پاڪستانسنڌ

سنڌي ٻولي کي چيلنجز تمام گھڻا پر خطرو ڪو ناهي:سانگهڙ ۾ مذاڪرو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ مادري ٻولين ۽ استاد جي اهميت بابت ڪوٺايل مذاڪري ۾ تعليمي ماهرن ۽ اديبن چيو آهي ته ٻولين جي بقا مارڪيٽ ۽ پيداوري ذريعن ۾ آھي، سنڌي ٻولي کي ڪو خطرو نه آھي، پر اسان کي سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻو پوندو. سانگھڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت، سانگھڙ سجاڳي فورم ۽ شاھپور چاڪر فورم جي سھڪار سان تعليم ۾ مادري ٻولين ۽ استاد جي اھميت جي عنوان سان مذاڪرو سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۾ ڪوٺايو ويو. مذاڪري کي استادن، اديبن ۽ سماجي سياسي ڪارڪنن پروفيسر نواز ڪنڀر، عابد چنا، پروفيسر امر لغاري، منظور ملاح، استاد نظاماڻي، مير حسن مري، اقرار شر ۽ ٻِين خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌي ٻولي کي چيلنجز تمام گھڻا آھن، پر ٻولي کي ڪو خطرو نه آھي، ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻ لا پيداوري يونٽن ۾ حصو وٺڻو پوندو، ايجادون ڪرڻيون پونديون، اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي ھڪ ايجنڊا تحت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار ان حوالي سان ڪي جوڳا اپا نه وٺي رھي آھي، خانگي اسڪولن جي ڪا به مانيٽرنگ نه ٿي رھي آھي. سنڌي کي مادري زبان طور نه پر مضمون طور پڙھايو پيو وڃي. اسان کي جديد دور جي لحاظ سان سنڌي ٻولي جي گھرجن کي پورو ڪرڻو پوندو، نوان لفظ ايڊاپٽ ڪري سگھجن ٿا. ھنن چيو ته ٻولي جي لکپڙهھ ۾ گرامر جو وڏو ڪردار ھوندو آھي، اڄ اسڪولن ۾ اھڙا استاد ئي نه رھيا آھن، جيڪي گرامر کي پڙھائي سگھن. ھنن چيو ته نون ڀرتي ٿيل استادن مان اميد آھي ته اھي پنھنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي سنڌي ٻولي لا ڪردار ادا ڪندا. آدمشماري ۾ سنڌي ٻولي کي لکرائڻ فقط عددي اڪثريت حاصل ڪرڻ نه آھي، پر عالمي سطح تي پاڻ کي مڃرائڻ لا ضروري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button