اسلام آبادپاڪستان

ڪٿي ناهي لکيل ته چونڊن جي تاريخ ڪميشن ڏيندو:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن صدر مملڪت پاران چونڊن لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ اٽارني جنرل ۽ قانوني ماهرن کان رهنمائي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سڪندر سلطان راجا چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ معزز اليڪشن ڪميشن جا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب بنا ڪنهن دٻاءُ فيصلو ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن هر وقت آئين ۽ قانون تحت 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار رهي ٿو پر آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته اليڪشن جي تاريخ ڪميشن ڏيندو پر مجاز اٿارٽي طرفان تاريخ مقرر ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن بنا دير اليڪشن شيڊول ڏئي اليڪشن ڪرائڻ جو پابند آهي. پاڪستان جي صدر طرفان تاريخ مقرر ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن جي ميٽنگ ۾ هن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ ٻين قانوني ماهرن کان وڌيڪ رهنمائي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي اڄ اربع تي 22 فيبروري 2023 لاءِ دعوت ڏني وئي آهي ۽ صلاح مشوري لاءِ ٻن آئيني/قانوني ماهرن جي چونڊ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button