پاڪستانسنڌ

ڇاڇري لڳ 3 ٻارن جي پي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ميوو رند ۾ غربت کان تنگ ٿي ٽن ٻارن جي پي 44 ورهين جي جيوڻ رند آپگهات ڪري ڇڏيو. جيوڻ پٽ خميسو رند ڳوٺ ويجهو جهنگ ۾ وڻ ۾ ڦاهو کائي انت آندو. اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ وارثن پوليس کي بيان ڏنو آهي ته جيوڻ رند غربت ۽ بيروزگاري سبب انتهائي پريشان هو، ٻارن کي بک تي ڏسي اهڙو قدم کنيو آهي. ٻئي پاسي پوليس ٻڌايو ته آپگهات جو ڪارڻ غربت لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button