يقيني طور اهو تجربو لاسڪاڪس مان مليل عبادتگاهن ۾ ٿيندڙ رسمن، ۽ شمن ۽ شڪارين جي ريتن رسمن جو ئي هوندو، جنهن مان سورمي واري ڏندڪٿا جنم ورتو. شڪاري، شمن ۽ ان نوجوان کي ڄاتل سڃاتل (دنيا) کي پٺي ڏئي انهن ڀوائتن منزلن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو. کين سندن برادري لا زندگي سان ڀريل تحفا کڻي موٽڻ کان اڳ وحشي موت کي منهن ڏيڻو پيو هوندو. سڀني تهذيبن سورمائي مهم جوئي جي ملندڙ جلندڙ ڏندڪٿا جوڙي ورتي. سورمي کي اهو احساس ٿيندو آهي ته سندس زندگي يا سندس سماج مان ڪا شي کٽل آهي، اهي پراڻا خيال جن جي بنياد تي سندس سماج جي آبياري ٿيل آهي، هن سان وڌيڪ نه ٿا ڳالهائين. ان ڪري هو گهر ڇڏي موت کي هڪل ڏيندڙ مهم جوئي تي نڪري پوندو آهي. هو راڪشسن سان وڙهندو آهي، ڪڏهن پار نه پوندڙ جبلن تي چڙهندو آهي، اوندهه سان ڀريل جنگ تاڳيندو آهي ۽ ان عمل دوران هن جي پراڻي شخصيت مري ويندي آهي ۽ هن کي نئون گيان يا قابليت ملندي آهي، جيڪا هو پنهنجن ماڻهن ڏانهن کڻي ايندو آهي. پروميٿئس (Prometheus) انسانيت لا ديوتائن کان باهه چورائي آيو ۽ ان جي ڪري صدين تائين ڪڙي سزا ڀوڳيندو رهيو. اينيس (Aeneas) کي روم جو نئون شهر ڳولي لهڻ کان اڳ جبري طور پنهنجي پراڻي زندگي کي ڇڏڻو پيو، کيس پنهنجو اباڻو وطن سڙندو ڇڏي پاتال ڏانهن وڃڻو پيو.
جڏهن ماڻهو پنهنجي قبيلي جي سورمن بابت اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا ته سندن مقصد رڳو ٻڌندڙن جي تفريح نه هوندو هو. ڏندڪٿا اسان کي ٻڌائيندي آهي ته هڪ مڪمل انسان ٿيڻ لا اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. پنهنجي زندگين جي ڪنهن خاص پل ۾ اسان سڀني کي سورمو ٿيڻو پوندو آهي، هر ٻار کي جيڪو زبردستي ڄم واري سوڙهي رستي، جيڪو لاسڪاڪس جي انهن انگڙ وانگڙ وارن کاهين کان ڪو گهڻو مٽيل ناهي، تان هلي ٻچي داڻي جي محفوظ دنيا ڇڏي هن اڻڄاڻ ۽ وحشي دنيا کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هر اها ما جيڪا جنم ڏئي ٿي ۽ جيڪا پنهنجي ٻار لا موت جو خطرو کڻي ٿي سورمي آهي. اوهان ايتري تائين سورما نٿا ٿي سگهو جيتري تائين اوهان سڀ ڪجهه ڇڏڻ لا تيار نه آهيو، گهري اونداهي ۾ لهي وڃڻ کانسوا اوچائي ڏانهن اڏام نٿي ڀري سگهجي، موت جي ڪنهن روپ بنا ڪابه نئين زندگي نه آهي. پنهنجي زندگي ۾ پاڻ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙي حالت ۾ وڃي پهچندا آهيون جو اڻڄاڻ جي روبرو وڃي ٿيندا آهيون، ۽ سورمي واري ڏندڪٿا اهو ڏيکاريندي آهي ته (ان گهڙي ۾) اسان کي ڪيئن ورتا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀني کي انهي آخري رستي کي منهن ڏيڻو آهي، جيڪو موت آهي.
پٿر جي زماني جي ڪجهه سورمن جو احوال پو واري ڏندڪٿائي ادب ۾ به ملي ٿو. مثال طور يوناني سورمو هراڪلس (Herakles) لڳ ڀڳ شڪاري دور جو ئي آهي. ايتري تائين جو هو غار وارن جيان جانورن جون کلون پائي ٿو ۽ ڏنڊو کڻي گهمي ٿو. هراڪلس (Herakles) هڪ شمن آهي، جيڪو جانورن سان ڳالهائڻ ۽ پاتال ڏانهن وڃڻ واري قابليت ڪري مشهور آهي، هو ابدي زندگي جي ميوي کي ڳولي ٿو ۽ اُڏامي اولمپس جي جبل تي ديوتائن جي بادشاهي ۾ پهچي ٿو. ان کانپو يوناني ديوي ارتيمس (Artemis) جيڪا "جانورن جي ديوي" جي نالي سان مشهور آهي، اها شڪاري هئي ۽ بيرحم قدرت جي نشاني هئي. اها به پٿر جي زماني جي ديوي ٿي سگهي ٿي. ايئن ته شڪار ڪرڻ مردن جو مخصوص فعل هو، پر پٿر جي زماني ۾ سڀ کان طاقتور شڪاري مائي هئي.
آفريڪا، يورپ ۽ وچ اوڀر مان هٿ آيل ننڍڙا بُت جن ۾ عورت کي پيٽ سان ڏيکاريو ويو آهي، انهي (پٿر جي) دور جا آهن. ارتيمس (Artemis) انهي عظيم ديوي جو جسماني روپ آهي، جيڪا ڀئو ڏياريندڙ هئي. اها رڳو جانورن جي ديوي نه پر زندگي جو وسيلو هئي. اها ڪا سکي ستابي ڌرتي ماتا (جي علامت) نه آهي، پر اها ڏاڍي ڏنگي، بدلو وٺندڙ ۽ بيرحم ديوي آهي. جيڪڏهن شڪار جي حوالي سان ڪوتاهي ٿي وڃي ته ارتيمس (Artemis) رتوڇاڻ ۽ قرباني ڪرڻ لا سختي سان هدايت ڪندي آهي. هي بيمثال ديوي پٿر وارو زمانو پار ڪري نڪتي. مثال طور ترڪيا جي ننڍڙي شهر ڪيٽل هيوڪ (Catal Huyuk) جيڪو ڇهه يا ست هزار سال پراڻو شهر آهي جي کوٽائي دوران ٻار ڄڻيندڙ ديوي جا وڏا بُت مليا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ان (ديوي) جي پاسي کان جانور، پاڏن جا سڱ يا مرون جون کوپڙيون رکيل هونديون هيون. اهي ڪامياب شڪار جو ثبوت ۽ مردانگي جي علامت به هئا. هڪ وحشي پدرشاهي سماج ۾ هڪ ديوي ايتري اثرائتي ڇو ٿي وئي؟ ان جو ڪارڻ عورت سان لاشعوري طور نفرت ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. ڪيٽل هيوڪ (Catal Huyuk) واري ديوي ابدي زندگي کي جنم ڏئي ٿي، پر هن جي ساٿي پاڏي کي مرڻو پوندو آهي. شڪاري سندن زالن ۽ ٻارن لا پنهنجيون زندگيون جوکم ۾ وجهندا هئا. شڪار کانپو پيدا ٿيل ڏوهه جي احساس ۽ مونجهاري سان گڏ ريتن رسمن دوران راهبي جي ڪري، ٿي سگهي ٿو ته عورت جيڪا هر وقت رتوڇاڻ گهرندي هئي کي طاقتور تصور ڪيو ويندو هجي.
شڪارين ڏٺو ٿي ته عورتون نئين زندگي جو وسيلو هيون، هيڏانهن هوڏانهن گهمندڙ مردن بدران اهي (مايون) ئي قبيلي جي اڳيان وڌڻ کي يقيني بڻائينديون هيون. ان ڪري عورت زندگي جو بهترين نمونو ٿي پئي هئي، اهڙي زندگي جنهن جي لا مردن ۽ جانورن جي قرباني ضروري هئي. پٿر جي زماني جا ٽڪرن ۾ رهجي ويل عڪس اهو ظاهر ڪن ٿا ته ڏندڪٿا پنهنجو پاڻ ۾ ڪو علاج نه هئي. اها ماڻهن تي زور ڀريندي هئي ته اهي زندگي ۽ موت جي ڪڙين حقيقتن کي منهن ڏين. انسانن وٽ (زندگي جو) هڪ درد ڀريو تصور هو، هنن آسمانن تائين پهچڻ چاهيو ٿي، پر هنن اهو به ڄاتو ٿي ته اهو تڏهن ئي ممڪن هو جڏهن اهي پنهنجي فاني هجڻ واري حقيقت جي روبرو ٿيندا، جڏهن اهي حفاظت ڀري دنيا کي ڇڏي پاتل جي گهراين ۾ وڃي پنهنجي پراڻي نفس کي ماريندا.
ڏندڪٿا ۽ ان سان لاڳاپيل ريتن رسمن پٿر جي دور جي انسان جي هڪ منزل کان ٻئي منزل تائين پهچڻ ۾ ان طريقي سان مدد ٿي ڪئي جو جڏهن حقيقي موت اچي ته اها ڪنهن مڪمل اڻڄاڻ وجود لا آخري ۽ مڪمل تياري لڳي. اها شروعاتي سمجهه ڪڏهن به وڃائجي نه سگهي، پر انساني تاريخ جي ٻئي وڏي انقلاب ۾ رهبري ڪندي رهي.
(پورو ٿيو)