پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ وڪيل تي تشدد جو اي سي ۽ ايڊمنسٽريٽر تي ڪيس داخل،مظاهرا

شھدادپور/ٽنڊوآدم/بدين/هالا: شهدادپور ۾ وڪيل تي تشدد ڪرڻ جو اي سي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر سميت پوليس اهلڪارن ۽ روينيو عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مختلف شهرن جي وڪيلن شهدادپور ٿاڻي اندر سخت احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ شھدادپور ۾ 2 ڏينهن اڳ وڪيل شيراز لاکي جي دڪان کي انتظاميا پاران غيرقاني اڏاوت ڄاڻائي ڊاهڻ ۽ پوليس پاران وڪيل شيراز لاکو تي ڪيل تشدد خلاف تعلقي بار شھدادپور سميت مختلف شھرن مان وڪيلن پهچي تعلقي بار جي صدر غلام مصطفى سومري، سانگهڙ بار جي صدر سنيل ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي ۾ داخل تي ٿاڻي اندر سخت احتجاج ڪيو. وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وڪيل تي تشدد ۽ سندس آفيس ڊاهڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادپور جاويد احمد ڏاهري، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر لياقت علي ڪلهوڙي، تشدد ڪندڙ پوليس عملدار لعل بهادر خان ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري متاثر وڪيل سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چتا ڏنو ته ڪيس داخل ٿيڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف لاکا اتحاد شھدادپور جي اڳواڻن سهيل احمد لاکو، قربان لاکو ۽ اسلم لاکو جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو اي سي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر توڙي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته اي سي شهدادپور جاويد ڏاهري، ايڊميسٽر لياقت ڪلهوڙو، سندن عملي ۽ پوليس اسان جي نوجوان وڪيل شيراز لاکي مٿان سرعام روڊ تي سخت تشدد ڪري انسانيت کي لڄائي سندس آفيس کي ڊهرائي پٽ ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته تشدد ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف شھدادپور ۾ وڪيلن جي سخت احتجاج ۽ جي ڊي اي جي ايم اين اي سائرہ بانو وساڻ پاران آئي جي سنڌ سان رابطو ڪيو ويو ۽ معاملي بابت آگاهي ڏني وئي، جنهن بعد آئي جي سنڌ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي آئي جي سنڌ جي حڪم تي زخمي وڪيل شيراز لاکو جي ڀا شھزور لاکو جي فرياد تي اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادپور جاويد ڏاهري، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر شھدادپور لياقت ڪلهوڙو، ايڊيشنل ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر لال بهادر، روينيو کاتي جي پٽيوالي عقيل ابڙو، پوليس اهلڪارن ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاري عمل ۾ نه آئي. ٻئي پاسي وڪيل تي تشدد خلاف ٽنڊوآدم ۾ وڪيلن عدالتي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪيو. ٽنڊوآدم مان هڪ وفد ٽنڊوآدم بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شير علي بهڻ جي اڳواڻي ۾ شھدادپور پهچي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. هالا ۾ وڪيلن ايڊووڪيٽ غلام مصطفى سومرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. بدين ۾ بدين بار جي جنرل سيڪريتري شهزاد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button