پاڪستانسنڌ

سامارو ويجهو نوجوان جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو

سامارو: سامارو لڳ حنيف آباد ڀرسان 19 سالن جي نوجوان گھرن ڀرسان انب جي وڻ ۾ ڳچي ۾ رسي سان ڦاھو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي. سامارو لڳ حنيف آباد ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد رحيم راھو جي رھواسي 19 سالن جي نوجوان رميش پٽ ڀارو ڪولھي جو گھرن ڀرسان انب جي وڻ ۾ ڳچي ۾ رسي سان ڦاھو کاڌل لاش مليو، ماڻھن لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو، وارثن پھچي لاش کي ڦاھي تان لاھي صالح ڀنڀرو پوسٽ پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي سامارو تعلقي اسپتال آندو، جتان نوجوان رميش ڪولھي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس والد حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي جي والد ڀارو ڪولھي پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، پٽ رميش جي گھر ۾ ڪنھن سان ڪابه ناراضگي نه ھئي، پٽ جو دماغي توازن به درست نه ھو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن مڪيش ۽ ھيرا نند مھيشوري ٻڌايو ته لاش جا جزا ورتا ويا آھن، فائنل ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجهھ ٻڌائي سگھجي ٿو. ٻئي پاسي وارث لاش کڻائي روانا ٿي ويا. پوليس ٻڌايو ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button