رانديون

ٽي 20 ۾ سڄي ٽيم 10 رنسن تي آئوٽ، عالمي رڪارڊ قائم

ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿيڻ جو نئون رڪارڊ ٺهي ويو آهي، جنهن ۾ آئل آف دي مين جي جي سڄي ٽيم اسپين خلاف ميچ ۾ رڳو 10 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان عالمي طور ٽي 20 ۾ گهٽ اسڪور تي ٽيم جي آئوٽ ٿيڻ جو رڪارڊ ٺهيو آهي. جڏهن تھ موٽ ۾ اسپين جي ٽيم ٻن بالن تي 2 ڇڪا هڻي ميچ کٽي راند ئي ختم ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ آئل آف مين برطانيا ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جتي ٽي 20 ميچ کيڏي وئي، جنهن حيران ڪندڙ رڪارڊ ٺاهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button