پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي لڳ بيگن جروار ٽيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي لڳ يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو، جنھن مان 2 ٽيمون انقلاب اليون مبارڪ جروار ۽ بيگن جروار اسپورٽس فائنل ۾ پھتيون. فائنل ميچ ۾ انقلاب اليون ٽاس کٽي پھرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيگن جروار اسپورٽس بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جنھن ۾ نثار لغاري 87 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو. سندس ساٿ ڏيندي فرحان علي عمراڻي پنھنجي ڪيريئرجي تيز ترين ففٽي مڪمل ڪندي 14 بالن تي 59 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو. انقلاب اليون مبارڪ جروار اٺ وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 10 اورن ۾ 148 رنسون ٺاھي سگھي. آصف ساند وڌيڪ رنسون ٺاھيندڙ رانديگر رھيو، جنھن 47 رنسن جي اننگ کيڏي. بيگن جروار اسپورٽس فائنل کٽي ٽرافي پنھنجي نالي ڪري ورتي. نثار لغاري کي 3 اورن ۾ 4 وڪيٽ وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. فرحان علي عمراڻي کي تيز ترين ففٽي ٺاھڻ تي روڪ انعام ڏنو ويو. بيگن جروار اسپورٽس جي ڪپتان عاشق حسين جروار مھمان خاص نبيل احمد ميمڻ کان پنھنجي ٽرافي وصول ڪئي. جڏھن ته مھمان خاص نبيل ميمڻ، پير عبدالمالڪ قريشي، نور محمد جروار، فيصل جروار، آصف گھانگلو ۽ محرم جروار شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button