سنڌ

ڊفينس يونيورسٽي کي ڊاڪٽر قدير نالي منسوب ڪيو وڃي:يوٿ اسيمبلي

لاڙڪاڻي ۾ نيشنل يوٿ اسيمبلي آف پاڪستان ڊويزن لاڙڪاڻو جي يوٿ پارليماني اجلاس سرڪٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران نيشنل يوٿ اسيمبلي لاڙڪاڻي جي صدر ظفر علي سهتو، عبدالصمد بليدي، سعيد ظفر ابڙو ۽ رحمت الله شر پاران شريڪ مهمان خاص اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ ۽ شاهه رخ سميت ٻين مهمانن کي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ شاهه رخ سيال چيو ته نوجوانن ۾ سياسي شعور ڏسي خوشي آهي اهڙي ريت نوجوان اڳتي اچي ملڪ جو سرمايو بڻجي سگهن ٿا. اجلاس کي خطاب ڪندي ظفر علي سهتو چيو ته اسان نوجوانن جي هن اجلاس پاڪستان جي محسن ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اسان سمجهون ٿا ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان ۽ اسلام جي مفاد لاءِ گهڻو ڪيو آهي ۽ اسان سندن جي گهر وارن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا. ان موقعي تي يوٿ منسٽر عبدالصمد بليدي چيو ته هن اجلاس جي ذريعي مطالبو ٿا ڪريون ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، پئٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي سعيد ظفر ابڙو، رحمت الله شر، وڪيل سلميٰ مشتاق ڀٽو، اختيار بيگم، مومل قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان ۽ عالم اسلام کي دفاع فراهم ڪيو، اسين سندس گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. حڪومت پاڪستان ۽ رياستي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي سميت ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن کي ڊاڪٽر عبدالقدير جي خدمتن عيوض ان جي نالي سان منسوب ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button