ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناڻي واري وزير جو اعتراف

Editorial

دنيا جي سڌريل ۽ جمهوري ملڪن ۾ حڪومت پنهنجي هر ڪيل غلط يا صحيح عمل جي ذميوار هوندي آهي، اها ماڻهن کي سکيو رکڻ لاءِ ڪم ڪندي رهندي آهي. جيڪڏهن ان کان ڪو عوام دشمن فيصلو ٿي ويندو آهي ته اها ان جي ذميواري عوام مٿان وجهڻ بدران پاڻ کڻندي آهي ۽ ان عمل کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر اسان وٽ هر حڪومت قرباني به عوام کان وٺندي آهي ته ٽيڪس به عوام تي مڙهيندي آهي. نتيجي ۾ نه رڳو عوام هر حال به ڀوڳيندو رهندو آهي پر اهو ڪنهن به ريت سکيو ڪونه ٿي سگهندو آهي. سال کن اڳ آيل پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جيڪي ڪلور عوام سان ڪيا آهن، اهي عوام کي ڪڏهن ڪين وسرندا. مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ حرام ڪندڙ مسلم ليگ جا وزير مشير نه رڳو مهانگائي ۽ مڙهيل ٽيڪس جو دفاع ڪري رهيا آهن پر پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن ته مهانگائي آهي ته ڇا ڪيو وڃي. رڳو اعتراف ڪرڻ ته ڪافي ناهي ۽ نه ئي اعتراف ڪرڻ سان مهانگائي گهٽجي سگهي ٿي. ڪالهه به ناڻي واري وزير جو اهڙُو ئي هڪ بيان آيو آهي.
ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول کان ٻاهر هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏنو ته ننڍي مالياتي بِل جي حوالي سان ميمبرن جي مشورن کي ساراهيون ٿا پر ننڍو مالياتي بِل مجبوري جي ڪري آڻڻو پيو، مان ايوان جو ننڍي مالياتي بِل تي بحت ۾ حصو وٺڻ تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته معزز ميمبرن جي بجيٽ مشورن تي غور ڪيو آهي، اسان کي به ٽيڪس هڻڻ جو ڪو به شوق ناهي، ڪوشش ڪريون پيا ته واڌو ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ رکون. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ٽي هزار ارب جي بجلي ٺاهيون ٿا پر رڳو پندرهن سئو پنجاهه ارب رپيا ئي گڏ پيا ٿين. پاور سيڪٽر کي بجليءَ جي چوري، لائين جي نقصانن جهڙي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت ايف بي آر جو ساليانو ٽيڪس هدف پورو ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول کان باهر آهي، پر ڇا اهو سڀ ڪجهه چئن مهينن ۾ ٿيو آهي؟ پوئين حڪومتي دور ۾ پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان کي ختم ڪيو ويو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته حڪومت معاشي استحڪام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اسان ڏهه ڏينهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف کي هڪ سئو ستر ارب جي ٽيڪس تي راضي ڪيو. گذريل حڪومت معاشي ضابطا ٽوڙيا. سندس چوڻ هو ته بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿي ته آءِ ايم ايف معاهدي تان پوئتي هٽي ويو. بي آءِ ايس پي وظيفي ۾ پنجويهه سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون، هاڻي بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ٽي سئو سٺ ارب مان وڌائي چار سئو ارب رپيا ڪري رهيا آهيون. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومتي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو وزيراعظم ايوان ۾ پيش ڪندو.

جيڪڏهن ننڍو مالياتي بل مجبوريءَ ۾ آڻڻو پيو آهي ته ان سان وري به نقصان عوام کي ٿيو آهي. ڪيترين ئي شين تان سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سڌي ريت عوام جي مٿان بار پيو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف اهو مطالبو ڪري چڪو آهي ته اميرن کان ٽيڪس وٺي غريبن کي سبسڊي ڏني وڃي پر هتي جيڪو جيترو امير آهي، ان کي اوتري ئي سبسڊي ڏني ويندي آهي. جنهنڪري امير طبقو اڄ به مراعت يافته آهي. ان لاءِ ڪيتريون به بجيٽون اچي وڃن ته ان جي صحت تي ڪو اثر نٿو پوي. اصل شڪار ته غريب ماڻهو ٿئي ٿو. جيڪو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو هوندو آهي. نتيجي ۾ ان لاءِ جيئڻ سان سڀ گس سوڙها ٿي رهيا آهن.
مريم نواز جو چوڻ آهي ته هي سندس حڪومت ڪونهي. ڇا هاڻوڪي حڪومت ۾ وفاقي وزير نواز ليگ جا ڪونه آهن يا شهباز شريف جو تعلق مسلم ليگ سان ڪونهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هاڻوڪي حڪومت مريم نواز جي نه هجي. هوءَ پاڻ به ان پارٽيءَ جو حصو آهي جيڪا عوام جي مٿان رڳو مهانگائيءَ جا بم ڪيرائي رهي آهي. جنهن مقصد لاءِ پي ڊي ايم کي اقتدار ۾ آندو ويو هو، هي ان تي ئي عمل ڪري رهي آهي. اسين سمجهون ٿا ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو تڏهن ملي سگهي ٿو، جڏهن عوام بدران امير طبقو قرباني ڏي.
ا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button