پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ پورهيت ماني دير سان پچائڻ تي زال ماري ڇڏي

ميرواہه گورچاڻي : ميرواھه گورچاڻي ۾ سموسا وڪرو ڪندڙ پورهيت پنهنجي زال کي ويلڻ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب ميرواھه گورچاڻي شهر جي امير شاھ بخاري پاڙي ۾ سموسا وڪرو ڪندڙ نوجوان فرقان عرف ڀانڊا ولد عباس راجپوت پنھنجي نوجوان 25 سالن جي زال اسما کي گهرو پريشانين سبب معمولي ڳالهھ تان ماني پچائڻ وارو ويلڻ اڇلائي هنيو، جنهن سبب عورت مرڻينگ ٿي پئي، جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان عورت کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اتان به ڊاڪٽرن عورت کي حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، عورت رستي ۾ فوت ٿي وئي. ان سلسلي ۾ پاڙيسرين پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته سموسا وڪرو ڪندڙ پورهيت نوجوان فرقان عرف ڀانڊا راجپوت جي 4 سال اڳ کوسڪي مان شادي ٿي هئي. ڪجھه ڏينھن کان هنن جي گھر ۾ وڏو روڄ راڙو ٻڌڻ ۾ ايندو هو، اڄ فرقان پنھنجي زال کي ماني دير پچائڻ تان ويلڻ اڇلائي هنيو، جنهن سبب عورت سخت زخمي ٿي پئي ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ميرواهه گورچاڻي پوليس ٻڌايو ته مقتول عورت جا مائٽ کوسڪي ۾ رهندا آهن، جيڪي لاش کي حيدرآباد مان کوسڪي کڻائي ويا آهن، اسان کي وارثن قتل جو ڪو اطلاع ناهي ڪيو، باقي معلومات وٺي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button