سنڌ

اوپن ليٽر تي هلندڙ گاڏيون ضبط ٿينديون،اسٽريٽڪ ادارن جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 17 فيبروري تي ڪراچي پوليس آفيس تي حملي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي نه رڳو هيستائين ٿيل جاچ جا تفصيل ڏنا پر حملي کانپوءِ شهر ۾ سيڪيورٽي پلان بابت پڻ ڄاڻ ڏني. ڪراچي پوليس آفيس حملو: وڏي وزير چيو ته ٽي دهشتگرد آپگهاتي جيڪٽس پهريل پوليس ڪوارٽرز ۾ 95 ماڊل ڪار ذريعي داخل ٿيا ۽ ڪمپائونڊ کي ڀتين کي اورانگهي ڪي پي او ۾ 17 فيبروري 2023ع جي شام 7 لڳي 10 منٽن تي داخل ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد ڪي پي او جي چار ماڙ عمارت ۾ داخل ٿيا ۽ پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ جي مقصد سان کليل فائرنگ ڪئي. هن رينجرز جي هڪ برگيڊيئر کي سلام پيش ڪيو جيڪو 6 کان 7 اهلڪارن سان ڪنهن هنڌان اچي رهيو هو جنهن فوري طور ڪي پي او آپريشن ۾ حصو ورتو. هوڏانهن ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ جا ٻيا پوليس اهلڪار علائقي ۾ پوسٽنگ نه هجڻ باوجود واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگردن خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس شام 7:20 تي حملي جي خبر پئي ۽ هن بنا ڪنهن دير جي آءِ جي پوليس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس چيو ته هو صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان جي خلاف موثر آپريشن ڪرڻ جي رٿابندي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو اسلام آباد ۾ هو پر هو پنهنجي ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي پوليس سان رابطي ۾ رهيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مونکي اهو چوڻ ۾ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته آپريشن ۾ جن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن حصو ورتو انهن قومي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن شامل آهن. ۽ وڌيڪ چيو ته ڪي پي او آپريشن دهشتگردن خلاف قومي ايڪي جو مظهر آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج جا اسنائپرز ڀرپاسي جي عمارتن جي ڇتن تي مقرر ڪيا ويا ۽ آپريشن ۾ پاڪ بحريه جا نائيٽ ويزن هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي رٿ تي غور ڪيو ويو پر الله جو شڪر ٿيو ته پوليس ۽ رينجرز ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٽئين پاڻ کي ٽين منزل تي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. مراد علي شاهه چيو ته رينجرز جي شجاع آباد جي ملتان جي سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد، شڪارپور جي پوليس ڪانسٽيبل لطيف، لاڙڪاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل غلام عباس، اورنگي ٽائون جي ڪانسٽيبل سعيد ۽ فيصل آباد جي سنٽري ورڪر اجمل دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته 18 پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سوال ڪيو ته اتر وزيرستان ۽ لڪي مروت مان دهشتگرد خودڪش جيڪٽس ۽ هٿيارن سان گڏ ڪيئن ڪراچي پهتا ۽ ڪي پي او تي حملو ڪيو؟ اسان کي پنهنجي انٽيليجنس، سيڪيورٽي خامين ۽ ڪمزورين جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردن پاران استعمال ڪيل 95 ماڊل ڪار ٽرانسفر ليٽر تي هلي رهي هئي، جڏهن ته اها چوٿين مالڪ کي وڪرو ڪئي وئي، ڪنهن به ان جي نالي تي منتقل ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽي ٽي پي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته ايف آءِ آر نمبر 20/2023 داخل ڪئي وئي آهي ۽ جاچ جاري آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي پوليس جو هاءِ پروفائل ڪيسن تي ڪم ڪرڻ جو سٺو ٽريڪ رڪارڊ آهي. مراد شاهه چيو ته جيتوڻيڪ ڪي پي او تي دهشتگرد حملي اسان کي لوڏي ڇڏيو پر پنهنجي پياري ملڪ، عوام ۽ مذهب جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ جو اسان جو عزم مضبوط ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو مطمئن آهي ته پاڪستان جي عوام خاص ڪري هن شهر جي عوام پنهنجي سياسي لاڳاپن ۽ اختلافن کي هڪ پاسي رکي دهشتگردن خلاف ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪيو آهي. هن شهر جي ماڻهن 1980ع، 90ع، 2000ع ۽ 2013ع ۾ امن امان جي بدترين صورتحال کي ڏٺو، جڏهن پشاور جي اي پي ايس تي حملي کانپوءِ ڪراچي آپريشن شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان انهن ڏينهن ۾ به عوام جو تحفظ ڪيو ۽ هاڻي به عوام جو تحفظ ڪنداسين. ۽ وڌيڪ چيو ته اسان انهن (دهشتگردن) سان نه ڳالهائينداسين پر انهن کي مارينداسين. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پوليس لائن پشاور جي مسجد تي حملي کانپوءِ وزيراعظم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. هن چيو ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير سوال ڪيو ته ٿريٿ الرٽ هو ته پوءِ دهشتگرد ڪي پي او ۾ ڪيئن پهتا؟ ۽ پوءِ جواب ڏنو ته اها هڪ سيڪيورٽي ليپس هئي. هن چيو ته اها اسان جي انٽيليجنس ادارن جي ڪمزوري آهي، جنهن سبب معلومات گڏ نه ٿي سگهي آهي. جڏهن دهشتگردن ڪنڊيدار تارون ڪٽيون ته ڪانسٽيبل عباس لغاري ساڻن مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو. سوال اهو آهي ته ٻيا پوليس وارا ڪٿي هئا، جڏهن اهي (خاردار) تارون ڪٽي رهيا هئا، انهن کي اتي ئي ماريو وڃي ها. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ اوپن ليٽر تي هلندڙ گاڏيون ضبط ڪرڻ شامل آهن. اسان جو ايڪسائيز کاتو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٻئي گڏجي روڊ چيڪنگ شروع ڪندا ته ڌارين کي داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي. مراد شاهه چيو ته روڊ تي يا ويجهو ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ گاڏيون هلائيندرن جي رهنمائي لاءِ ايس او پي جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪي پي او تي حملو ٿيو ته شاهراهه فيصل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو پر ان باوجود ماڻهن روڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جڏهن دهشتگردن ڪي پي او تي حملو ڪيو ته اسان جي فلاحي تنظيمن خاص طور تي ايمبولينس سروس اتي پهتي ۽ حملي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين ايمبولينس عملو زخمي ٿي پيو. وڏي وزير ميڊيا کي به اهڙي رويي جي شڪايت ڪئي، جنهن واقعي واري هنڌ تان رپورٽنگ شروع ڪئي، جتي اسٽريٽ لائيٽن سميت سموريون بتيون بند هيون ۽ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جون اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير ايمبولينس سروس آرگنائيزيشن ۽ ميڊيا جو شڪريو ادا ڪندي کين ذميواري سان ڪم جاري رکڻ جي تلقين ڪئي. وڏي وزير چيو ته فلاحي تنظيمن ۽ ميڊيا کي اهڙن واقعن جي ڪوريج لاءِ ايس او پيز ڏني ويندي. سنڌ جي وڏي وزير واضح چيو ته سادي لباس ۾ ڪنهن به سيڪيورٽي گارڊ کي گاڏين ۾ هٿيار کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورت ۾ نه رڳو گاڏيون ضبط ڪيون وينديون پر محافظن کي به گرفتار ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو اسٽريٽجڪ ادارن جو سڪيورٽي آڊٽ ٻيهر ڪري رهيا آهن، ته جيئن انهن لاءِ ضروري سيڪيورٽي جا انتظام ڪري سگهجن. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڪي پي او جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو، حملي جي زخمين جي لاءِ دعا ڪئي ۽ حملي ۾ حصو وٺندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button