پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ مقابلو، 2 ڏوهاري گرفتار، 15 موٽرسائيڪلون هٿ

ميرپورخاص: ميرپورخاص سي آئي اي انچارج عنايت علي زرداري ۽ ڊي ايس پي جهڏو نند لال مختلف علائقن ۾ 2 ڪارروايون ڪري مبينا پوليس مقابلي کانپو 2 ڏوهارين نويد قائمخاني ۽ جاويد مري کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڏوهارين جا چار ساٿي دوست محمد ڀٽي، لونگ لغاري، سليم ملاح ۽ عباس مياڻو فرار ٿي ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سي آئي اي ۽ ڊي ايس پي جهڏو ڪارروائي ڪندي ڏوهاري گروپ جا 2 ساٿي گرفتار ڪيا آهن، سندن چار ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جنهن جي گرفتاري لا ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار نئين 125 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪندا هئا. جوابدارن کان 15 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ غيرقانوني پسٽل هٿ ڪيا آهن. جوابدارن تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button