وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي آرڊينسس ذريعي قبضي خلاف تحريڪ کي سال مڪمل ٿي چڪو آهي. ان ڪامياب تحريڪ کانپوءِ سنڌ ۾ 6 جون واري تحريڪ، ٻيٽن واري معاملي کان به وڌيڪ شديد انداز ۾ هلي ۽ اڄ سنڌ شهيد ناظم جوکيي سان انصاف لاءِ، سرداري نظام خلاف ۽ ماحولياتي تحفظ خاطر سراپا احتجاج آهي. ان سموري سياسي تحرڪ ۾ مان ذاتي طور هڪ سياسي تنظيم جي ذميوار فرد طور اڳين صف ۾ متحرڪ رهيس، سڄي سنڌ ۾ وڃڻ جو موقعو مليو، سنڌي ماڻهن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سياسي ڪارڪنن سان گڏ پنهنجي مختصر سياسي سفر جو سڀ کان متحرڪ وقت گذاريو. هتي مان پنهنجي ننڍڙي ڪوشش جا احوال نٿو ٻڌائڻ گهران پر هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي ان گذاريل تجربي (lived experience) تي ٻيهر غور فڪر ڪري، ڪجهه بنيادي سياسي نظرياتي سوال اٿاري ۽ انهن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهران ٿو. اهي سياسي سوال جيڪي هر سياسي سوچ رکندڙ وطن دوست ترقي پسند ماڻهو جي ذهن ۾ ٿي سگهن ٿا.
اهو ڏاڍو سادو بيان آهي ته “ادا سنڌ ۾ تمام گهڻو سياسي تحرڪ آهي. ماڻهو ڪجهه خودرو ۽ ڪجهه سياسي گروپن ۽ ڪارڪنن جي ڪوشش سان مختلف معاملن تي سراپا احتجاج ٿين ٿا. بحريا ٽائون واري معاملي ۾ ڏسو هزارين سنڌي نڪري آيا. پر بس انقلابي پارٽي ڪونهي جيڪا ان تحرڪ کي منظم ڪري منطقي نتيجي تائين پهچائي”. اها ڳالهه توهان کي تقريبن هر سياسي ماڻهو جي وات تي ملندي پر اها ڳالهه منهنجي نظر ۾ تمام عمومي، تجريدي ۽ سياست جي الف ب جي ليول جي آهي. سوال اهو ناهي ته انقلابي قوت ڪونهي، ٺوس سوال اهي آهن ته آخر اهي ڪهڙا محرڪ آهن جنهن سبب گذريل سال کان سنڌ جي ماڻهن جو سياسي تحرڪ، ڪافي وقت کانپوءِ ايترو تيز ٿيو آهي ۽ نتيجي ۾ مزاحمتي سياست جي اسپيس وڌي رهي آهي؟ ان سڄي سياسي تحريڪ ۾ مجموعي طور سنڌ جي ماڻهن ڇا حاصل ڪيو؟ ڇا اسان قومي عوامي شعور ۽ ارادي جي تشڪيل ۾ ڪجهه ڏاڪا طئي ڪيا يا بس اهي وقتي اشوز ۽ وقتي تحرڪ آهي؟ اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته منظم انقلابي قوت موجود ناهي پر اها آسمان تان نه ايندي. ان جي تشڪيل هڪ تاريخي سلسلو آهي ۽ اهڙي سياسي تحرڪ ۾ مداخلت ڪري ئي ان ڏانهن پيش قدمي ڪري سگهجي ٿي. هاڻوڪي سياسي تحرڪ دوران اسان جون اهي ڪهڙيون کوٽون ۽ ناڪاميون آهن جيڪي اهڙن تحريڪن کي ٿڌو ڪري ڇڏن ٿيون ۽ جن جي پوراءُ سان ئي اسان اهڙن سياسي تحريڪن مان هڪ انقلابي قوت طرف وڌي سگهون ٿا؟ هي اهي ٺوس سوال آهن جن تي اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي ۽ هن مضمون ۾ انهن سوالن تي مان پنهنجا خيال ونڊڻ گهران ٿو. اهڙن ٺوس سوالن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان ڪن لاٽار ۽ ڏکي ڳوڙهي سوچ جي فقدان سبب اسان ٺوس نقطي نظر جي خلا کي سازشي نظرين سان پورو ڪندا آهيون. مثال مارڪسي کاٻي ڌر جي ڪافي دوستن ۾ 6 جون واري تحريڪ بابت ٻه نقطي نظر هئا. هڪڙا چون پيا ته جون واري سڄي تحريڪ ڊي ايڇ اي جي سازش آهي، جيڪا پنهنجو بزنس قدر وڌائڻ گهري ٿي ۽ پيپلز پارٽي کي خوار ڪرڻ چاهي ٿي. ٻيا دلبر دوست چون پيا ته هي سڄي تحريڪ خودرو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ان ۾ انڊجنيس رائيٽس الائنس جو ڪردار آهي پر سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي خودرو تحريڪ کي سبوتاج ڪرڻ لاءِ لاٿو ويو!! هاڻ جڏهن تحريڪ ٿڌي ٿي وئي آهي ته اهي دوست چون ٿا “ڏسو اسان ته پهريان ئي چيو هو”. فڪري سياسي خصيپڻو اهڙي سوچ کي جنميندو آهي.
- ٻيٽن جي تحريڪ کان ناظم جوکيي تائين: سياسي تحريڪ جا محرڪ
هر لقاءَ جا گهڻا محرڪ هوندا آهن ۽ اسان جو فڪر حقيقت جي هر پاسي جو احاطو ڪري اهو ممڪن ناهي پر اهو ضروري آهي ته اسان جو نقطي نظر عمومي توڻي ٺوس محرڪن جي مجموعي سمجهاڻي پيش ڪري. 21هين صديءَ جو سنڌي سماج گهڻن معاشرتي تبديلين مان گذريو آهي، جيڪي مجموعي ملڪي ۽ عالمي تبديلين سان جڙيل آهن. انهن مان هڪ وڌندڙ نيولبرل سرمائيڪاري ۽ شهرڪاري آهي، جنهن روايتي سنڌي سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر اها نيولبرل شهرڪاري جيتوڻيڪ هن بيٺڪيتي جابر رياست جي استحصالي صورت ۾ آئي آهي پر ان باوجود ان جي اثرن کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي. مثال طور 2000ع کانپوءِ جنرل مشرف جي دور ۾ دنيا ۾ مجموعي عالمگيريت ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي امدادي ڊالر جي ڀرمار جي نتيجي ۾ عمومي طور پاڪستان ۾ نجي سرمائيڪاري ۽ شهرڪاري جو عمل تيز ٿيو. جديد دور ۾ شهرڪاري جو عمل اضافي سرمائي لاءِ منافعي بخش گس آهي،پاڪستان ۾ جديد سرمائيداري جو اهو عمل مسلم قوميت جي تصور تي ٻڌل مسواڙي رياست سان جڙيل آهي، جيڪا ڌرتي ڌڻين جي زمينن کي عالمي ۽ پنهنجي ڏيهي ٺيڪيدارن کي ڏئي اتي شهرڪاري جا منصوبا جوڙي ٿي. مشرف اچڻ شرط 2002ع ۾ لوڪل آرڊيننس تحت ڪراچي کي هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪري ٻهراڙي ۽ ساحلي علائقن کي به شهري گورنمنٽ جي تابع ڪيو ۽ پوءِ مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ “ورلڊ ڪلاس سٽي” جي نالي سان شهرڪاري جو عمل شروع ڪيو ويو جتي سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ ايمار جهڙين ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويا، سمنڊ واري علائقي ۾ شهرڪاري جا “خوبصورت” منصوبا شروع ڪيا ويا. اڄ پاڪستان ۾ ريئل اسٽيٽ جو بزنس 700 ارب ڊالر تي مشتمل آهي جنهن جو اظهار سنڌ ۾ سيٽلر بيٺڪيت جي صورت ۾ ٿئي ٿو يعني ڪراچي کان حيدرآباد تائين ۽ پوري ڏکڻ سنڌ ۾ زمين کي ڪمرشلائز ڪري، ميگا شهر جوڙي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي ۽ ان بيٺڪيت جو تحفظ وري ڇانوڻين جي ڄار سان ڪيو پيو وڃِي. ان نتيجي ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان هڪڙي پاسي شهرڪاري ڳوٺن کي لپيٽي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري پئي ته ٻئي پاسي سنڌ جي زرعي زمين جو شهرڪاري، ماحولياتي بگاڙ، پاڻي کوٽ سبب تيزي سان خاتمو اچي رهيو آهي ۽ نتيجي طور ڳوٺ شهرن اندر ڦاٽي رهيو آهي يعني سنڌي ماڻهو شهرن ڏانهن منهن ڪيو آهي يا ننڍا ڳوٺ يا ٽائون به نيم شهر يعني شهري زندگي جو اڻٽٽ حصو ٿي ويا آهن. هن وقت سنڌ جي ان “نيم شهري” (semiurban) ٻهراڙي جي 60 سيڪڙو آمدني غيرزرعي شعبن جهڙوڪ سورس سيڪٽر ۾ غير رسمي پورهيي (هوٽل، دڪان، نجي اسڪول ۾ ڪم ڪرڻ، ٺيلهو لڳائڻ، رڪشا هلائڻ وغيره) جي صورت ۾ اچي ٿي. سنڌ ۾ ويهين صديءَ ۾ هاري فارمن (اها زمين جتي هاري خاندان پاڻ هارپ ڪري) جو تعداد زرعي زمين جو 70 سيڪڙو هو ته اڄ انهن جو تعداد 25 سيڪڙو آهي. ملڪ جي ٺهڻ وقت جيڪڏهن زراعت جو معيشت ۾ حصو 60 سيڪڙو هو ته اڄ اهو 20 سيڪڙو مس آهي. سنڌ جي جنهن آبادي وڏن شهرن ڏانهن منهن ڪيو آهي ان جي اڪثريت به شهرن جي غير رسمي سروس سيڪٽر ۾ پورهيو ڪري ٿي يا بيروزگارن جي فوج آهي. ان آبادي جي وڏي اڪثريت وڏن شهرن جي لور ڪلاس ۽ مڊل انڪم جي علائقن ۾ رهي ٿي. ان آبادي جي ڊيموگرافي ڏسجي ته پوري پاڪستان وانگي ان جي عمر به 20 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي. ان نوجوان آبادي کي مان رسمي پيداواري شعبي مان “بيدخل ٿيل” dispossessed population آبادي سڏيان ٿو. انهن تبديلين سنڌ ۾ ننڍي پيماني تي نئون مڊل ڪلاس پڻ پيدا ڪيو آهي جيڪو ريئل اسٽيٽ، اين جي او، وڪالت، نجي شعبن ۾ پروفيشنل ڪلاس وغيره سان تعلق رکي ٿو. پاڪستان جي برعڪس سنڌ جي نئين مڊل ڪلاس جو به مڪمل اظهار “پاڪستاني قومپرستي” ۾ نٿو ٿئي جيئن پنجاب ۽ ڪي پي جو نئون مڊل ڪلاس گٽار، ڏاڙهي ۽ پاڪستانيت جو سنگم آهي. مثال هاڻوڪي صورتحال ۾ سنڌي وڪيلن جو قوم دوست ڪردار ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو.
سنڌ جي شهري ۽ نيم شهري بيدخل نوجوان آبادي، جنهن جا روايتي زرعي ڳوٺاڻا بنياد لڏي ويا آهن ۽ جيڪا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا سان ڳنڍيل آهي،جتي خيال باهه وانگر سفر ڪن ٿا، اها آبادي هاڻ سنڌ ۾ رياستي ضابطي جي روايتي صورتن يعني وڏيراشاهي ۽ سردار شاهي جي سرپرستي جي نظام کان تنگ آهي ۽ سوشل ميڊيا جي اوزار سان ان خلاف مختلف صورتن ۾ جهيڙي ٿي. هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته وڏيرا شاهي ۽ سردار شاهي سنڌ ۾ ڪنهن معاشي نظام طور وجود نٿي رکي (سنڌ ۾ جديد بيٺڪيتي سرمائيداري جو معاشي ماڊل ئي لاڳو آهي ۽ بظاهر سردار به معاشي طور سرمائيدار آهن) بلڪي وڏيرا شاهي ۽ سرداري سرشتو رياست جي سياسي سرپرستي (political patronage) جي آليڪار طور وجود رکي ٿو جنهن جو ڪم عام ماڻهن کي فرسوده روايتن، برادري ۽ ڏاڍ وسيلي سياسي طور ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي. اهو وڏيرو سامراج ۽ رياستي ٽيڪ سان بيهاريل آهي. سنڌ جو اهو شهري بيدخل، ڏتڙيل ۽ بيروزگار نئون نسل ئي قومپرست ۽ ترقي پسند خيالن ۽ سياست جو زرخيز ميدان آهي ڇاڪاڻ ته ان وسيع آبادي جي نمائندگي رياستي نظام ۾ ناهي ٿي رهي. اها آهي ئي ڊسپزيزڊ پاپوليشن.
(هلندڙ)