ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي ڏنل ڊيڊ لائين!

Editorial-Article- Allahbux Rathore

مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن جي حوالي سان حڪومت سان ڪنهن به قسم جي سرچاءَ يا سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ايستائين جو پيپلز پارٽي جيڪا روڊ پار ڪرڻ کان اڳ ٻنهي پاسن کي ڏسي گذرندي آهي ۽ اها آخري پل تائين ان ڌر جي ساٿ لاءِ انتظار ڪندي، جيڪا ان کي ڪيترائي ڀيرا اڌ رستي ۾ ڇڏي چڪي آهي، جنهن کي عرف عام ۾ اسٽيبلشمنٽ سڏجي ٿو. ن ليگ، ٿورو وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺي ٿي، اها به هاڻ پيپلز پارٽي جي تجويز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، ظاهري طور ڀلي انڪار ۽ اقرار جون ڳالهيون ٿينديون هجن، پر گڏيل مخالف ڌر ۾ اتفاق آهي ته عمران خان کي جيڪڏهن گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي ته پوءِ وچئون رستو ڪڍڻو پوندو. ان دوران ن ليگ ڪنهن به رٽائرڊ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نه وري هاڻ اهڙي ڌر تي يقين ڪري سگهي ٿي، هو نه ئي ڪنهن ٽيڪنوڪريٽ، نڪي وري رٽائرڊ جج يا جنرل تي يقين رکن ٿا ته اهو وچ وارو ڪردار ادا ڪري يا عبوري مرحلو پار ڪرائي ته جيئن عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي. انڪري ن ليگ، هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار آهي، يا وري اهڙي اميدوار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جيڪو هجي ته سياسي مائينڊ پر اڻ ڌريو هجي، يا ان جي Integrity تي شڪ جو اظهار نه ٿئي. هينئر ته ن ليگ جا اهي اڳواڻ، جن جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي، انهن کي به شڪ جي نظرن سان ڏسن ٿا، انهن ۾ خواجا آصف سرفهرست آهي. انڪري هينئر جنهن تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان کي عبوري مرحلي مان گذرڻو آهي ۽ ان کانپوءِ ئي طئي ٿيندو ته مستقبل جي سيٽ اپ کي سمورين ڌرين کي بهتر پليئنگ فيلڊ ملي سگهندي.
مارڪيٽ ۾ سياسي ٿيوريز ڇڏيندڙ اهي تجزئي ڪار، جيڪي انتهائي احتياط ۽ ڪنجوس پائي سان چوندا هئا ته عمران خان جي حڪومت کي ڪو خاص لهر ۽ لوڏو ناهي، اهي به هاڻ نرڙ ۾ گهنج وجهي چون ٿا ته معاملو کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي ۽ ڌرين ۾ فاصلا وڌي ويا آهن ۽ انهن جو اظهار به ٿي رهيو آهي. هو ان سان گڏ هي سوال به پڇن ٿا ته ڇا فاصلا ايترا وڌيا آهن، جو حڪمران، واڳ ڌڻين کي ڳراٽي پائڻ لاءِ به تيار ناهن ۽ ائين جيئن گهاگهه سياستدان، مصيبت کي ٽارڻ لاءِ پنهنجن توڙي پراون سان اهڙيون مٺيون ڳالهيون ڪندا آهن، جو گمان ئي نه ٿيندو آهي ته لاڳاپن ۾ ڪا خرابي يا ڳڙٻڙ ٿي آهي. هاڻ پهرين مرحلي ۾ چوٿون ڀيرو سينيٽ جي چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي. هڪ ڀيرو سنجراڻي، جنهن وقت غير معروف هو، ان وقت به چيئرمين جي سيٽ کٽي ويو، وري هن خلاف بي اعتمادي جي رٿ به پيش ٿي، مخالف ڌر اڪثريت ۾ هجڻ باوجود، ڪجهه سينيٽرز غائب ٿي ويا، ان سان ٽيون ڀيرو وري مخالف ڌر سنجراڻي خلاف قسمت آزمائي ڪئي پر ان جا مخالف ناڪام ٿيا. هاڻ، ڪنهن ضمانت ڏني آهي ته سنجراڻي گهر ڀيڙو ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته سنجراڻي عمران خان جو وفادار گهٽ، پر واڳ ڌڻين جو وڌيڪ آهي! ممڪن آهي ته مخالف ڌر کي ڪنهن غلط صلاح ڏني هجي يا واقعي خاطري ڪرائي وئي هجي!؟ ها جيڪڏهن چوٿون ڀيرو به ساڳيو نتيجو آيو ته پوءِ عمران خان کي موقعو ملي سگهي ٿو ته اهو پنهنجي خلاف Moves کي Counter ڪري وٺي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر واڳ ڌڻين جي سيوا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي؟
ڪي حلقا چون ٿا ته سينيٽ جي چيئرمين خلاف رٿ ڪامياب ٿئي ٿي يا ناڪام، ان جو عمران خان جي سياسي مستقبل سان ڪو به واسطو ناهي. هو سمجهن ٿا ته عمران خان کي جيڪي وٺي آيا، اهي عاق ڪري چڪا آهن. انهن ماضي جي ڪجهه Developments کي سامهون رکندي، هي نتيجو ڪڍيو آهي ته هي شخص اعتبار جوڳو ناهي. انڪري پهريان هي ڳالهه سامهون آئي ته مارچ تائين اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. ان کانپوءِ هڪ هفتي جي ڊيڊ لائين به آئي، هاڻ صورتحال ڪهڙو رخ رکي ٿي، اهو ڏسڻو آهي.
جيڪڏهن عمران خان جي حڪمراني جي انداز کي ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ ادارا نان فنڪشنل ٿي ويا آهن، حڪومت جو مجموعي نظام جام ٿي رهيو آهي ۽ آهستي آهستي رسي وڌيڪ تنگ ٿي رهي آهي. اهي جن جي نسبت واڳ ڌڻين سان رهي آهي، انهن جو تعارف انهن ئي ڪرايو ٿي، اهي به پاسيرا ٿي ويا آهن. انهن کي خاموش ٿيڻ، اڻ ڌريو ٿيڻ يا وري حڪومت جي ڪنهن به سرگرمي ۾ شامل نه ٿيڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، انڪري اهي “دور دور اکهيان ماري، منڊا پٽواري دا” واري فقري تي عمل ڪري رهيا آهن. انهن جي ويجهڙائپ به عمران خان جي مخالف ڪيمپ سان نظر اچي پئي. حڪومت ته انهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ ئي تيار ناهي، ۽ ان کي ڪو ويساهه ڪرڻ به نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو سياسي ڪعبو قبلو ڪو ٻيو آهي. هي جيڪي سياسي “بهشت” مان تڙيا ويا، يا انهن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، اهي به اتان ئي آيا ۽ سيني تي هٿ هڻي چوندا هئا، ته انهن کانسواءِ واڳ ڌڻين وٽ ڪوبه متبادل ناهي، پر هاڻ انهن جا منهن به لٿل آهن. ايستائين جو جيڪي سمجهن ٿا ته عمران خان مدو پورو ڪندو ۽ هو انهن جي مدد خان جي آخري سپاهي جيان حمايت جاري رکندا، اهي به اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويندا! اهو اشارو انهن ڏانهن آهي، جن گيٽ نمبر چار جي گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي.
جنهن وقت مخالف ڌر وڌيڪ پر اعتماد نظر اچي رهي آهي، ان وقت سوشل ميڊيا تي هن قسم جا ٽوئيٽ به ٿين پيا ته “واڳ ڌڻين، پنهنجن حامي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي اشارو ڪيو آهي ته اهي عمران خان جي چونڊ سڌارن سميت سمورن بلن جي حمايت ڪن، اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر کي پنهنجي حڪمت عملي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ۽ واڳ ڌڻين کان ٻيهر پڪ ڪرڻ گهرجي ته ان عمران خان جي پٺي ٺپڻ جاري ته نه رکي آهي”! هي ڳالهه اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن عمران خان کي يقين ناهي ته هو ڪيترا ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ هوندو.
عمران خان کي ڪهڙي ريت گهر موڪليو ويندو، ان لاءِ تجويز ته پ پ جي قبول ڪئي وئي آهي ته بي اعتمادي جي رٿ ئي واحد رستو آهي، جنهن سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وزيراعظم، سينيٽ جي چيئرمين ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي گهر موڪلي سگهجي ٿو. ن ليگ انڪري ان تجويز کي قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ رستو صاف ڪرڻو آهي. ان لاءِ شايد مولانا فضل الرحمان به تيار ٿي ويو آهي ۽ ان اهو پيغام نواز شريف تائين يا نواز شريف پيغام مولانا تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هو سمجهن ٿا ته سياست ۾ ائين به ٿيندو آهي، انهن اڳيان ماضي ۾ فوجي آمرن کي به محفوظ رستو ڏيڻ جي تجويز ڪنهن ٻئي ڌر جي نه پر پ پ جي هئي، ان جو وڏو مثال جنرل پرويز مشرف جو هو.
سياسي پنڊت سمجهن ٿا ته نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان اسٽيبلشمنٽ جي خلاف سخت اسٽينڊ به انڪري هو ته جيئن انهن کي پنهنجن شرطن تي آڻي سگهن، پر عمران خان انهن لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي،عمران خان هڪ آفيسر کي ايترو بدنام ڪيو جو هن کي نه ” خدا ئي مليو، نه وصال صنم”! انڪري عمران خان تي ڪوبه اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن عمران خان جا پتا درست استعمال ٿي وڃن ها ۽ هو پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿئي ها ته وڏو ڀونچال اچي ها. واڳ ڌڻين کي پهريون ڀيرو امڪاني خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئي ها، ان سان واڳ ڌڻين جو پورو ايوان ورهائجي وڃي ها. هاڻ مخالف ڌر جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان مان هي اشارو ملي ٿو ته شايد ايمپائر نيوٽرل ٿي ويو آهي يا عمران خان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي، پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان کي جيڪو موقعو مليو، اهو هن ضايع ڪري ڇڏيو. هاڻ معاملا جنهن حد تائين پهتا آهن، انهن کي پراڻي پچ تي آڻڻ ممڪن نه لڳي رهيو آهي. انڪري عمران خان کان موڪلائڻ جو وقت اچي ويو آهي! هي ئي پيغام مخالف ڌر ڏئي رهي آهي، جنهن کي سمجهڻ مشڪل ناهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button