سريلنڪا، جيڪو ڪجهه وقت پهريان ڊيفالٽر ٿي ويو هو ۽ وزير اعظم استعيفا ڏئي پرڏيهه هليو ويو، هاڻ اتي به عام چونڊن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، پر حڪومت چئي ٿي ته پيسا ناهن، انڪري چونڊون ڪرائي نٿا سگهون، انڪري ملڪ جي اليڪشن ڪميشن پريشان آهي ته اربين رپيا ڪٿان آڻي، چونڊن جو بندوبست ڪري. هي ساڳي صورتحال پاڪستان جي به آهي! دنيا جي قديم جمهوريت برطانيا جو شايد ڪلاسيڪي مثال موجود آهي ته اتي عالمي جنگ جي باوجود عام چونڊون ٿيون ۽ ملڪ جو وزير اعظم ونسٽن چرچل چونڊن ۾ مات کائي ويو! گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ ننڍين چونڊن ڪرائڻ لاءِ حڪومت رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن به صورتحال کي ڏسندي ڪيترن ئي تڪن تي چونڊ ملتوي به ڪري ڇڏي آهي. ان صورتحال جي باوجود هڪ طرف ملڪ جي اعليٰ عدليا ۽ ٻئي پاسي وري عمران خان ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن، ته جيترو جلد ٿي وڃي، چونڊون ڪرايون وڃن. هاڻ ته ملڪ جي چيف جسٽس، رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ چونڊن جي حوالي سان آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏيندا، ان سان گڏ هي چوڻ ته غير معمولي صورتحال ۾ چونڊن جي تاريخ کي اڳتي به وڌائي سگهجي ٿو. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي چيف جج، پاڻمرادو نوٽيس جي شروعاتي ٻڌڻي ڪندي چيو ته “هن ڀيري ڪنهن شهري نه پر ملڪ جي آئين، اسان جي عدالت جي در تي دستڪ ڏني آهي، انڪري پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ڪريون پيا”.
ملڪ ۾ عدليا جي جهڙي تاريخ رهي آهي ۽ نظريه ضرورت آئين ۽ قانون سان جيڪو کلواڙ ڪيو آهي، ڏيهه توڙي پرڏيهه جي ليکڪن ان تي ايترا ڪتاب لکيا آهن، جو، انهن کي پڙهڻ ۾ اڌ عمر لڳي سگهي ٿي. ان حوالي سان پرڏيهي پبلشنگ ادارن وڌيڪ ڪتاب شايع ڪيا آهن، جيڪڏهن ڪجهه ڪتاب حوالي طور ڏجن ته ايندڙ نسل کي گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو. هي ڪتاب ملڪ جي عدليا جي ڪردار کي واضح ڪن ٿا.
*A History of the Judiciary in Pakistan … – Oxford University Press
*The Judicialization of Politics in Pakistan (Chapter 6)
*Role of Judiciary in the Evolvement of Democracy in Pakistan
*Role of the judiciary in the constitutional crises of Pakistan
*The Judicialization of Politics in Pakistan A Comparative Study
*A History of the Judiciary in Pakistan: 9780199405367
ان سان گڏ ڪيترن ئي رٽائرڊ ججن ۽ ٻين سياسي سوجهه ٻوجهه رکندڙ ليکڪن به ان حوالي سان ڪتاب لکيا آهن. هينئر جيڪو، ملڪ جو آئين، ملڪ جي اعليٰ عدالت جي در تي دستڪ ڏئي پيو، ان کان اڳ ان جي شڪل بگاڙڻ لاءِ جيڪي جوڊيشل ڪوديتائون ٿيون، وقت جي چيف جسٽس کي ڪيئن هڪڙي بينچ گهر ڀيڙو ڪيو، بقول خواجا آصف جي ته ملڪ جي عدليا چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي تخت تي پهچايو، ۽ ٻئي وزير اعظم نواز شريف کي سياسي طور شهيد ڪيو. هينئر به ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي حوالي سان درخواست ملڪ جي اعليٰ عدالت وٽ پينڊنگ ۾ پئي آهي، ان کي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو، پر ڪا به شنوائي نه ٿي آهي. هي عدليا جي Dark side آهي، پر ان جا ڪيترائي اهم ۽ تاريخي فيصلا به آهن، جن ۾ وقتي چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس، وردي ۾ صدر کي غير قانوني قرار ڏنو، هن هڪ فوجي آمر پاران لاٿل چيف جسٽس کي بحال ڪيو، ماضي قريب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو ۽ صدر عارف علوي ۽ ان وقت جي وزير اعظم عمران خان جي فيصلن کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هي الڳ ڳالهه آهي ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ ڪمپني جي ٺيڪي تي اعليٰ عدالت نظرثاني نه ڪري ها ته ملڪ جا 15 ارب ڊالر، پرڏيهي ڪمپني کي هرجاڻي طور ادا ڪرڻا پون ها!
موجوده صورتحال ۾ جلد نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ عمران خان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي آهي، پر هيل تائين ان تحريڪ جو ڪوبه کڙتيل نڪرندي نظر نه پيو اچي. هن تحريڪ دوران ڪيترائي سياسي لطيفا جوڙيا ويا آهن. خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ان تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن جون ڳالهيون به ملڪي تاريخ ۾ مثال طور بيان ڪيون وينديون.
*پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل ويا ته زين قريشي، جيڪو قريشي جو پٽ آهي، ان درخواست داخل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سندس والد ۽ ٻين جي ضمانت جي درخواست قبول ڪري ۽ ترت عدالت چيف سيڪريٽري کي سڏرائي ۽ فيصلو ڏئي! عدالت صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جج چيو ته توهان پنهنجي شوق ۾ جيل ويا آهيو، ڪجهه ڏينهن ته رهو، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي والد سان ملاقات ڪرڻي آهي ته گرفتاري پيش ڪري سڌا جيل هليا وڃون ۽ تفصيلي ملاقات ڪريو!
- دفاع جي اڳوڻي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، پشاور ۾ ڪارڪنن سان گڏ جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو ته هن کي پوليس وارن گذارش ڪئي ته سائين، وين ۾ ويهو ته توهان کي سرڪاري خزاني مان دال ماني کارايون، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ پوليس کي جواب ڏنو ته اسان دال ماني کائڻ لاءِ نه پر سياسي جلسو ڪرڻ آيا آهيون، انڪري گرفتاري ڏيڻ جو ڪوبه موڊ ناهي. ڪي اڳواڻ ته ڀڄندي ڏيکاريا ويا، چوڻ لڳا ته جيل کان ته کين ڊپ ناهي، پر هي مشڪل ڪم آهي، هو جيل ياترا ڪري نٿا سگهن!
*ڪي پي ڪي جي اڳوڻي گورنر شاهه فرمان، پشاور ۾ گرفتاري لاءِ آيو ۽ ان سان گڏ ڪجهه ڪارڪن به هئا، سو هن پهريان پوليس وارن کي چيو ٻيلي مان آهيان بيمار، انڪري مون کي گرفتار نه ڪجو، بس تقرير ڪري واپس وران ٿو، هن جيئن ئي تقرير ختم ڪئي ته پوليس وارن کي پنهنجي ويجهو ايندي ڏٺو، بس شاهه فرمان پيرن تي زور ڏنو ۽ وڃي گهر پهتو!
*ملتان ۾ زين قريشي، ملڪ عامر ڊوگر ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتاريون ڏيڻيون هيون، ڪجهه ڪارڪن ته پهتا، جيڪي بعد ۾ مايوس ٿي واپس هليا ويا، پر ڪوبه اڳواڻ نه آيو، انڪري پوليس وارا مايوس ٿي واپس هليا ويا.
*پنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن ته گرفتاري ڏني، انهن ۾ ذلفي بخاري به شامل هيو، پر شيخ رشيد، جيڪو جيل کي ساهرن جو گهر سڏيندو هو، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس کي گوهي ڏئي غائب ٿي ويو! - پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ چئي رهيا هئا ته ليڊر، عمران خان ته پلستر هڻي بني گالا ۾ ويهي رهيو آهي، باقي انهن کي ڪوفي جي ميدان ۾ ڇڏيو ويو آهي، انڪري اهي به گرفتارين لاءِ نه ايندا. هاڻ باقاعدگي سان ليڊرن کي چيو ويو آهي ته اهي گرفتاري پيش ڪرڻ کان پاسو ڪن.
*اڳوڻو وفاقي وزير ۽ اڳوڻو آمريڪي شهري اعظم سواتي، جنهن کي جيل وڃڻ جو انتهائي ڀيانڪ تجربو آهي، اهو جيل وڃڻ کان ائين ڊڄي ٿو، جيئن ڪانءَ وڃي ڪمان کان، سو ڳوهه وانگيان کٽي کنيو، شاهه محمود قريشي سان ايڪتا جو اظهار ڪرڻ لاءِ ويو ته پوليس وارن ان کي پنهنجو مهمان سمجهيو ۽ ويهاري ڇڏيو. هاڻ اعظم سواتي زارو قطار روئندي، پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي، چئي ٿو ته مان 76 سالن جو پوڙهو آهيان، بيمار به آهيان، پر مون کي جيل ۾ ويهاريو ويو آهي! مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو وڃي!
هيل تائين پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ سنڌ، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير مان ڪنهن به گرفتاري نه ڏني آهي، ابتو، ڪارڪن پڇندا رهن ٿا ته مراد سعيد، قاسم سوري، علي زيدي، علي امين گنڊاپوري، منشيات جي خاتمي جو اڳوڻو وزير شهريار آفريدي، جنهن راڻا ثناءُ الله کي هيروئن جي ڪيس ۾ بند ڪيو، ان سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ آهن، جيڪي منظر تان غائب آهن. پي ٽي آءِ جا مخالف چون ٿا ته ليڊر ته ضمانتن ڪرائڻ ۾ پورو آهي،ممڪن آهي ته کيس جلد جيل ياترا ڪرائي وڃي، پر ڪارڪنن کي بي يارومددگار ڇڏيو ويو آهي!
هينئر ملڪ ۾ گهڻو بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن آءِ ايم ايف به پاڪستان سان ڪو ٺاهه نه ڪري، پر حڪومت، عالمي مالياتي اداري جي اڳيان ليٽي پئي آهي ۽ عوام جي ابتي کل لاهڻ جا سمورا بندوبست ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ هي ڳالهه به شامل آهي ته حڪومت جتي ڪابينا جي ميمبرن جون پگهارون بند ڪيون آهن ۽ ٻيا بچت وارا قدم کنيا آهن، اتي دفاع جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي وارو شرط به قبول ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن دفاع جي خرچ کي ڪجهه سالن لاءِ Freeze رکيو وڃي ته ڪافي بچت ٿي سگهي ٿي. ملڪ ۾ معاشي سان گڏ سياسي ۽ آئيني بحران به موجود آهي، اهي جج جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ رهيا آهن، انهن کي به حدن ۾ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. حڪومت ڪجهه ججز جي خلاف جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ گهري ٿي، پر ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو،ڇاڪاڻ ته جيستائين ملڪ جو نئون چيف جسٽس نٿو اچي، ايستائين عدليا مان صفائي ممڪن ناهي. عدليا کي صاف ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو هجڻ ضروري آهي، جيڪا هر نئين مقرر ٿيندڙ جج جي ڪليئرنس ڏئي، ان حوالي سان قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي، آمريڪا کان وٺي دنيا جي سمورن ملڪن جون پارليامينٽس ججن جي مقرري جي منظوري ڏينديون آهن، اسان وٽ به ائين ئي ٿيڻ گهرجي.