ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جي معيشت ۽ بي حال عوام

Editorial-Article-Rashid Leghari

پاڪستان ۾ تازو سگريٽ مهانگا ٿيڻ کان پو سوشل ميڊيا ۽ ٻين سماجي سائيٽن تي مهانگن سگريٽن کي مذاق طور وڌيڪ ڏيکاريو پيو وڃي. سگريٽ ڇڪيندڙ طبقي طرفان مزاح طور حڪومت تي ڇتي تنقيد به جاري آهي. سگريٽ سان گڏ عام واهپي جون سموريون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. سگريٽ بدران هاڻ ماڻهو موڪلائي ويل پن جي ٻيڙين ڏانهن به اچڻ جو سوچي رهيا آهن. جيتوڻيڪ تماڪ به مهانگو ٿي چڪو آهي. اهي وڻ به نه رهيا آهن. جن هيٺ ويهي ماڻهو وري سستيون ٻيڙيون يا وري حقا ڇڪيندا، اها ماڻهن جي ڀل آهن.
اهڙين شين جي مهانگي ٿيڻ سان گڏ ماڻهوءَ لا مرڻ به مهانگو ٿي ويو آهي. سنڌ جي سمورن شهرن مان غربت ۽ بيوسيءَ جي ڪا نه ڪا ڏکوئيندڙ خبر اخبارن ۾ رپورٽ ٿيڻ لا پهچندي آهي. ڪنهن وقت اسپتالن مان فوت ٿيل مريضن کي ڊسچارج ڪرڻ لا گهربل رقم نه هوندي آهي. ڪنهن وٽ وري لاش کڻڻ لا پئسا نه هوندا آهن. تازو ڇاڇرو مان هڪ خبر آئي هئي ته تعلقي اسپتال ۾ ڏاهلي واسي پيرسن جي فوت ٿيڻ کان پو لاش ڳوٺ پهچائڻ لا مرحوم جي پٽن وٽ ڀاڙي جا پئسا نه هئا. عبدالڪريم ۽ علاءُالدين چندي لا اپيلون ڪري ڀاڙو هٿ ڪري پي جو مڙهه ڳوٺ پهچايو هو. هنن ڀائرن اتي ميڊيا کي ٻڌايو ته بيمار پي جي تيمارداري وقت ٻن ڏينهن کان بک تي هئاسين. هي خبر رڳو ڇاڇري جي ڳوٺ ڏاهلي جي نه پر سموري سنڌ جي آهي. هنن ڀائرن جي بيمار پي کي بيماري به پهرين بک جي لڳي هوندي. ان بک مان ئي مڙني ٻين بيمارين نٻل جسم تي حملو ڪيو هوندو. جنهن وٽ مانيءَ لا پئسا نه هجن ته پو اهو علاج لا وري ڇا سوچيندو.
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جهڙي حساب سان عام کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌايا پيا وڃن. ان سان ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو نه ٿي رهيو آهي، نوڪري پيشا ماڻهو يا فيڪٽرين، ڪارخانن ۾ پورهيو ڪندڙ مزدور جي زندگي بلڪل ئي ختم ٿيڻ شروع ٿي چڪي آهي. مزدورن لا جوڙيل ادارا به حڪومت طرفان اعلانيل اجوري تي عمل نه ڪرائي سگهيا آهن. اسان ڏٺو آهي ته پورهيتن لا ٺاهيل ادارا ليبر کاتو، سوشل ويلفيئر کاتو يا اي او بي آءِ ادارو بي لاڀ بڻيل آهن. پاڪستان ۾ امداد ڏيندڙ عالمي مالياتي فنڊن جي ادارن به ڳريون شرطون به رکڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. عالمي مالياتي ادارن جي مداخلت سان هتي رهندڙ عام خلق ئي وڌيڪ ڀوڳيو آهي. پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هيل تائين امير ۽ غريب جي وچ ۾ جيڪا ليڪ ڪڍي وئي آهي، اها اڃا به برقرار آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪجهه ماڻهن کي جيڪا بينڪن مان سرمائيڪاري لا رقم ڏني وئي، اها وري اڳتي هلي طاقتور ماڻهن کي معاف به ڪئي وئي. پاڪستان جو ڏيوالو ان وقت کان ئي نڪرندو رهيو آهي. هاڻوڪين معاشي حالتن جي هوندي هن ملڪ جي اليڪشن مان به چس نڪري ويو آهي. عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ ۽ اليڪشن ڪميشن جا اليڪشن لا اجلاس به هن ملڪ جي بحران وري ڪيفيت ۾ ٿي رهيا آهن.
وفاقي ڪابينا آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني آهي. بجيٽ کان اڳ ئي سيلز ٽيڪس مڙهيا ويا آهن. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته ڪابينا ٽيڪس لاز بل 2023ع جي به منظوري ڏني. بجيٽ ۾ لگزري شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ بجليءَ جي بريڪ ڊائون بابت پاور ڊويزن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل سادگيءَ واري ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي، 5 لک کان وڌيڪ پينشن ڏيڻ ۽ بيوروڪريٽس، ججن ۽ هٿياربند فوجن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ نه ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جسٽس (ر) ناصر کوسا جي سربراهيءَ ۾ سادگي واري ڪميٽيءَ جي سفارشن جي منظوري ڏني آهي. ڪميٽيءَ جي سفارش تي ڪابينا جو انگ گهٽائي 30 ڪيو ويندو. سڌ سماءُ واري ڪميٽي تجويز ڏني ته ترقياتي فنڊ پارليامينٽ جي ميمبرن کي نه ڏنا وڃن ۽ ڪنهن کي به سرڪاري خزاني مان 5 لک رپيا ماهوار پينشن نه ڏني وڃي. سرڪاري آفيسرن کي وڏيون گاڏيون نه ڏنيون وڃن، رٽائرڊ سرڪاري، فوجي ۽ عدالتي آفيسرن کي به وڏيون گاڏيون نه ڏنيون وڃن. سموريون مراعتون، سيڪيورٽي، سپورٽ اسٽاف ۽ يوٽيلٽيز کي واپس ورتو وڃي. جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سمورن ميمبرن ۽ سينيٽرن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي.
ڪميٽي سفارش ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سمورين وزارتن، ڊويزنل آفيسن، صوبائي حڪومتن ۽ پرڏيهي سفارتخانن جي بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. سرڪاري ملازمن، بيوروڪريٽس، ججن ۽ آفيسرن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ نه ڏنا وڃن ۽ جن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ ڏنا ويا آهن، انهن کي رد ڪري نيلام ڪيو وڃي.
سي پيڪ تحت اسپيشل انڊسٽريل زونن کانسواءِ ڪو به نئون گرين فيلڊ پروجيڪٽ شروع نه ڪيو وڃي. سڌ سماءُ واري ڪميٽي سفارش ڪئي ته ڀرتين تي پابندي لڳائي وڃي ۽ سڀني لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول گهٽ ڪيو وڃي. ڪابينا جا اضافي ميمبر يا معاون خاص عوامي ڀلائيءَ جي بنياد تي ڪم ڪري سگهن ٿا. بجيٽ جون 2024ع تائين منجمد ڪئي وڃي، ساڳئي مدي ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري روڪي وڃي. اهڙين تجويزن سان گڏ عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته امير طبقي کان سبسڊيز واپس وٺي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ۽ غريبن کي تحفظ ڏنو وڃي. ملڪ هلائڻ لا قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ نه پر سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
آ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان پاڪستان کان اهڙن اپائن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، جن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان هڪ ملڪ جيان هلي سگهي ۽ اهڙي خطرناڪ هنڌ تي نه پهچي جتان ان کي نئين سر اڏاوت جي ضرورت پئجي وڃي. ٽيڪس روينيو آهي، ڀلي سرڪاري ادارو هجي يا ڪو خانگي شعبو، وڌيڪ ڪمائيندڙن کي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، اهڙن ماڻهن کي سبسڊي ڏني وڃي جن کي ضرورت به آهي. جيڪي صحيح حقدار آهن.
آءِ ايم ايف جي موقف مان صاف ظاهر آهي ته سبسڊي مان فقط غريبن کي فائدو کڻڻ گهرجي. آ ايم ايف جي اهڙن شرطن تي هن ملڪ جا حڪمران عمل ڪري سگهن ٿا يا نه؟ پر اميرن جي ڀيٽ ۾ وري به عوام مٿان ٻيا معاشي ڳرا شرط پيا لاڳو ٿيندا. اهي شرط عوام مهانگائي، غربت، بيروزگاري ۽ بيمارين جي صورت ۾ ڀوڳيندو رهندو آهي. ملڪ ۽ سنڌ ۾ علاج لا موجود سرڪاري اسپتال کي اڃا جديد بڻائڻ سان گڏ رڳو کاڌي پيتي جو ذمو هي رياست کڻي وٺي ته عوام جي تڪليفن ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي سگهي ٿي. رياست پاڻمرادو اهو نه ڪري ته پو ڪنهن مضبوط سياسي پارٽيءَ جي موجودگيءَ ۾ عوام تحريڪ هلائي به اهو حق وٺًي سگهي ٿو پر هتي پري پري تائين عوام جي نمائندگي واري لکين ماڻهن جي خواهشن سان سرشار پارٽي موجود ناهي. ان ڪري ملڪ ۾ رڳو انارڪيءَ جو منظر ئي نظر اچي رهيو آهي. انارڪيءَ مان ڪنهن انقلاب جي نويد ٻڌائڻ لاءِ به ڪير هجي، ان لا عوام کي انتظار هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button