اسلام آبادپاڪستان

حڪومتي اتحادين جو ننڍيون چونڊون نه وڙهڻ جو فيصلو

اسلام آباد/پشاور:اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اعلان ڪيو آهي ته حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو گڏيل فيصلو ڪري ورتو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف کي ضمني چونڊ وڙهڻ گهرجي ۽ اسيمبلي ۾ اچڻ گهرجي. فسادي پارٽي استعيفائون قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ لاءِ ڪڏهن عدالتن ۾ وڃي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي اليڪشن وڙهڻي هئي ۽ ايوان ۾ اچڻو هو ته انهن اسيمبليون ڇو ٽوڙيون ۽ استعيفيٰ ڇو ڏني؟ مريم اورنگزيب چيو ته فسادي پارٽي مونجهارو آهي ته ڇا ڪجي، عدالت ۾ وڃو، اسيمبلي وڃو، اليڪشن ۾ وڃو، ملڪ کي ڪنهن هڪ شخص جي انتشار جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخوا جي قومي اسيمبلي جي تڪن تي ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته هڪ نام نهاد سياسي پارٽي چونڊ سياست کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. ڪيترن ئي سيٽن تي اميدوار بيهاري قوم جا ڪروڙين رپيا ضايع ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button