ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مياڻي جي تاريخي ماڳ تي هڪ ڏينهن

Editorial-Article- Ghulam Hussain

مياڻي يادگار ڪميٽي ۽ سنڌ پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران 17 فيبروري 1843ع واري مياڻي جنگ جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لا حيدرآباد لڳ واڻڪي وسي ۾ شهيدن جي ماڳ تي سندن 190 هين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لحاظ کان هڪ ڏهاڙو هن عظيم ماڳ جي مٽي تي گذريو. هن موقعي تي تحريڪ ۽ يادگار ڪميٽي جي اڳواڻن نثار لغاري، مجيد ملاح، محب علي لغاري، فقير غلام شبير لغاري، ليکڪ صحافي غلام حسين لغاري ۽ ٻين فرنگي انگريزن جي لشڪر ۽ ان جي جنرل چارلس نيپئير سان مهاڏو اٽڪائيندڙ شهيد سنڌي جنرل مير جان محمد ٽالپر جي مزار تي سنڌي اجرڪ چاڙهيو ويو، گلاب جا گل رکيا ويا، فاتح پڙهي، ڏيئا ٻاري سلامي پيش ڪري کيس ڀيٽا ڏني وئي. هن موقعي تي هڪ سادي تقريب پڻ منعقد ٿي جنهن ۾ مياڻي واري جنگ جي تاريخ بابت ڳالهايو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته هن تقريب کي هر سال سرڪاري سطح تي منعقد ڪيو وڃي.
تقريب جي پڄاڻي تي ڪجهه ٺهراءُ پيش ڪري منظور ڪيا ويا، جن ۾ مطالبا ڪيا ويا ته مياڻي جنگ بابت ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن جي آگاهي لا موجوده ماڳ ۽ مياڻي واري جنگ جي ڄاڻ نصاب ۾ شامل ڪئي وڃي. شهيدن جو يادگار ٺهرايو وڃي. تاريخي ماڳ تي ٿيندڙ والار ختم ڪرائي شهيدن جي قبرن جو تقدس بحال رکيو وڃي ۽ قبرن کي وڌيڪ ڪنهن نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي. قومي شاهراه کان شهيدن جي ماڳ تائين پڪو روڊ ٺهرايو وڃي ۽ قومي شاهراه وٽ سائن بورڊ لڳايو وڃي ته جيئن سياحن، تاريخدانن، محققن ۽ عام ماڻهو جي رسائي ممڪن ٿي سگهي. سمورن گمنام شهيدن جي قبرن ۽ مسجد جي نئين سر مرمت ڪري اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.
مياڻي توڙي دٻي واري جنگ جي تاريخ سنڌ جي سلامتي ۽ بقا جو هڪ حصو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ مٽجڻ نه ڏنو وڃي. هتي هن ماڳ تي لڳ ڀڳ ڇهه هزار جنگجو شهيد ٿيا هئا، جن سنڌ جي بقا لا فرنگين سان ويڙهه ڪئي هئي. فرنگين مياڻي جنگ کٽي ڪري ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ تي قابض رهيا پر بعد ۾ حر ۽ ٻين تحريڪن فرنگين کي سنڌ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ڪوٽ سبزل عمرڪوٽ، ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌ جو ٻيهر حصو بڻيا ۽ سنڌ اصلي حالت ۾ بحال ٿي. انگريز فرنگي چارلس نيپيئر به پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته سنڌ ۾ کين وڏي مزاحمت سان منهن ڏيڻو پيو هو. سنڌي جنگجو زخمي حالت ۾ هوندي به پنهنجي جنگي مهارت سان فرنگين جون تلوارن سان سسيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ۽ بنا ڊپ ڊا جي مقابلو ڪندا رهيا.
تاريخدان ۽ محقق چون ٿا ته جيڪڏهن دٻي ۽ مياڻي جي جنگين ۾ پنهنجن جي سازش نه ٿئي ها ته چارلس نيپيئر به مياڻي ٻيلي ۾ دفن هجي ها. هونئن به سنڌ جي دٻي ۽ مياڻي جي جنگين کي وڏي اهيت حاصل آهي، جن ۾ جرنيل هوش محمد شيدي ۽ جان محمد ٽالپر جهڙن جرنيلن فرنگين کي ٽوٽا چٻايا هئا پر بدقسمتي اها رهي جو وڏي خوني جنگ جنهن هزارن جي انگ ۾ سنڌي جوڌا شهيد ٿيا هئا پر پو به سنڌ عارضي طور فرنگين جي قبضي هيٺ هلي وئي. سنڌ جي هنن جنگين بابت سنڌ جو موجوده نسل اڻ ڄاڻ آهي، جنهن کي ماضي جي تاريخ کان آگاهه ڪرڻ سنڌ جي تاريخدانن محققن، سياسي قيادت ۽ سنڌ سرڪار آئني قانوني ۽ اخلاقي فرض آهي.
مياڻي جنگ جنهن هنڌ تي وڙهي وئي هئي، اتي ان ديهه ۾ هزارين زمين هئي، جيڪا هن وقت ٻيلي کاتي جي حوالي آهي. ڪجهه زمين ٻيلي کاتي جي قبضي هيٺ آهي، جڏهن ته زمين جو وڏو حصو ماضي ۾ ڪامورڪي ۽ وڏيرڪي سازش هيٺ مقامي ماڻهن بدران ٻاهرين بااثر ماڻهن کي ليز ۽ مستقل بنيادن تحت حوالي ڪئي وئي آهي ۽ زمينن جا کاتا به بدنيتي جي بنيادن تحت بدلجي چڪا آهن. زمينن تي قبضا ٿيڻ ڪري ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو مياڻي واري جنگ جي ميدان وارا وارث ۽ ماڳ مٽجي چڪا آهن. فقط ئي فقط انگريزن جا يادگار ۽ مياڻي جي شهيدن جون ايڪڙ ٻيڪڙ قبرون ۽ هڪ جهريل حالت ۾ ان دور جي هڪ مسجد باقي بچيل آهي. شهيدن جي مسجد ۽ قبرستان جي 16 ايڪڙ زمين ٿيندي جيڪا به انگريز فرنگين جي روحن جي والار هيٺ آهي.
قبرستان ۾ گمنام شهيدن جون به وڏي انگ ۾ الڳ الڳ توڙي اجتماعي قبرون هيون، جيڪي پڻ ميسارجي چڪيون آهن، جن جو هن وقت ڪو به نالو نشان ناهي رهيو. جيڪڏهن اڄ به سجاڳي نه ٿي يا ڪو تحرڪ نه ورتو ويو ته اهي به ميسارجي وينديون جيڪو سنڌ جي تاريخ سان هڪ انتهائي وڏو الميو هوندو. هن وقت اوائلي قبرستان وڃي ڪجهه ميٽر بچيو آهي جنهن کي به ڪا چوديواري ناهي جنهن جي ڪا به مالڪي نه ٿيڻ ڪري قبرون گندگاهن سان ڍڪجي ويون آهن. شهيدن جي ورسي واري ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن اڳ مقامي ماڻهن ۽ نوجوانن اهو گند گاهه پنهنجي سر پاڻ صاف ڪيو. مير جان محمد ٽالپر جرنيل جي قبر به جهري پئي آهي جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ مقبرو هجڻ گهرجي ها. ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتن جي اها بي حسي ڏسڻ وٽان ملي جو تاريخي مسجد به لاوارث نظر آئي جيڪا به ميسارجڻ جي ويجهو آهي، جنهن جي حفاظت لاءِ به ڪو چوڪيدار يا ملازم مقرر ناهي. مسجد جا در به ناهن، ٿنڀ به ڪرڻ جي ويجهو آهن. خدا جي هن گهر ۾ هاڻ ته نماز به نٿي ٿئي جو اها محفوظ ناهي رهي.
اها ڳالهه به ٻڌڻ آئي ته مقامي ماڻهن خواهه سياحن کي هن ماڳ تي جنن ديون جي موجودگيءَ جو ڊپ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ڪو به هن علائقي ۾ داخل ٿي نه سگهي. جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. ڀر پاسي فصل ٿين ٿا باغ آهي. ماڻهن جو گذر به ٿئي ٿو. اسان جنهن مهل اتي پهتا هئاسين ته مسجد سنسان هئي فقط محب علي لغاري اڪيلي سر مسجد اندر رليون وڇائي ويٺو هو.
هن ماڳ کان ٿورو پريان جنگ ۾ مارجي ويل فرنگين جون قبرون ۽ يادگار آهن پر سنڌي جرنيل مير جان محمد ٽالپر ۽ ٻين شهيدن جو ڪو به يادگار ٺهيل ناهي. ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ سنڌ جو ثقافت ۽ آرڪيالاجي وارو کاتو سنڌ جي تاريخ کي مٽائڻ جي سازش ۾ رڌل آهي جنهن ڪڏهن به هتي پهچي ماڳ جي ڪا مالڪي ناهي ڪئي. شايد ثقافت وارو وزير سائين سردار علي شاهه به هن ماڳ کان لا علم يا آهي يا علم هوندي به هن ماڳ جي مالڪي ڪرڻ کان قاصر آهي. ثقافت کاتي پاران 2014ع ۾ ڏيکاءُ خاطر معمولي ڪم ڪرائي معيار لاٿي وئي پر وڌيڪ مالڪي کان ٺپ خاموش آهي. سڌ جي تاريخ ئي سنڌ جي بقا آهي، جنهن جي مالڪي ٿيڻ گهرجي. ثقافت کاتو ڇڏيو پر سنڌ جا سوين ٽالپر خاندان ماني مڇي وارا آهن، وزارتن ۽ وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي فائز آهن پر انهن به ڪڏهن هن طرف لڙي ناهن پهتا جو پنهنجي شهيدن جي ورثن جي ڪا مالڪي ڪن.
ٽنڊوڄام جي ڪجهه ٽالپرن جون اسي واري ڏهاڪي جون قبرون نظر مان گذريون جنهن کان پوءِ انهن به هتي اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن مان محسوس ٿيو ته انهن به مالڪي ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي جو ڌاريا پيا هاڻ والار ڪن. بهرحال مير ۽ ٽالپر ڪن يا نه اها الڳ ڳالهه آهي. هي ورثو ۽ ماڳ سنڌ جي قومي ملڪيت ۽ ماڳ آهن جنهن جي مالڪي ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن سان گڏ پر سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ سرڪار جو قومي اخلاقي ۽ آئيني فرض آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا هڪ ٺهراءُ پيش ڪري سنڌ جي هن ماڳ کي تاريخي ورثو قرار ڏياري ان جي حفاظت سان گڏ ان جي مستقل مالڪي ڪن ته جيئن سنڌ کي ميسارجڻ جي ڪير به جرئت نه ڪري.
هن موقعي تي منعقد ڪيل هڪ تقريب کي قومپرست سرواڻ نثار لغاري، فشر فوڪ فورم جي مجيد ملاح ۽ ليکڪ غلام حسين لغاري پنهنجي مخصتر خطاب ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هن ماڳ جي مالڪي ڪرڻ ۽ ان جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ايندڙ سال هن ماڳ تي تاريخي ميڙاڪو منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪبي، جنهن ۾ ناليوارن تاريخدانن، محققن، ليکڪن ۽ صحافين کي دعوت ڏني ويندي ته جيئن هن ماڳ جي اهميت اجاڳر ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن سان به رابطا ڪري مياڻي جنگ واري شهيدن جي ماڳ تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button