پاڪستان

اشرافيا تي به ٽيڪس لڳڻ گهرجي،ملڪ ۾ ٻٽو نظام نه هلندو: بلاول ڀٽو

پرڏيهي معاملن جي وزير ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حڪومت کان اشرافيا تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اشرافيا تي به ٽيڪس لڳڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٻٽو نظام نه هلندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته آ ايم ايف جو ٻوجهه غريب عوام تي وڌو وڃي ته اهو غلط هوندو ۽ اسان لا به ڏاڍو ڏکيو هوندو. هن کان گهر ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا آ ايم ايف جو بار امير طبقي ۽ اشرافيا تي به پوي، حڪومت کي اشرافيا تي به ٽيڪس لڳائڻ گهرجي، جتان ٽيڪس وصول نٿو ٿئي حڪومت اتي ڪو نه ڪو دٻا وجهي، ارڙهين ترميم کانپو ڪيترائي اهڙا وفاقي ادارا آهن جيڪي ختم ٿي چڪا آهن ۽ اهڙن ادارن جو اڃا تائين قائم غير آئيني آهي، اهي ادارا ملڪ جي معيشت تي بار آهن ۽ اسان چاهيون ٿا ته سڌارن جو عمل اتان کان ئي شروع ٿئي. ٻئي طرف ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر امارات اسلاميا افغانستان کي خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان پنهنجي زمين تان عسڪريت پسند گروپن جو مقابلو ڪرڻ جو مظاهرو نه ڪيو ته دهشتگردي کي پاڪستان کان ٻاهرين جاين تي پهچڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري عالمي برادري کي افغانستان مان دهشتگردي ڦهلجڻ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان جي سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جو خطرو اهم مسئلو آهي، افغانستان کان ٻاهر به هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگرد تنظيمن جو وڏو انگ موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button