ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زان پال سارتر جي ٽرائلاجي: روڊز ٽو فريڊم

Editorial-Article-Kaleem Butt

زان پال سارتر (1905 کان 1980):
سال 1905ع ۾ فرانس ۾ زان پال سارتر (Jean-Paul Sartre) جو جنم ٿيو. هو هڪ ناول نگار ۽ نقاد سان گڏ فلسفي پڻ هو ۽ کيس وجوديت واري فلسفي جو بنياد رکندڙن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. وجوديت هڪ اهڙو نظريو آهي، جيڪو فرد جي داخلي حالتن تي زور ڏيندو آهي، جنهن ۾ فرد کي آزاد حيثيت ۾ رهڻ جو حق مليل هوندو. ان حوالي سان Sarah Bakewell ڪتاب At the Existentialist Cafe (2016) ۾ ڄاڻايو آهي ته: گهڻو ڪري اهو چيو ويو آهي ته وجوديت ڪنهن فلسفي بدران مزاج (mood) آهي ۽ ان جون پاڙون اوڻويهين صدي جي ڪاوڙيل ناول نگارن کان ويندي مشهور رياضي دان Blaise Pascal جيڪو لامحدود ڪائنات جي خاموشي کان سدائين ڊنل رهندو هو، کان ويندي St. Augustine جيڪو سدائين پنهنجي روحاني ڳولا ۾ رهيو، تائين وڃي پهچن ٿيون. سادن لفظن ۾ هر اهو ماڻهو جنهن پاڻ کي سماج کان ڌاريو يا نظر انداز ٿيل ڄاتو يا وري پنهنجي مزاج ۾ باغي رهيو هجي، اهو سڌي يا اڻ سڌي ريت وجودي آهي.
پر ڪجهه ماڻهو هڪ ٻيو رستو وٺندي اهو به چئي سگهن ٿا ته جديد وجودي فلسفي جو جنم
1932-33 ع ۾ پيرس جي هڪ ڪيفي (جنهن جي خاصيت آڙو وارو ڪاڪٽيل وڪرو ڪرڻ هو) ۾ ٿيو، هن ڪيفي ۾ ڪجهه نوجوان ويهي سڄي جو سڄو ڏينهن فلسفي تي بحث ڪندا هئا. انهن مان هڪ Simone de Beauvior جيڪا ان وقت 25 سالن جي ڄمار جي هئي ۽ هو سارتر جي محبوبه هئي. جنهن اڳيان هلي ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌايون، اتي هو سارتر سان گڏ ايندي هئي، جيڪو ان وقت 27 سالن جي ڄمار جو هو ۽ هن چواڻي ته سارتر کي چپ ويهڻ ئي ڪونه ايندو هو، فلسفي جي حوالي سان پيو ڳالهائيندو هو. انهن نوجوانن جو وڌ ۾ وڌ بحث مشهور فلسفي Kant جي لکڻين تي ٿيندو هو ۽ اهي انهن لکڻين جي نئين انداز ۾ تشريح ڪرڻ جي خواهش رکندڙ هئا.
Beauvior جو سارتر جي حوالي سان چوڻ هو ته هن کي جنهن به موضوع تي بحث ڪرڻو هوندو هو ته ان کان اڳ هو پيرس جي ڪتاب گهرن ۾ وڃي چوندو هو، ان موضوع تي جيترو به مواد موجود آهي اهو سڄو ڏيو.
1933ع ۾ جڏهن نازي جرمني تي حڪومت ڪرڻ لڳا، انهي دوران سارتر سندس زندگي جو رخ مٽائڻ جو سوچيو. هو يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي پڙهائيندي بيزار ٿي چڪو هو ۽ ان مان به بيزار هو ته اڃا تائين ليکڪ نه ٿي سگهيو هو، جيڪو سندس ننڍپڻ جو خواب هو. ناول، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ کان اڳ هن ڄاتو ٿي ته کيس هڪ مهم شروع ڪرڻ گهرجي. هو قسطنطنيه جي بندرگاهه تي مزدوري ڪرڻ بابت سوچيندو هو يا وري ڪو رشي ٿي ايٿوس جي جبلن ڏانهن وڃڻ جو سوچيندو هو يا هندستان جي سير ڪرڻ جو سوچيندو رهندو هو.
سارتر لا آزادي سڀني انساني تجربن ۾ رکيل هئي ۽ هن پنهنجي اهڙي خيال کي رڳو ٽن لفظن ۾ بيان ڪيو “Existence precedes Essence” هي هڪ خمار ۾ وڪوڙيندڙ خيال هو ۽ ٻين عالمي جنگ جي پڄاڻي تائين انهي خيال جي ڪري سارتر کي سموري دنيا ۾ مشهوري ملي.
سارتر 1929ع ۾ هڪ فرنسيسي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ڊگري ورتي. جڏهن ته شاگردي وارن ڏينهن ۾ فرانسيسي مزاحمت ۾ به ڀرپور حصو ورتائين ۽ جڏهن نازي پارٽي فرانس تي قبضو ڪرڻ جي ڪئي ته هن پنهنجو پهريون مزاحمتي ڊرامو “The Flies” لکيو، جڏهن اهو ڊرامو فرانس جي ٿيٽرن ۾ ڏيکاريو ويو ته انهي کي ماڻهن وٽان شاندار موٽ ملي. 1940ع ۾ مزاحمتي لکڻين جي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ نو مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو. ان قيد جو هن تي وڏو اثر پيو ۽ آزاد ٿيڻ کانپو هن ”روڊز ٽو فريڊم“ نالي ٽرائلاجي لکي، جنهن ۾ دي ايج آف ريزن، دي ريپرايو ۽ ٽربلڊ سليپ (آئرن ان دي سول) جهڙا شاهڪار ناول شامل آهن.
ان کانسوا هو ان خيال جو به هو ته وجوديت کي مارڪسواد فلسفي سان ڳنڍجي، انهي حوالي سان سندس ويجهي دوست البرٽ ڪامو سان پڻ بحث ٿيا ۽ ڪامو هن سان اختلاف ڪرڻ لڳو، جنهن کانپو ٻنهي ليکڪن ۾ وٿيون وڌي ويون. سال 1964ع ۾ سارتر جي ادبي خدمتن عيوض کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو انعام نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر هو دنيا جي ڪجهه انهن ماڻهن مان هو جن اهو انعام وٺڻ کان منع ڪري ڇڏيو.
سارتر جي ٽرائلاجي: روڊز ٽو فريڊم
ائين ته سارتر جي ڪيترين ئي لکڻين کي سموري دنيا ۾ مڃتا ملي، مثال طور 1938ع ۾ ڇپيل سندس پهرين ناول Nausea لا ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته اهو دنيا جو اڪيلو فلاسافيڪل ناول آهي ۽ ان ناول جي حوالي سان سارتر پاڻ به اها دعوا ڪئي ته اهو ناول هن جي ڪجهه بهترين لکڻين مان هڪ آهي. اهو ناول هڪ اهڙي تاريخدان جي ڪهاڻي آهي جيڪو ذهني ۽ روحاني آزادي جي ڳولا ۾ آهي. هن ناول تي البرٽ ڪامو تبصرو ڪندي چيو ته هڪ اهڙي غيرمعمولي ليکڪ جو پهريون ناول آهي، جنهن مان ڪجهه به ڪرڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي. هن ناول ۾ سارتر فلسفي کي تصويري روپ ڏنو آهي.
ٻين عالمي جنگ کانپو جڏهن سارتر جي ٽرائلاجي جا پهريان ٻه ناول ڇپيا ته انهن تي ڪيترن پاسن کان تنقيد ٿيڻ شروع ٿي وئي، خاص ڪري ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪميونسٽن وٽان ته انهن ناولن تي ڇتي تنقيد آئي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته هن جي مضمونن ۽ مقالن جي ڀيٽ ۾ هي ناول سادي ۽ سولي انداز ۾ لکيل هئا ۽ پڙهندڙن کي سولائي سان سمجهه اچي ويا.
ايج آف ريزن (1945): هي ناول سال 1938ع جي پيرس شهر جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنهن جو مک ڪردار مئٿيو آهي، ناول ۾ مک ڪردار جي زندگي جي ٻن کان ٽن ڏينهن جو احوال ملي ٿو. مک ڪردار فلسفي جو استاد آهي ۽ سندس گهڻو وقت شراب جي گتن ۽ هوٽلن تي گذري ٿو. ڪردار کي پنهنجي مرضي جو مالڪ ڏيکاريو ويو آهي ۽ هو هڪ مزي واري زندگي گذاري رهيو آهي. هڪ ڏينهن سندس محبوبه مارسيله کيس ٻڌائي ٿي ته هو پيٽ سان آهي ۽ اتان مک ڪردار جي زندگي ۾ موڙ ٿو اچي، کيس ڪجهه ڏينهن ۾ 4000 فارنڪ هٿ ڪرڻا آهن، جيئن آپريشن ذريعي ٻار ڪيرائي ڇڏجي. انهي وچ ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿيڻ جا خطرا به ڏسڻ ۾ اچن پيا. هن ناول ۾ سارتر اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته فرد جي آزادي ئي انسانيت جو وڏي ۾ وڏو مقصد آهي. ان کانسوا هن ناول ۾ هجڻ ۽ نه هجڻ واري فلسفي تي به زور ڏنل آهي ۽ سارتر جي هڪ مقالي Being and Nothingness جو عڪس به پڙهڻ لا ملي ٿو. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن ڪجهه فيصلن جي ڪري مک ڪردار جي شخصيت متاثر ٿئي ٿي ۽ هو مختلف قسمن جي قيدن ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ پنهنجي آزادي وڃائي ٿو ويهي. ان سان گڏ ناول ۾ مک ڪردار جي نفسياتي پاسن کي به ڏيکاريو ويو آهي ته ڀوڳنا جي ڪري نفسياتي طور هن تي ڪهڙا ناڪاري اثر پون ٿا. هن ناول کي انگريزي ۾ ايرڪ سوٽن ترجمو ڪيو.
دي ريپرائو 1945: ٽرائلاجي جو ٻيو ناول دي ريپرائو به ساڳي ئي سال پهرين ناول سان گڏ ئي ڇپيو. هي ناول نازي جرمني جي يورپ تي قبضي واري پسمنظر ۾ لکيل آهي. 1938ع ميونچ معاهدي کان 8 ڏينهن اڳ جي ڪهاڻي آهي، ناول ۾ فرانس جي سياسي ۽ سماجي صورتحال ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته پوري يورپ ۾ ڪهڙي وٺ وٺان لڳي پئي هئي. انسانيت جو ڏيوالو نڪري چڪو هو. هن ناول ۾ سارتر ڪنهن هڪ مک ڪردار جي زندگي جو احوال ٻڌائڻ بدران مختلف ڪردارن جي زندگين جو احوال ڏنو آهي ۽ فرانس ۾ جنگ جي تيارين جي حوالي سان انهن ڪردارن جو ردعمل ڏيکاريو آهي. جڏهن ته مئٿيو جي ڪردار کي به ڏيکاريو ويو آهي ته هو جنگ لا تيار آهي. هن ناول جي ڪهاڻي اهڙي نموني بيان ڪيل آهي جو ڪيترن هنڌن تي پڙهندڙ مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو. ان حوالي سان سارتر جي نقادن جو خيال آهي ته هن ڄاڻي واڻي پڙهندڙن کي مونجهائڻ لا ڪهاڻي کي ائين بيان ڪيو.
هن ناول جون شروعاتي سٽون ئي ايڏيون شاندار آهن جو پڙهندڙ کي اندازو ٿيو وڃي ته ناول ڪهڙو نه شاهڪار هوندو.
”برلن ۾ گهڙيال جا ڪانٽا شام جا ساڍا چار ۽ لنڊن ۾ ساڍا ٽي جو وقت ٻڌائي رهيا هئا. شام جي ڌند ۾ جبل جي چوٽي تي اڏيل هوٽل جي شاندار عمارت، ويراني ۽ اداسي جو ڀوائتو ڏيک ڏئي رهي هئي، پر ان ۾ هڪ پوڙهو همراهه موجود هو….“ اهڙي ريت ان پوڙهي همراهه سان هوٽل ۾ ڪجهه ماڻهو ملڻ اچن ٿا جن کي اهو ڄاڻڻو آهي ته ميونچ معاهدي جي حوالي سان ڪهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ناول لا اهو به چيو ويو ته ٽنهي ناولن مان هي ناول وڌيڪ اثرائتو آهي. هن ناول کي انگريزي ۾ ايرڪ سوٽن ترجمو ڪيو.
ٽربلڊ سليپ (1949): هن ناول کي آئرن ان دي سول جي نالي سان به ترجمو ڪيو ويو آهي، هن ناول ۾ 1940ع ۾ فرانس تي نازين جي قبضي جو احوال ڏنل آهي. ان کانپو فرانسيسي نوجوانن جي ڪاوڙ ۽ ڏک جا قصا ڏنل آهن. جڏهن ته نازين خلاف ويڙهه جا داستان به پڙهڻ لا ملن ٿا. هي ناول جنگ جي ڏکائيندڙ منظرن سان ڀريل آهي. هن ناول ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي ڏنل آهي جيڪي جنگ کان ڀڄي رهيا هئا ۽ ڪي اهڙا ڪردار به ڏنل آهن جيڪي جنگ ۾ وڙهيا ته وري مئٿيو جو ڪردار به آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي فرد جي آزادي حاصل ڪرڻ لا وقف ڪري ڇڏي ۽ هاڻي کيس انسان کي قتل ڪرڻ سکڻو آهي. هن ناول کي انگريزي ۾ جيرالڊ هاپڪن ترجمو ڪيو.
سارتر جي هي ٽرائلاجي پڙهڻ کانپو ماڻهو پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجي ڳولا سان گڏ آزادي جي اصل معنى کان به واقف ٿئي ٿو، سماج اندر ڪهڙي نموني فرد ڀوڳي ٿو، مختلف نظريا ۽ ريتون رسمون ڪهڙي نموني هن کي غلام بڻايو ويٺيون آهن، جو ماڻهو پنهنجي مرضي سان هڪ وک به کڻي نٿو سگهي ۽ انهن سڀني زنجيرن کي ٽوڙڻ جي راهه تي نڪري پوي ٿو.
جيڪڏهن اڄ جو سنڌي سماج رڳو فرائيڊ ۽ سارتر جي لکڻين کي سمجهي وٺي ته ڪيترن ئي مسئلن ۽ مونجهارن کان آجو ٿي ويندو. سنڌي سماج کي هر قسم جي وڏي انقلابي نعري مان جان ڇڏائي فرد جي هر قسم جي آزادي تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي پو ڀلي اها آزادي، ڇڙواڳي ئي ڇو نه هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button