تي پهتل آهن ته هو ن ليگ کي ڪنهن به صورت ۾ ڳرو مينڊيٽ نه ڏيندا، پ پ کي به محدود اسپيس ڏيڻو آهي. رهي ڳالهه عمران خان جي ته ان جي ته ضمانت ئي رد آهي، نه صرف ايترو پر سندس ڪو ڪيس به وڙهڻ لاءِ تيار ناهي! عمران خان جي لک ڪوششن جي باوجود هينئر به هو طاقت جي مرڪز کان گهڻو پري بيٺو آهي. هو سمجهي ٿو ته ڪجهه حلقن کي سافٽ ڪارنر پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو، پر ان جا امڪان وڌيڪ گهٽجي رهيا آهن.
ملڪ جي اعليٰ عدالت جي جج جا هي رمارڪس”ملڪ ۾ رڳو هڪڙو ئي ايماندار وزير اعظم رهيو آهي”، انهن رمارڪس عمران خان کي فائدو ڏيڻ بدران وڌيڪ نقصان ڏنو آهي. ان سان عمران خان سمجهندو هوندو ته اعليٰ عدليا کيس ڪا وڏي ڪمپليمنيٽ ڏني آهي، پر ان سان طاقتور حلقن کي موقعو ڏنو آهي ته اهي هن خلاف وار ڪن، اتحادي حڪومت به پنهنجي ليکي، گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيندي، اتحادي حڪومت جي اهم ٿنڀ تي عمران خان جي الزامن صورتحال کي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هينئر سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ججن جي ڪوششن جي باوجود هو عمران خان کي سياسي طور ميدان ۾ بيهاري نٿا سگهن. جيڪڏهن عام چونڊون ٿي وڃن ٿيون ته عمران خان جا حال اهڙا ئي ٿي سگهن ٿا، جهڙا مڪاني چونڊن دوران ٿيا. عمران خان لاءِ مختلف سياسي پاڪيٽ ڇڏيو ويندو، جتان ويهي هو ڪجهه ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ڪي حلقا ته هي به چون ٿا ته هن ڀيري ڪي پي ڪي ۾ به صورتحال ايتري Favorable نه هوندي، جيتري پهريان هئي! ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان ڪهڙي ڌر لاءِ قبوليت جوڳو هوندو.
هينئر عمران خان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو اليڪشن ڪميشن مان آهي،جنهن بقول سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي “واحد ايماندار وزيراعظم” تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي. هن کي نااهلي واري تلوار کان بچڻو آهي. ان لاءِ فارين فنڊنگ ڪيس، خطري جي گهنٽي جيان وڄندو رهندو. ان سان گڏ هن جي پنهنجي ئي ڌيءَ ٽيريان، جنهن کي خاطر ۾ آڻيندو نه رهيو آهي ۽ هن کي اولاد جي لسٽ ۾ شامل نه ڪري عمران خان وڏو پاپ ڪيو آهي. جيئن نواز شريف کي پنهنجي ئي پٽ جي ڪمپني کان پگهار نه وٺڻ تي سياسي بنياد تي نااهل ڪيو ويو، ساڳي ڪار عمران خان سان، ان جي ڌيءَ ٽيريان ڪري سگهي ٿي. اڃان ته نيب جا ڪيسز به پينڊنگ ۾ پيل آهن، عمران خان جي ڪرمنل ڪيسز جي به ڊگهي لسٽ آهي، جنهن تي عمل ٿيڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي “واحد ايماندار” وزير اعظم جو ڇا ٿيندو؟ هي سڀ ڪجهه عام چونڊن کان پهريان ئي ٿيڻو آهي. عمران خان مائنس ٿي ويو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟ پارٽي جي سينئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي سڀني ٻڌو هوندو، جيڪو نواز شريف جي سزا تي افسوس جو اظهار ڪري رهيو هو، ان سان گڏ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي پوري کيپ آهي، جيڪا، نواز شريف جي ويجهو آهي. انهن ۾ اهڙا اڳواڻ به شامل ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي عمران خان جا غار يار آهن! هي صورتحال معمولي نوعيت جي نه هوندي. عمران خان کي وزن جي خبر پئجي ويندي. عمران خان جي وڏي ڪمزوري هي آهي ته هو جلد آپي کان نڪري وڃي ٿو ۽ هو يوٽرن ته وٺي ٿو، پر سوديبازي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳائي ٿو. سياست ۾ ڀلي اصولن کي سنڀالي پاسي واري کيسي رکجي، پر ڪٿي نه ڪٿي، سرينڊر ڪرڻو پئي ٿو!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button