ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منهنجي ٻولي منهنجي ماءُ

Editorial-Article- Amanat Jalbani

قومي جڙاوت جو بنيادي جز ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. ڪنهن به طبقي جي ٻولي ان لاءِ روڊ ميپ جي حيثيت ٿي رکي، ان جي ڪلچر، تهذيب وتمدن، رسم و رواج کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان جي ٻولي جي ادائگي، لهجو، جملن جا پاڻ ۾ ڳانڍاپا، شيشي جيان سامهون ايندڙ عڪس کي صاف چٽو ظاهر ڪن ٿا ته اسين ڪهڙي ذات پات سان لاڳاپيل آهيون. ڀلي کڻي سامهون وارو شخص اسان جي زبان ڀلي ڀت پوري سمجهي به نه سگهي، پر اسان جي زبان مان ادا ٿيل لفظ اسان جي سڃاڻپ ٿا بڻجن، لفظ به اهي لفظ جيڪي اسان چڱي طرح سان مڪمل روانگي سان بنا ڪنهن گرامر جي غلطي، اُچارن ۾ هير ڦير، ادائگي ۾ اڻائي ڪرڻ جي خيالن جو اظهار ٻين تائين پهچائيندا رهون ٿا.
مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نئين ٿيم هيٺ مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. هن سال به ملهايو ويو. اها عام فهم جي ڳالھه آهي ته عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ان موضوع کي سماج ۾ اجاڳر ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي قيمتي شيءِ جي ملھه کان اڻڄاڻ آهن. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بنگالي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو ورتو، جنهن دوران ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسائڻ سبب شاگرد شهيد ٿي ويا هئا. ياد رهي ته پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل بنگالي شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي “ماءُ ٻولين” جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيون.
اُها ئي ٻولي جيڪا اسان جي ماءُ طرفان اسان ۾ منتقل ٿئي ٿي. جيئن ته هر ٻار جو چهرو عادتون جذبات سندن ئي ماءُ سان مشابهت رکن ٿا، ائين ئي سندن زبان جي ادائگي، لهجي جي به ڀيٽ سندن ماءُ سان آساني سان ڪري سگهجي ٿي. اسان جي چهري، نالي ۽ لباس وانگر ٻولي به اسان جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شناخت ڪرائي ٿي. دنيا ۾ انتهائي اهميت جي حامل مادري ٻولي بابت اسان معمولي سوچ رکي گهڻن ئي موقعن تي پنهنجي ٻولي کي سائيڊ تي ڌڪيندي ٻين ٻولين کي پنهنجو چوائي فخر ٿا محسوس ڪيون جيتوڻڪ مونکي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي سڃاڻپ ٻين اڳيان ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون. مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي، پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسان جي مادري ٻولي سڏائبي، جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي ڳالهائڻ گهرجي. اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماءُ ۽ پيءُ سان بي پناهھ ۽ غير مشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو، چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن، پر فقط اهي ئي اسان کي زندگي ڏيندڙ، پاليندڙ، ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن، پر افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجهه ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان پاڻ پنهنجي ماءُ طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه انداز ۾ ڳالهائڻ بجا الاهي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو وٺندا آهيون؟
سنڌي اڄ به پاڪستان جي شاهوڪار ترين ٻولي آهي جيتوڻيڪ پاڪستان کان اڳ يا اڄ به پاڪستان ۾ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن جي باقاعده صورتخطي، نصاب، ٽائپ رائٽرس، پريس، اسڪولي نصاب ۽ اخبارون موجود آهن. سنڌي ٻولي جي اها خصوصيت آهي جو اها اڄ به سنڌ ۾ باقاعدگيءَ سان پڙهائي وڃي ٿي. موجوده پاڪستان ۾ اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان جي سنڌي، قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ جي باوجود وڌيڪ سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهي، جنهن جون روزانو 50 کان وڌيڪ اخبارون، ٽي وي چئنل، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين نصاب ۾ پڙهائي ٿي وڃي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي. ٻوليءَ جي ماهر مائيڪل اِي ڪرس جي چواڻي: “صرف اُها ٻولي سلامت رهي سگهي ٿي جنهن جي ڳالهائيندڙن جا ايندڙ نسل هڪ سئو سالن تائين اُها ٻولي ڳالهائين.” هڪ اندازي مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۽ هنڌن تي ڇهه کان ست هزار ٻوليون رائج آهن جن مان هڪ امڪان آهي ته 90 سيڪڙو تائين ٻوليون صديءَ جي آخر تائين ختم ٿي وڃن. يعني ته هڪ سئو سالن کانپوءِ جي ڪره ارض تي آبادي رهي ته دنيا ۾ صرف 600 ٻوليون ئي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون. ٻولين جي گم ٿيڻ جي شرح وقت سان گڏ ايترو ته تيز ٿي رهي آهي جو هڪ اندازي مطابق صرف پاڪستان ۾ ئي 2030ع تائين 18 کن اتر پاڪستاني ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون هونديون. هي اُهي ٻوليون آهن جن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ وڃي ڏهاڪن يا چند سون ۾ بچيا آهن ۽ پنهنجي “ماتري ڀاشا” ڇڏي علائقي ۾ موجود بااثر ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٿي ويا آهن.
اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان سنڌي ٻوليءَ جا وارث آهيون. اسان جي ٻولي، قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ جي باوجود وڌيڪ سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهي. سنڌي ٻولي صدين تائين قائم رهندي. سنڌي اڄ به پاڪستان جي شاهوڪار ترين ٻولي آهي جيتوڻيڪ پاڪستان کان اڳ يا اڄ به پاڪستان ۾ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن جي باقاعده صورتخطي، نصاب، ٽائپ رائٽرس، اسڪولي نصاب ۽ اخبارون موجود آهن. سنڌي ٻولي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين نصاب ۾ پڙهائي ٿي وڃي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي. سنڌي ٻولي جا ڇھه کان مٿي قسم آهن، جنهن ۾ اترادي، وچولي، ڪڇي، لاڙي، لاسي، ٿري وغيرو شامل آهن.
سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزير جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن. نتيجي ۾ لکين ٻار بنيادي سنڌي سِکڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي پڙهائي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري زبان پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا، ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڇِنل رهندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ئي سماجَ ۾ اوپرا رهندا. قومي جڙاوت جو بنيادي ايڪو ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. جتي سنڌي سافٽ ويئر ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي سگهه آهن، اُتي تيزيءَ سان ناڪاره ٿيندڙ سرڪاري تعليمي سرشتو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا لاءِ وڏي لَلڪار آهي. حڪومتي سرپرستيءَ تي ان ڪري نه ٿو ڀاڙي سگهجي، جو ان جون اوليتون ڪجهه ٻيون آهن. تعليم جو سُڌارو يا ٻوليءَ جي بقا رڳو بجيٽن ۽ اعلانن جو نه، پر هڪ گهري قومي غيرت ۽ ڪمٽمينٽ جو معاملو آهي، جنهن کي ڪرپشن جو مانگر مڇ ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌ واسين کي متحرڪ قوم طور ان صورتحال جو ماضيءَ جيان پاڻ ئي مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن سرڪار، سماجَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي نيت ۽ اهليت وڃائي ويهي، ته پوءِ سماج جي سِياڻن ماڻهن کي متبادل ادارا قائم ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ مطالبن کان اڳتي وڌي قومي عمل جي گُهرج آهي. خصوصي طور تي اسان استادن جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي قديم سنڌي ٻولي بابت مڪمل ڄاڻ ڏيئي کانئن وچن وٺون ته توهان پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافت جا امين رهندو. توهان سنڌي ٻوليءَ جا حقيقي وارث آهيو ۽ توهان کي ئي سندس ترويج لاءِ پنهنجي خصوصي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻو آهي ڇو ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button