پاڪستانسنڌ

کپري ۾ صحافي حملي ۾ مرڻينگ، ڪيس داخل

کپرو: کپرو پريس ڪلب جي ميمبر ۽ سروري تنظيم ويلفئير فائونڊيشن جي جنرل سيڪريٽري حسن ھنڱورو پنهنجي ڪيبن تي ويٺو ھو ته 4 جوابدارن حملو ڪري کين ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ سامان کڻي ويا. صحافي کي اسپتال آندو ويو. هوڏانهن پوليس نعمان جٽ ۽ 4 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. صحافي حسن ھنڱورو کي ڄنگهه ۽ ٻانهن ۾ ڌڪ لڳا. ٻئي پاسي پريس ڪلب جي صدرعبدالرزاق راجپوت، جنرل سيڪريٽري ساجد قائمخاني، نائب صدر محبوب خان بابو، سينيئر نائب صدر ذوالفقار راجپوت، حسين جوڻيجو، صحافي فريد مغل، غلام علي راجپوت، مظفر سرفراز، اسد ناز بادلاڻي، قبول درس، عالمگير پٺاڻ، عبيدالله مزار مري، گل محمد شر، ميرمحمد ڀيو، جسقم آريسر ضلعي صدر آزاد ڪنڀار، سروري تنظيم ويليئر فائونڊيشن جي مرڪزي صدر جمال الدين ھنڱورو ۽ ٻين حسن ھنڱورو تي ٿيل قاتلاڻا حملي جي سخت لفظن جي مذمت ڪئي ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button