رانديون

پي ايس ايل 8 جا ميچ شيڊول تحت جاري رکڻ جو فيصلو

پي سي بي ۽ پي ايس ايل فرنچائيز جي مالڪن پي ايس ايل 8 جا ميچ شيڊول تحت جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪراچي ۾ رٿيل ميچ پنهنجي شيڊول تحت ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس تي حملي بعد پي سي بي اختيارين ۽ پي ايس ايل فرنچائيزن جي مالڪن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين صورتحال کي سامهون رکي فيصلا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب پي ايس ايل 8 کي جاري رکڻ بابت فرنچائيز مالڪن ۽ پي سي بي اختيارين گڏجي فيصلو ورتو آهي. جڏهن تھ فيصلي ۾ چيو ويو آهي تھ پي ايس ايل جا ڪراچي ۾ رٿيل ميچ بھ شيڊول تحت ڪرايا ويندا، ڇوتھ هن واقعي جو ليگ سان تعلق ناهي، رانديگرن کي اڳ ئي اسٽاف ليول جي سڪيورٽي فراهم آهي.

پي سي بي جو سربراهه نجم سيٺي

هوڏانهن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي تھ دهشتگردن جي حملي باوجود پي ايس ايل کي ڪو خطرو ناهي ۽ ميچ پروگرام موجب جاري رهندا. هن چيو تھ اسين سنڌ حڪومت جي غيرمعمولي سهڪار تي ٿورائتا آهيون. مون وزيراعظم شهباز شريف کي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بحالي جو چيو هو، ڇوتھ پي سي بي ڇڏڻ وقت مان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڪم ڪري رهيو هئس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button