ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دهشتگرديءَ جون لڳاتار ڪارروايون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

2014ع ۾ جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪري معصوم ٻارن ۽ استادن کي قتل ڪري ڇڏيو هو ته ان وقت دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ويو هو. هر قسم جي دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو. تڏهن ئي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو. پر نه ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿي سگهي ۽ نه ئي اي پي ايس جي ذميوارين کي سزا ملي سگهي. ملڪ ۾دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ گهٽتائي ته ٿئي ٿي پر اها ختم نه ٿي سگهي ۽ شايد ختم ٿي به نه سگهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي حوالي سان مجموعي طور اسان جي رياست جو رويو غيرسنجيده نظر اچي ٿو.

ڪجهه عرصي کان دهشتگرد پوليس ٿاڻن تي حملا ڪري رهيا آهن. انهن حملن جي شروعات اترين علائقن ۽ ڪي پي ڪي مان ٿي، هاڻ اهي حملا ڪراچي تائين پهچي چڪا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد ۽ زخمي به ٿيا آهن. ائين ڪونهي ته اهو سلسلو اتي بيهي رهندو پر اهو هلندو رهندو ۽ اهو ان ڪري به ايترو تڪڙو نٿو رڪجي سگهي ڇاڪاڻ ته افغانستان جي صورتحال پاڪستان جي حق ۾ ناهي.
ماضي ۾ جن کي اسان جا سياستدان ۽ اصل حاڪم ڀٽڪي ويل ڀائر ۽ هيرو سڏيندا رهيا آهن. اهي ئي هڪ ڀيرو وري سرگرم ٿي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکڙي رهيا آهن. افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، ممڪن آهي ته آمريڪا جي ڪنهن گيم پلان جو حصو هجي پر ڇا اسين مڪمل طور انهن دهشتگردن مان جان ڇڏائڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪي ملڪ جو امن ڏهاڪن کان خراب ڪندا اچن ۽ انهن جي آڏو اسان سان سيڪيورٽي ادارا به بيوس لڳا پيا آهن. افغانستان ۾ هن وقت طالبان جي حڪومت آهي. طالبان جي ڊپلوميسيءَ جو رويو دنيا جي ٻين ملڪن سان الڳ ۽ پاڪستان سان الڳ آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان انهن جو حمايتي رهيو آهي پر هاڻ اهو وقت ناهي رهيو جو افغانستان کي ملڪ جو پنجون صوبو سمجهيو وڃي ۽ اتي اهو ڪجهه ئي ٿئي جيڪو ماضي ۾ ٿيندو آيو آهي. هن وقت نه سوويت يونين آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا لکين ڊالر ڏئي ۽ اهڙا ويڙهاڪ پيدا ڪري جيڪي دنيا لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿين. پر جيئن ته طالبان هاڻ پاڻ هڪ الڳ طاقت آهن، اهي افغانستان جا رياستي معاملا هلائي رهيا آهن، تنهنڪري اهي پنهنجا وسيلا پاڻ ڪتب آڻي ڪٿي به دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري سگهن ٿا. پاڪستان انهن جي ڪاررواين جو وڌيڪ نشانو بڻجي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ جيڪو حملو ٿيو آهي، ان تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن جو ذڪر ڪالهوڪي خبر ۾ ڪجهه هن ريت آهي. ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. آپريشن ۾ مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. خبر موجب ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪي پي او حملي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي سربراهي ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ ڪندو. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ زون عرفان علي بلوچ ۽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي محمد ڪريم خان شامل آهن. ان کانسواءِ ايس ايس پي آپريشنز سي ٽي ڊي ڪراچي طارق نواز ۽ انچارج سي ٽي ڊي ڊي ايس پي راجا عمر خطاب به جاچ ڪميٽيءَ جو حصو هوندا. 5 رڪني ڪميٽي ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيل حملي جي جاچ ۽ انڪوائري ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي چيئرمين معاملي جي جاچ لاءِ وڌيڪ ميمبر پڻ شامل ڪري سگهي ٿو.
هوڏانهن ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد زالا نور جو تعلق اتر وزيرستان سان هو، سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪفايت الله جو تعلق لڪي مروت سان هو ۽ ٽئين دهشتگرد مجيد جو تعلق دتاخيل سان هو. ٽنهي دهشتگردن ڪراچي پوليس آفيس ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. دهشتگردن سان دليراڻي ويڙهه ڪندي پوليس جا 2 جوان ۽ رينجرز جو سب انسپيڪٽر به شهيد ٿيا، شهيدن ۾ رينجرز جو سب انسپيڪٽر تيمور، لاڙڪاڻي واسي پوليس اهلڪار غلام عباس، لفٽ آپريٽر سعيد ۽ صفائي ڪندڙ ملازم اجمل مسيح شامل آهن. دهشتگردن سان ويڙهه دوران ڊي ايس پي عبدالرزاق سميت 20 ڄڻا زخمي ٿيا، هڪ دهشتگرد کي عمارت جِي چوٿين ماڙ ۽ ٻن دهشتگردن کي عمارت جِي ڇت تي ماريو ويو. دهشتگردن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جو سهارو به ورتو ويو، بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. هوڏانهن ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ جاچ ۾ سيڪيورٽي ڪوتاهي جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پوليس لائين صدر ڪوارٽرز ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪوبه سيڪيورٽي گيٽ موجود ئي ناهي ۽ 3 چوڪيون قائم آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس لائين ۾ پوليس اهلڪارن جا گهرڀاتي رهندڙ آهن، گذريل ڏينهن حملي وقت قائم ٽنهي چوڪين ۾ ڪوبه اهلڪار موجود نه هو. ذريعن موجب دهشتگرد ڪراچي پوليس هيڊڪوارٽر جي پوئين ڀت جون ڪنڊيدار تارون ٽوڙي داخل ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي او جي مرڪزي روڊ تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳل ناهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد جنهن گاڏيءَ ۾ سوار ٿي پهتا اها به صدر ٿاڻي ۾ موجود آهي جنهن مان به شاهديون حاصل ڪيون ويون آهن. ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 19 زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته ٽئي دهشتگرد ماريا ويا هئا.
ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿي وڃڻ يا ڪو وڏو واقعو ٿي وڃي ته ان لاءِ ترت ڪا نه ڪا ڪميٽي قائم ڪئي ويندي آهي، جيڪا ان ڳالهه جو اهڃاڻ هوندي آهي ته جيئن ته اسين دهشتگرديءَ جا ڪا ڪارروائي روڪي ڪونه سگهياسين، تنهنڪري هاڻ خبر پوندي ته اصل ۾ اهو حملو ٿيو ڪيئن هو. پر ان سان ڇا ٿيندو؟ جيڪو نقصان ٿيڻو هو، اهو ته ٿي ويو. هر حملي ۽ نقصان کان پوءِ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته نقصان ان کان وڌيڪ ٿي پئي سگهيو پر شڪر آهي جو ڪونه ٿيو. اهي سڀ ڳالهيون ڪبوتر وانگر ٻليءَ کي ڏسي اکيون پورڻ برابر آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪو ملڪ اها دعوا ڪندو هجي ته ان جا سيڪيورٽي ادارا ايترا ته تيز ۽ چالاڪ آهن جو اهي ڪنهن به سازش کي ناڪام بڻائي سگهن ٿا پر جڏهن هن قسم جا واقعا ٿين ٿا ته خبر پوي ٿي اسان جا ادارا ۽ عوام ڪيترو نه سيڪيورٽي رسڪ تي هلي رهيا آهن.
جڏهن سيڪيورٽي رسڪ وڌي ويندو آهي ته دهشتگرديءَ جون ڪارروايون به وڌي وينديون آهن، نتيجي ۾ هن وقت جيڪا پاڪستان جي صورتحال آهي، ان ۾ معاشي بحران کان وٺي دهشتگرديءَ جي ڪاررواين تائين جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به ريت ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ ڪونهي. جڏهن ته هاڻ حڪومت به اهي ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button