ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غيرمحفوظ بجليءَ جون تارون

Editorial

سنڌ جو عوام ڪٿي به محفوظ ڪونهي، اهو ڪڏهن روڊ حادثي ۾ مري ٿو وڃي، ڪڏهن ڪنهن دهشتگرديءَ جي واقعي جو کاڄ ٿو ٿئي ته ڪڏهن وري ان جي مٿان بجليءَ جون تارون ڪري پونديون آهن ۽ نتيجي ۾ ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت ان جي زندگي سدائين داءُ تي لڳي پئي هوندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي پر انهن سبب ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي، جيڪي موت جو ڪارڻ ٿيندا آهن. سنڌ ۾ بجليءَ جي تارن ۾ ڪڏهن مال وچڙي مرندو آهي ته ڪڏهن وري ماڻهن جي مٿان تارون ڪرنديون آهن. پر ڪڏهن به اها ڪوشش ڪونه ڪئي وئي آهي ته انهن تارن کي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن اهي ماڻهن تي اوچتو نه ڪري سگهن. سنڌ ۾ ان نوعيت جا ڪيترائي واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهندا آهن، پر ڪڏهن به ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي ته انهن واقعن کان ڪيئن بچجي يا وري ڪهڙي ريت ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇاڪاڻ ته بجليءَ جي تارن جو ڪم ماڻهن جي مٿان ڪري انهن جي حياتي کسڻ ڪونهي پر انهن جو ڪم بجلي پهچائڻ آهي. ڪالهه هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب 11 هزار وولٽ بجليءَ جون تارون ڪرڻ سبب ٻه نينگريون فوت ٿي ويون.
خبر موجب شاهپورجهانيان ڀرسان ڳوٺ ارباب ماڇي ۾ 11 هزار وولٽ بجلي جون تارون گهر ٻاهران راند کيڏندڙ ٻارن مٿان ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه معصوم نينگريون 6 سالن جي عليزا ۽ پنجن سالن جي جانان ماڇي فوت ٿي ويون. جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽي معصوم ٻارڙا ايان علي، خالده ۽ ناياب سولنگي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو. ٻئي طرف ڊاڪٽرن نينگرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن زخمي ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن فوتي نينگرين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. سندن مائرن کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا. ان موقعي تي فوتي نينگري عليزا ماڇي جي پي علي غلام ماڇي ۽ فوتي نينگري جانان جي پي زاهد ماڇي ٻڌايو ته اسان جي گهرن وٽان گذرندڙ 11 هزار بجلي جون تارون ڪمزور ٿي ويون هيون، جنهن بابت اسان واپڊا اختيارين کي شڪايتون ڪيون پر اختيارين نوٽيس نه ورتو، جنهن ڪري واقعو پيش آيو آهي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته گهرن وٽان بجليءَ جون تارون هٽايون وڃن. گهرن جي مٿان گذرندڙ بجلي جون تارون انهن ماڻهن لاءِ بنهه گهڻيون خطرناڪ آهن، جيڪي سالن کان ڪٿي پنهنجو گهر اڏي ويٺا آهن يا ڪابه آبادي اتي رهي پئي. اهي تارون پراڻيون ٿيڻ يا انهن جي سار سنڀال نه لهڻ ڪري اهي ايتريون ته ڪمزور ٿي وينديون آهن، جو هيٺ ڪرندي دير ڪونه ڪنديون آهن، تنهنڪري اهو ڪم بجلي اختيارين جو آهي ته اهي انهن تارن کي وڌيڪ محفوظ ڪيئن ٿيون بڻائين جو ماڻهن جي مٿان ڪري موت جو سبب نه ٿين. پر هي ڪو پهريون واقعو ڪونهي، ان کان اڳ به ڪيترائي واقعا ٿيندا رهيا آهن، جن جي ڪري ماڻهن کي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو آهي. جن جا معصوم ٻار ٿوري غفلت جي ڪري بجليءَ جي تارن ۾ اچي مري ويا آهن، انهن جي گهر وارن جي ڪهڙي حالت هوندي، اهو اندازو ته لڳائي سگهجي ٿو پر انهن جي ڏک کي محسوس نٿو ڪري سگهجي.
اسين سمجهون ٿا ته سڄي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هاءِ وولٽيج واريون تارون بنا ڪنهن سار سنڀال جي لڙڪي رهيون آهن ۽ انهن جي هيٺان روزمره جي زندگيءَ جا ڪاروهنوار هلندا رهندا آهن. پر ڪڏهن به لاڳاپيل اختيارين انهن کي مضبوط ڪرڻ يا بهتر ڪرڻ جو ڪم ڪونه ڪيو آهي، نتيجي ۾ بي گناهه ماڻهو مري رهيا آهن ۽ انهن جو ڪو داد فرياد به ڪونهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن تارن کي محفوظ بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button