سنڌ

عمران خان سان خاص سلوڪ ڪيو پيو وڃي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان کي عدالت مان اسپيشل ٽريٽمينٽ ملي رهي آهي، لڳي ٿو هو سرڪاري مهمان آهي يا شاهي مهمان. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي شرجيل ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته هي شخص بي آر ٽي، هيلي ڪاپٽر اسڪينڊل، جعلي اڪائونٽس، توشه خانو، پرڏيهي فنڊنگ ۽ گوگي ميجڪ نيڪسس ۾ اڳ ئي بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن سوال اٿاريو ته عمران خان سان خاص سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت دهشتگردي جي روڪٿام جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا آهن، دهشتگرد حملن دوران ڪهڙن معاملن جو خيال رکيو وڃي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت اهم فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي ڪنهن به واقعي کانپوءِ فوري طور تي ٽريفڪ پوليس کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪجهه ٿيو ته پهريون ڪم ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو. سنڌ جي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اپلائيڊ فار گاڏين جي مالڪن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، شهري جلد کان جلد پنهنجي گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائين، هڪ هفتي کانپوءِ ڪنهن کي به رعايت نه ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button