ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ نئون لنڊن پلان

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

نواز شريف جي اڳوڻي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ کان پو سياسي بحث مباحثن ۾ لنڊن پلان جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. اهو لنڊن پلان اصل ۾ عمران خان نيازي کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ نواز شريف جي حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪرڻ لا تيار ڪيو ويو هو. ان وقت نه رڳو ”ڪمپني بهادر“ ننهن چوٽي جا زور لڳائي عمران خان نيازي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو پر پر اردو ميڊيا ۾ ويٺل اينڪر پرسن به عمران خان جا شيدائي لڳا پيا هئا ۽ عمران خان نيازي اقتدار ۾ ايندي ئي انهن مان گهڻن صحافين کي بيروزگاري ڪري ڇڏيو، جيڪي هر وقت سندس ساراهه جا ڍُڪ پيا ڀريندا هئا. هاڻ اهو وقت موٽي آيو آهي، جڏهن اهي ساڳيا ئي اينڪر پرسن ۽ صحافي عمران خان نيازي کان منهن موڙيندي، ان تي تنقيد ڪرڻ لڳا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن کي به هاڻ محسوس ٿي ويو آهي ويو ته پي ٽي آ جي ترن مان تيل ڪونه نڪرندو. تنهنڪري بهتر اهو ئي آهي ته هڪ اهڙي پارٽي جي سڪل گاهه کي پاڻي نه ڏجي جنهن جي نسرڻ جا ڪي به امڪان ڪونه آهن. تنهنڪري اڄڪلهه اردو ميڊيا ۾ پي ٽي آ تي به تنقيد ٻڌڻ لا ملي رهي آهي.
هڪ ڀيرو وري ٻئي لنڊن پلان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هاڻوڪن ڏينهن ۾ مسلم ليگ (ن) جو سربراهه نواز شريف لنڊن ۾ ويٺل آهي ۽ هو اتان کان سڀني معاملن کي ڏسي رهيو آهي. هن لا گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو ڀڄي ويو آهي، پر ڪوبه ماڻهو اڳوڻي آمر پرويز مشرف لا اهو نٿو چوي ته هو ڀڄي ويو آهي، يا هن بيماري جو بهانو ڪري پنهنجو سر بچائڻ لا فرار جو رستو اختيار ڪيو. پر جيئن ته نواز شريف هڪ سياستدان آهي، تنهنڪري هن لا اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ سوليون آهن. نواز شريف ڪو نظرياتي اڳواڻ ناهي، پر هو پاڪستان جي سياست جا دا پيچ سمجهي ٿو. تنهنڪري هو اها سياسي چال هلندي پنهنجي علاج جي سلسلي ۾ پاڻ کي لنڊن کڻائي ويو. جيڪڏهن هو هتي هجي ها ته اڄ سياسي طور هو اهڙو ڪجهه نه ڪري سگهي ها، جيڪو هاڻ ڪرڻ وارو آهي.
پي ٽي آ حڪومت کي جيڪي همدرديون اسٽيبلشمينٽ کان ماڻڻيون هيون، سي اها ماڻي چڪي. انهن جي وزيرن کي جيترو تحفظ فراهم ڪرڻو هو، اهو ٿي چڪو پر جيئن ته پارٽي ۾ حال ڪونهي، ان ڪري ”ڪمپني بهادر“ پنهنجن ڪلهن تي هڪ اهڙي پارٽي جو بر گهڻي وقت تائين نه کڻڻ چاهيندي، جيڪا ان جي خواري جو سبب ٿيندي رهي. پي ٽي آ جي سياست نه رڳو انتقام واري سياست آهي پر ان هن سماج ۾ سياست جهڙي اهم ترين شعبي کي به بدنام ڪيو آهي. بدتميزي جون روايتون به پي ٽي آ وڌيون آهن. جيڪا ٻولي عمران خان نيازي پاڻ ڳالهائيندو آهي، اها ئي ساڳي ٻولي سندس وزير مشير ۽ هن جا ڪارڪن ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري هن ملڪ جي سياسي ڪلچر کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي.
هن وقت پي ڊي ايم هڪ ڀيرو وري متحرڪ ٿي آهي. اميد آهي ته هن ڀيري پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار جي لالچ ۾ پي ڊي جي پُٺي ۾ ڇرو نه هڻندي ۽ نه ئي آصف علي زرداري سياسي بروٽس وارو ڪردار ادا ڪندو. پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي ساڳي روش برقرار رکي ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ سياسي اڪيلائي جو شڪار ڪندي. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) هن وقت به پنهنجي موقف تي قائم آهي. اهو سبب آهي جو اسٽيبلشمينٽ ان سان رابطا ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جي جي حضوري ڪرڻ ۾ پوري آهي پر ان تي ڪيسن جي تلوار به لڙڪيل آهي.
لنڊن پلان جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، انهن مان هڪ اها آهي ته نواز شريف فيصلو ڪري ته هاڻوڪي حڪومت کي ڪيئن گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي. ٻي اها ته عبوري سيٽ اپ ڪهڙو آڻجي ۽ ٽين اها آهي ته ان هائوس تبديلي آندي وڃي، جنهن لا پنجاب اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عدم اعتماد جي رٿ آندي وڃي. ان سلسلي ۾ پنجاب اسيمبلي کان شروعات ڪئي ويندي ۽ اڳيان هلي پو وزير اعظم عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويندي. ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به ريت اقتدار ڇڏڻ لا تيار ناهي، ماضي ۾ هو چوندو هو ته منهنجي خلاف ٻه هزار ماڻهو به بيهي رهن ته آئون اقتدار ڇڏي ڏيندس. پر جڏهن کيس اقتدار مليو ته هو ڪنهن به ريت ان کي ڇڏڻ لا تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان ملڪن ۾ سياستدانن جي اها نفسيات رهي آهي ته اهي اقتدار ۾ اچڻ کان پو ان کي سولائي سان نه ڇڏيندا آهن.
تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ پي ٽي آ نه رڳو پنهنجي پارٽي جي ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او ڏنو پر ان عوام جي سمورين اميدن تي به پاڻي ڦيري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت کي پي ٽي آ سنڀالي نه سگهي ۽ نه ئي عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي آهي. ان کان وڌيڪ هڪ ناڪام ۽ نااهل حڪومت ڪهڙي هوندي، جيڪا عوام لا گيس جهڙي سهولت به ٽي وقت ڪري ڇڏي. ههڙو انتظامي بحران ته ڪنهن آمراڻي طرز حڪمراني ۾ به نظر ڪونه آيو آهي. ملڪي تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪرندڙ تبديلي سرڪار اًڃا تائين به اهو راڳ آلاپي رهي آهي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. هاڻ جيڪڏهن هن وقت پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ته پو نواز شريف جي دور ۾ اهو مهانگو ترين ڪيئن هو، جڏهن شيون ٽيڻ تي سستيون هيون.
لنڊن پلان جيڪڏهن مناسب وقت ۽ حڪمت عملي سان لاڳو ٿئي ٿو ته ان سان عوام ۽ ملڪ تي مڙهيل هڪ سليڪٽڊ حڪومت جو خاتمو ٿي ويندو، جنهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي ۽ ملڪي معيشت وڃي ترو ورتو آهي. ان حوالي سان پي ٽي آ جيڪي دليل ڏيندي آهي اهي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙا هوندا آهن. ان سڄي تجربي مان اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ کي گهڻي کان گهڻو سکڻ گهرجي، جيڪا سدائين اهڙا اڳواڻ ۽ سياستدان پيدا ڪري ملڪ کي تباهي جي رستي تي وٺي ويندي آهي ۽ وري جڏهن اها پاڻ بند گهٽي ۾ ڦاسي پوندي آهي ته ڪنهن سياستدان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندي آهي. تنهنڪري اها هٿرادو سياسي فيڪٽري بند ٿيڻ گهرجي. عوام کي سياست کان نفرت ڏيارڻ بدران ان کي سياست ۾ شموليت جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهو پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري.
هاڻ بال نواز شريف جي ڪورٽ ۾ آهي. هو پنهنجا سياسي پتا ڪهڙي ريت کيڏي ٿو ۽ ڪيئن هاڻوڪي نظام جي تڏا ويڙهه ڪري ٿو، اهو ڏسڻ لا گهڻو وقت انتظار ڪونه ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button