سنڌ

سنڌ پروگريسو ڪميٽي جا مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف مظاهرا

هٿرادو مهانگائي خلاف پروگريسو ڪميٽي جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ اڳواڻن نواب الدين چانڊيو، شوڪت چانڊيو، نجم خاصخيلي، محمد پنھل چانڊيو، وقار شابراڻي، زاهد بروهي، عرفان گوپانگ، ياسر چانڊيو، منظور بروهي، اقرب سنڌي، سڄڻ خان، نور سولنگي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرا ڪيا. نصيرآباد ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪامريڊ سينگار نوناري، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي آرٿر برانچ جِي موري تي ڌرڻو هنيو ويو. نوابشاهه ۾ سنڌ پروگريس ڪميٽي جي اڳواڻن احمد خيام، ذوالفقار رستماڻي، ڄام الاھي انڙ، ڊاڪٽر منصور جلباڻي، غازي نجيب چانڊيو، ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. موري ۾ اڳواڻن ھاشم کوسو، ڪامريڊ يونس راھو، خالد ٻگھيو، خالد کوسو، امير لغاري، منظور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مادرا آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ منير احمد بروهي، وزيرعلي کوسو، ذولفقار علي مگسي، فيض مينگل، سڪندر سومرو، گدا مستوئي، دائود سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button