ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين دنگل جي تياري،حڪومت ۽ جج آمهون سامهون

Editorial-Article- Allahbux Rathor

ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعي سموري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، پوليس چيف جي آفيس تي حملي ۽ ان ۾ جاني نقصان جا پيرا اوڏانهن ئي ويا، جن کي عمران خان پنهنجي دور ۾ افغانستان مان واپس گهرائي، نه فقط انهن جا ڪيس ختم ڪيا، پر صدر عارف علوي کين عام معافي به ڏني. هي ڪي ٻه چار ماڻهو نه هئا، پر انهن جو انگ ٽيهن کان پنجٽيهن هزارن تائين هو. هاڻ پشاور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن جيترا به حملا ڪيا آهن، انهن ۾ اهي ساڳيا ماڻهو ملوث آهن،جن کي اڳوڻن حڪمرانن آفيسون کولي سياست ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ساڳيا ماڻهو آهن، جيڪي آپگهاتي بمبار به آهن، دهشتگردي جي اڻ ڳڻين وارداتن ۾ ملوث به آهن ۽ انهن کي خاص مقصد تحت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچايو ويو آهي، ان جي باوجود عدليا کان وٺي عمران خان تائين سڀ هڪ پيج تي آهن ۽ چونڊن جا مطالبا ڪري رهيا آهن. ان تي ٻه رايا ناهن ته آئين ۾ ڏنل وقت اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن. پر جيتري مشڪري عمران خان چونڊن کي بڻايو آهي، ان جو به ڪو مثال نٿو ملي. ماضي قريب ۾ اسان ڏسي چڪا آهيون ته ننڍي چونڊ ۾ توڙي جو ڪاميابي پي ٽي آءِ کي ملي ۽ عمران خان ڪراچي ۽ ملتان کانسواءِ سموري ملڪ مان ڪامياب ٿيو، پر هينئر تائين هو نه پارليامينٽ ۾ ويو آهي، نه ئي وري پنهنجي عهدي جو حلف کنيو آهي. هن کي هڪ سيٽ کانسواءِ باقي سيٽن کي ڇڏڻو هو، پر هن ائين به نه ڪيو آهي. هينئر جن چونڊن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان تي اليڪشن ڪميشن کي 40 ارب رپيا گهربل آهن، ملڪ جي معاشي حالت جي سڀني کي خبر آهي ۽ دهشتگرد به کلي عام گهمي رهيا آهن، پر عمران خان چاهي ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي، ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. ملڪ جي اعليٰ عدالت مان جيڪو دٻاءَ سامهون آيو آهي، اهو به گهٽ ناهي. جوڊيشل ايڪٽوازم به معاملن کي گهڻو خراب ڪيو آهي ۽ حڪومت جي اميج کي به داغدار ڪيو آهي. ان دوران ملڪ جي اعليٰ عدالت جي جج جي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي سان جيڪا آڊيو ٽيم آئي آهي، ان سپريم ڪورٽ جي اميج کي تاراج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي کلواڙ ملڪ جي عوام سان ٿي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واردات کانپوءِ عمران خان چئي رهيو هو ته هي انٽيليجنس ۽ رياستي پاليسين جي ناڪامي جو نتيجو آهي. اها ڳالهه ڪراچي واقعي بابت سرڪاري رپورٽ ۾ به ڄاڻائي وئي آهي ته واقعو غفلت جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، پر جنهن ويل رياستي ادارن جي مورال کي هٿي ڏيڻ يا پٺي ٿڦڻ جي ضرورت آهي، اڳوڻو وزير اعظم ان مورال کي وڌيڪ ڊائون ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڊفينس جي پهرين لائين پوليس کي ڪمزور ڪيو ويندو ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ واري ڪهڙي قوت رهجي ويندي؟ ڇا شهرين کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي يا وري ايران ۽ ٻين ملڪن جيان شهرين کي سويلين ڊفينس جي تربيت فراهم ڪئي وڃي ته اهي پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگهن. جيڪڏهن سمورن شهرين جي هٿ ۾ بندوق کڻڻ جي اجازت ڏني وئي ته دنيا کي آمريڪي سماج جي حشر مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، جتي هر سال لکين ماڻهو گولين لڳڻ سبب موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. ان مان هي به ثابت ٿيو ته هٿيار شهرين جي حفاظت نٿا ڪن، پر انهن جون زندگيون وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏين ٿا. جيڪڏهن ڀولڙي جي هٿ ۾ پسٽل ڏنو ويندو ته پوءِ اهو ڪنهن کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو. اسان جهڙا ملڪ، جتي ننڍين ننڍين ڳالهين تي ماڻهو ماريا ويندا آهن، اتي هي هٿيار گهرو ويڙهه کي ئي هٿي ڏيندا.
ڪراچي، ان ڪري به حساس نوعيت جو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ملڪ جو وڏو شهر ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان به وڏو آهي. هي شهر جن مافيائن جي ور چڙهيل رهيو آهي، اهي ڪنهن به وقت سرگرم ٿي سگهن ٿيون. انهن مافيائن کي ڪجهه سياسي ۽ غيرسياسي قوتن Freeze ڪري ڇڏيو آهي. انهن دهشتگردن جا سليپنگ سيلز موجود آهن، جيڪڏهن اهي سرگرم ڪيا ويا ته معاملو ٻيهر هٿن مان نڪري سگهي ٿو. ڪراچي جا اهي علائقا جيڪي اميرن جا آهن، اتي اهڙا Sleeping cells وڌيڪ آهن ۽ انهن ۾ يونيورسٽين تائين تعليم ورتل پڙهيل لکيل، “اعليٰ دماغ” ويٺل آهن، جيڪي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان وٺي سائبر سيڪيورٽي تائين مهارت رکن ٿا. هنن سمورين قوتن جي باري ۾ انهن کي خبر آهي، جيڪي طاقت رکن ٿا، پر جيئن ته انهن جو واسطو، انهن قوتن سان آهي،يا انهن سان ويجهڙائپ رکن ٿا.هي پورو نيٽ ورڪ آهي، هن ڀيري چيو هي به ويو ته ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعي جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته ملڪ جي امن امان جي صورتحال خراب آهي،ان ڪري پي ايس ايل به رسڪ کان خالي ناهي. ضروري ناهي ته دهشتگردن جو رڳو هي هڪڙو مقصد هجي ۽ ان پٺيان ڳجها هٿ به هجن. پر اهي قوتون، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب پنهنجو وجود به محسوس ڪرائي سگهن ٿيون. هي انهن قوتن، جيڪي افغانستان کان واپس آيون، انهن کي هشي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن، جيڪي، ڪجهه ڏينهن اڳ اتحادي حڪومت جي ٽن مک پارٽين، (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ فضل الرحمان کي ڌمڪيون ڏئي چڪا آهن. ان سان گڏ هي به ٻڌايو پيو وڃي ته طاقتور حلقن ۾ جيڪا اڻبڻت آهي، ان جو اظهار به اهڙن واقعن ذريعي ٿئي ٿو. اهڙي موقعي تي آرمي چيف، جنهن دهشتگرديءَ جي واقعي کانپوءِ ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، ان جو چوڻ هو ته اسان جي اوليت ملڪ جي سلامتي آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
ملڪ اندر جيتريون دهشت ڦهلائيندڙ قوتون آهن، انهن سڀني جون نظرون شروع کان وٺي ڪراچيءَ تي آهن، ڇاڪاڻ ته هي شهر نه فقط انهن جي آمدنيءَ جو ذريعو آهي، پر لڪ لڪوٽي ڪرڻ جا هنڌ به گهڻا هتي آهن، هن شهر ۾ انهن کي آسانيءَ سان محفوظ هنڌ ملي وڃن ٿا. هن شهر ۾ انهن قوتن اڳ ئي گهڻي دهشت جي سيڙپ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جو ڌيان هن ئي شهر مان ڇڪائي سگهجي ٿو. ان سان گڏ اسان جا ايئرپورٽ هجن، مختلف صوبن سان لڳندڙ سرحدي گهٽ گهيڙ يا وري سامونڊي علائقا، سمورا غير محفوظ آهن، انهن سڀني هنڌن تي انهن قوتن جو غلبو آهي، جيڪي ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا شهر ڪيترا غير محفوظ آهن. هن دهشت واري ماحول ۾ سياسي ميدان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو معاملن کي باهه تي تيل وارو ڪم ڪري رهيو آهي. اهي ڌريون، جن جو ڪم سياست کيڏڻ ناهي، اهي به صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائين ٿيون. جيڪڏهن انهن قوتن کي هوش نه آيو ته اسان کي تباهيءَ کان بچائڻ واري ڪابه قوت نه بچندي.
هينئر هڪ طرف عمران خان آهي، جنهن جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ان ڏينهن ڪيو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پوليس هيڊڪوارٽرز تي دهشتگردن چڙهائي ڪئي. ان سان گڏ ملڪ جي اعليٰ عدالت مان به خير جون خبرون نه آيون. سپريم ڪورٽ جي 14 ججن جي جيڪا گڏجاڻي ٿي، ان ۾ انهن ججن تي گهڻي ڪاوڙ ظاهر ڪئي وئي، جن تي الزام آهي ته اهي ڪنهن هڪ سياسي ڌر جي بيانئي کي هٿي وٺرائي رهيا آهن. اها ڳالهه به سامهون آئي ته ان سياسي ڌر اٽڪل 40 درخواستون داخل ڪيون،جن مان 37 درخواستن ۾ انهن جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. ان کان اڳ هي ساڳي عدالت آهي،جيڪا نه فقط موجوده صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قرار ڏئي چڪي آهي، پر قومي اسيمبليءَ جي وقتي اسپيڪر جي اپائن کي غيرآئيني قرار ڏنو هو، پر موجوده حڪمرانن هيل تائين ان خلاف ڪوبه قدم نه کنيو آهي. هينئر عمران خان لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو ان ڪري جلد چونڊن جا مطالبا ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته اعليٰ عدالت جو چيف جسٽس،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٿيڻ وارو آهي، جيڪو پي ٽي آءِ جا اسڪريو ٽائيٽ ڪري ڇڏيندو. موجوده حالتن ۾ ملڪ جي اعليٰ عدالت جي جنهن جج خلاف شڪايتون آيون آهن، ان جو معاملو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانهن موڪلڻ لاءِ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان سان نه فقط حڪومت ۽ اعليٰ عدليا ۾ اختلاف سامهون اچي ويندا، پر ان سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
جنهن سپريم ڪورٽ جي جج جو آواز چوڌري پرويز الاهي جي آڊيو ٽيپ ۾ موجود آهي، ان لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل وٽ ريفرنس موڪلڻ جو اشارو ته ملي ويو، پر اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف به ساڳيو مطالبو ڪيو آهي. هن لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جج ۽ پرويز الاهي خلاف ڪارروائي لاءِ چيو، هي ساڳيو جج آهي، جيڪو تازو ئي بينچ ۾ اهم فيصلي جو حصو ٿي چڪو آهي. هينئر ماضي جا مثال به سامهون اچن پيا ته نواز شريف جي پنهنجي دور ۾ ملڪ قيوم جي سربراهيءَ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ محترما بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي سزا ڏيڻ جو پلان جوڙيو هو، هنن جي آڊيو ٽيپ به سامهون آئي هئي، جنهن ۾ سزا بابت ڳالهه ٻولهه ٿيل هئي،. پ پ جي دٻاءُ کانپوءِ ججن کي استعيفا ڏيڻي پئي. تازو ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس واپس ٿيڻ کانپوءِ هينئر به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ريفرنس آيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي سگهي ٿي، پر ان سان حڪومت ۽ عدليا ۾ جهيڙو به تيز ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button