هي ملڪ معاشي ۽ سياسي بحرانن مان نڪرندو يا وڌيڪ جڪڙبو ويندو اهو هڪ تفصيلي ۽ گھڻ رخو بحث آهي ملڪ جي ميڊيا جا تمام پرت اليڪٽرانڪ کان پرنٽ ميڊيا تائين هر روز انهيءَ ڳنڀيرتا تي سنجيدگي سان بحث ڪري رهيا آهن سوشل ميڊيا جو به اهو حلقو جيڪو گروهي ۽ پارٽي تنقيد يا تعصب کان هٽي ملڪ ۽ عوام جي فڪر ۾ آهي سوچي ٿو انهيءَ وٽ به اهوئي سوال آهي ته هن رياست جو ڇا ٿيندو پاڻ جڏهن ملڪ ۽ رياست جي مستقبل تي ڳالهائيندا آهيون يا بحث ڪندا آهيون ته اسان جي اڳيان وڌيڪ ملڪي مستقبل سان وابسته عوام جو مستقبل هوندو آهي ڇو ته هن ملڪ جا حڪمران ۽ خاص ڪري اشرافيا طبقي جا تمام ماڻهو (سواءِ انهن فردن جي جيڪي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن) ۽ انهن سان گڏوگڏ هن ملڪ جي ڪامورا شاهي جو مستقبل هن ملڪ کان سواءِ پوري دنيا جي اندر ڦهليل آهي هن وقت به انهن گروهن جا خاندان پوري دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ تقريبن آباد ٿيل آهن يا آباد ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهن تنهن ڪري انهن کي هن ملڪ جي مستقبل ۽ عوام جي مستقبل جي لاءِ ايترو فڪر ناهي جيترو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ سوچيندا آهن.
پاڻ جڏهن عوام جي ڳالهھ ڪندا آهيون ته اسان جي سوچڻ جو مرڪز صرف ۽ صرف عام عوام ئي هوندو آهي ۽ عام عوام جو مطلب هي ملڪ ۽ ان جو مستقبل آهي جڏهن بدحالي ۽ تڪليف مان عوام گذرندو ته انهن جو مطلب اهوئي آهي ته هي ملڪ ئي گذري رهيو آهي حڪمران ٽولو جيڪو پنهنجي اقتدار ۽ استحصال کي هر روز مضبوط کان مضبوط ڪندي رياست جا ادارا ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي هڪ خاص حڪمت عملي ۽ ڏانءُ جو ماهر ٿي چڪو آهي انهيءَ جي لاءِ عام عوام ته ايتري معنيٰ به نٿو رکي جيتري شطرنج جي رانديگرن جي لاءِ بساط تي پيادين جي هوندي آهي هن ملڪ جي پوري تاريخ ۾ عوام سان ويڌن اها رهي آهي ته جنهن سياسي اشرافيا جي حڪومت قائم ٿي ٿئي يا قائم ڪرائي وئي آهي انهيءَ ايندي ئي سڀ کان پهريان ماضي جي حڪومتن تي تنقيد ڪندي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي بدحالي ۽ عدم استحڪام جو هڪ ڊگھو وائٽ پيپر جاري ڪيو آهي ۽ پوءِ ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ عالمي ادارن کان وٺي هن ملڪ جي آڙي ڪاپ معاشي ماهرن جي گيم شروع ڪئي ويندي آهي ۽ عوام تي هڪ طرف مهانگائي جي سونامي آندي ويندي آهي ۽ ٻئي طرف ملڪي معيشت جا معصومانه دليل ڏيندي عالمي ادارن کان قرض در قرض وٺڻ جي راهھ هموار ڪندا آهن هاڻي ته صورتحال اها ٿي وئي آهي ته عالمي مالياتي ادارا قرضن کان پهريان پنهنجون سخت پاليسيون ڏيندي پوري رياست کي پنهنجي رموٽ ڪنٽرول تي هلائي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف ملڪ جا اسيڊيس وڪڻڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌائي رهيا آهن ائين ئي ٿيندو هر عياش قرضي جو حشر ٽپڙن ۽ نيلامي کان سواءِ ڪجھه به ناهي ٿيندو.
موجوده اتحادي حڪومت جيڪا پاڻ کي معاشي آڙيڪاپ چئي رهي هئي ان ايندي ئي ستن مهينن ۾ ٻي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو جھرلو ڦيرايو آهي 60 کان 70 ارب اوڳاڙيا ويندا پاڻ هي باآساني سمجھون ٿا ته ڪهڙيون به ٽيڪس لڳن ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪهڙا به دليل ڏنا وڃن ته وڌيڪ اوڳاڙي لگزري سامان تي ٽيڪس لڳائي ورتي ويندي توڙي جو اسان جي پياري وزير خزانا ڊار صاحب صاف لفظن ۾ چيو ته کاڄرو تيل، صابڻ، ميڪ اپ، شيمپو، ٽٿ پيسٽ، ڪمپوٽر، ليپ ٽاپ، ٻارن جا رانديڪا ڪا شيءَ ٽيڪس جي سونامي کان نه بچندي انهيءَ کان علاوه پيٽرول 22 روپيه، ڊيزل 17 روپيه مهانگي ٿيڻ سان گڏ سيمنٽ جي قيمت ۾ به ٽيڪس لڳڻ ڪري اضافو ٿي ويو آهي اسان جي معصوم اشرافيا ۽ هي حڪمران ڪهڙا به دليل ڏين ته وڌيڪ ٽيڪس لگزري شين تي لڳندي پر اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته عام شين يا لگزري شين تي جيڪا به ٽيڪس لڳندي آهي انهيءَ جو سڌو سنئون بار يا وصولي عام عوام کان ڪئي ويندي آهي. جيئن ڪنهن دوڪان جي سجاوٽ ۽ بجلي جي بلن يا سيل مين جا خرچ وغيره به وڪرو ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن اهڙي طرح سرمائيدار طبقو جيڪي به لگزري شيون استعمال ڪندو آهي انهن جي وصولي هو پنهنجي پيداواري ذريعن جي يعني سامان جي قيمتن مان وصول ڪندو آهي.
دنيا جي انهن ٿورڙن ملڪن ۾ اسان جو پيارو ملڪ به شامل آهي جتي مينيوفيڪچرنگ جي قيمت ۽ مارڪيٽ جي قيمت ۾ ڪڏهن به نه توازن رهيو آهي نه وري ڪنهن حڪومت کي اها ڄاڻ آهي ته ڪيتري جي شيءَ مارڪيٽ ۾ ڪيتري منافعي تي وڪامي رهي آهي اهو اعتراف عمران خان پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ خود پنهنجي بيان ۾ ڪيو هو ته اسان کي قيمتن ۾ توازن رکڻ گھرجي عام ماڻهو واپارين ۽ دوڪاندارن جي هٿان بري طرح ڦرجي رهيو آهي اها حڪمراني رڳو عمران خان جي دور ۾ نه پر هن ملڪ جي مني صدي ۾ مسلسل رڳو رهندي ناهي آئي پر خير ۽ برڪت سان ترقي به ڪندي ٿي رهي يعني ٻين لفظن ۾ هي رياست استحصالي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ منافعا خورن، ڦرلٽ ڪندڙ مافيائن جي لاءِ هڪ جنت جو درجو رکي ٿي ته غلط نه ٿيندو معاملو رڳو اتي ناهي پر عام ماڻهو جي زندگي ٻٽي عذاب مان گذري پئي هڪ عذاب مهانگائي ۽ معيشت جو ۽ ٻيو عذاب عام عوام جي لاءِ هن رياست جي ادارن جو رياست جو ڪهڙو ادارو آهي جيڪو عام ماڻهن جي حقن جو تحفظ ٿو ڪري ٿاڻو دهشت جي علامت بڻيل آهي، اسپتالون عذاب گھر، تعليم لٽ مار ۽ ڦرمار جا بي لغام ادارا ريونيو ڊپارٽمينٽ جي اندر جيڪڏهن جھاتي پائي ڏسنداسين ته تپيدار کان مختيارڪار، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر واءِ سراءِ بڻيل گھمندا ٿا وتن مٿين ڪامورن جو ته ذڪر ئي ڪهڙو هاڻي جڏهن عام عوام کي ان جا جائز آئيني ۽ قانوني حق رياست جا ادارا پنهنجي اختيارن ۽ طاقت جي ڏيڻ جي باوجود نه ڏين معمولي کان معمولي سروس سفارش ۽ رشوت کان سواءِ نه ملي عام ماڻهو لاءِ امن صرف هڪ خواب جي ڪيفيت مثل هجي هر پورهيت سڄي ڏينهن دربدرائي ۽ استحصال مان گذرڻ کان پوءِ رات جا چار پهر به سڪون جي ننڊ نه ڪري سگھي گھر ۾ پراڻن ڪپڙن استعمال جي ٿانون جي به چوري جو خطرو رهي ته ان جي زندگي ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي.
اوهان ڪنهن به ڳوٺ ۾ وڃون خاص ڪري سنڌ ۾ ته ٻهراڙي جا عام ماڻهو زمينن تي پورهئي ڪرڻ يا شهرن مزدوري ڪرڻ کان پوءِ پوري رات پنهجي گھرن ۾ هڪ اڌ جانور جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ چوڪيداري ۾ گذاريندا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي عدالتن جي مرحلن مان گذرڻ جو اتفاق ٿو ٿئي ته هو جيڪا خواري ۽ دربدرائي انصاف جي حاصلات لاءِ ڀوڳن ٿا ته ماڻهو پنهنجي پاڻ کي هڪ اهڙي دور ۾ تصور ٿو ڪري جتي غريب مسڪين ۽ عام ماڻهو لاءِ ٺوڪرن دربدراين ۽ ذلتن کان سواءِ ڪجھه به ناهي پاڻ هي سوال هن رياست جي ادارن ۽ معتبر سياستدانن کان ڪيون ٿا ته ڇا هڪ اهڙو ادارو هن ملڪ ۾ اها دعويٰ ڪري سگھي ٿو ته هو عوام کي سهولت جي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو فرض نڀائي ٿو هاڻي جڏهن رياست جا ادارا پنهنجي فرض شناسي عوام جي لاءِ پوري نه ڪن ته ٻيو فرض سياسي پارٽين جو هجي ٿو ته اهي عوام جي انهيءَ حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ليڪن انهي جي ابتڙ تمام حڪمراني جي صفن ۾ شامل ٿيندڙ سياسي پارٽيون عوام مخالف ڪردار ۾ اڻ سڌي طرح سان استحصالي ڪردارن ۽ ادارن جي ٻانهن ٻيلي ٿيل نظر اينديون، اهوئي سبب آهي جو هن بدترين معاشي بدحالي واري دور ۾ حڪمران يا اپوزيشن ڪنهن به جماعت وٽ پارٽي پروگرام يعني مينيفيسٽو معاشي لحاظ کان ناهي سڀني وٽ هڪ ٻئي جي لاءِ تنقيد ۽ گارين جو مينيفيسٽو ۽ الزامن جو ڀانڊار ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ايندو تنهن ڪري هي سوال لازمي طرح اڳيان ايندو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ معاشي بدحالي آهي ۽ انهيءَ جا ڪهڙا به سبب آهن عام ماڻهو کي ڪو رليف نٿو ملي سگھي پر جيڪي رياست جا ادارا عوام جي سروس ڏيڻ جي لاءِ آهن جن جو تفصيل سان ذڪر پاڻ مٿي ڪري آيا آهيون ڇا اهي پنهنجو فرض نٿا ادا ڪري سگھن؟ جواب آساني سان اهوئي حالتون ڏئي رهيون آهن ته هن رياست تي قابض ٽولا عام ماڻهو جي بهتري جي لاءِ سوچڻ به پنهنجي بي عزتي تصور ڪندا آهن ۽ سوچيندي به کين ڪوفت ٿيندي آهي تنهن ڪري عام ماڻهو هن رياست ۾ پنهنجي زندگي ڪيئن گذاريندو ۽ هن جو مستقبل ڪهڙو هوندو انهيءَ پيڙا ۽ عذاب ۾ هر فرد ڀوڳي ٿو ۽ پنهنجي مستقبل جي لاءِ سواليا نشان هنن جي اڳيان آهي.