سنڌ

قوم دهشتگردن جو نالو نشان ختم ڪري ڇڏيندي:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوانن جي شهادت تي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي جوانن سپاهي عمران الله شهيد، سپاهي افضل خان شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي، هاڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button