پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ نوجوان ناري جو کوهه مان لاش مليو

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڀجاڙو ۾ نوجوان ناري جو کوھه مان لاش هٿ آيو. وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو. ڏاهلي تعلقي جي کيمي جو پار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀجاڙو ۾ 16 ورهين جي نوجوان ناري جو کوھه مان لاش هٿ آيو آهي، وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس کي ناري جي وارثن ٻڌايو ته 16 ورهين جي پوجا ڌي جهنڊو ميگھواڙ کوهھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي. پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش کوھه مان ڪڍرائي کينسر اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ لڳي رهيو آهي ته گهرو اڻبڻت سبب ناري آپگهات ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڇوڪري جون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن ۾ چهري تي زخم جا نشان ظاهر ٿي رهيا آهن. سماجي ڌرين مطالبو ڪيو ته ٿر ۾ آئي ڏينهن وڌندڙ آپگهات جي واقعن جي جاچ ڪري انساني قيمتي جانين کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button