پاڪستانسنڌ

71 استادن جي برطرفي، گسٽا پاران احتجاج جو اعلان

حيدرآباد: تعليم کاتي پاران حيدرآباد ضلعي جي 71 اڌر ڪيڊر استادن کي جعلي ڊگريون هجڻ جي الزام هيٺ برطرف ڪرڻ خلاف گسٽا ضلعي حيدرآباد جو هنگامي اجلاس سنڌ ميوزيم ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ 71 استادن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته اڌر ڪيڊر استادن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 71 استادن جون ڊگريون جعلي قرار ڏيڻ خلاف تعليم کاتي ۽ عدالت ۾ اپيلون داخل ڪيو وينديون. هنگامي اجلاس ۾ گسٽا ضلعي حيدرآباد صدر نجيب ابڙو، سينيئر نائب صدر حامد نواز، جنرل سيڪريٽري علي احمد پنهور، اعجاز کوسو، علي گل ابڙو، احمد مصطفى گهلو، تقي چانڊيو، فاروق مگواڻو، شهزاد راجپوت ۽ عزيز سومرو سميت چئني تعلقن جي عهديدارن ۽ استادن شرڪت ڪئي، وڌيڪ لائحه عمل لا جمعي تي سڄي ضلعي جي استادن جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪري آل اڌر ڪيڊر ٽيچرس جو هنگامي اجلاس اڄ ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو. گڏجاڻي کان اڳ گسٽا ضلعي حيدرآباد جي صدر نجيب ابڙو سان سندس ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪري دعا گهري وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نجيب ابڙو، علي اعجاز کوسو ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد جي استادن خلاف تعصب پرستي جي بنياد تي پٽيشن داخل ڪرائي وئي ھئي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اهو عمل استادن جي ٻارن کان ماني جو ٽڪر کسڻ برابر آهي، جنهن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. اڳواڻن گهر ڪئي ته رڳو پروفيشنل ڊگري جي چڪاس اڌر ڪيڊر استادن جي ڇو ٿي ڪئي وڃي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته 1985ع کان هر سيڪنڊري استاد جي پروفيشنل ڊگري جي ويريفڪيشن ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هڪ کاتي ۾ 2 قانون قبول نه ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button