ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديلي سرڪار جون غلط بيانيون

Editorial

عوام کي تبديلي جو لالي پاپ ڏئي اقتدار ۾ ايندڙ پي ٽي آ رڳو مهانگائي وڌائڻ ۾ مستقل مزاج آهي. گذريل ساڍن ٽن سالن کان پي ٽي آ حڪومت مهانگائي مٿان مهانگائي ڪندي پئي وڃي. هاڻ اهڙو ڪهڙو اسم پي ٽي آ کان رهجي ويو آهي، جنهن کي هن مهانگو نه ڪيو آهي. کاڌي پيتي جون شيون، گئس، پيٽرول، بجلي ۽ ڪفن به هاڻوڪي تبديلي سرڪار جي حڪومت ۾ مهانگا ٿي چڪا آهن. حڪومت ماهوار ته ٺهيو پر هر هفتي مهانگائي وڌائي رهي آهي، جڏهن عوام مهانگائي خلاف رڙيون ٿو ڪري ته جواز ڄاڻايو ٿو وڃي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي لڳي پئي آهي. ڇا سڄي دنيا ۾ ايتري مهانگائي آهي، جيتري هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ ڪئي آهي، ڇا دنيا ۾ ماڻهن جي آمدني به ايتري ئي آهي، جيتري هن ملڪ ۾ آهي. حڪومت هر حوالي سان ڪوڙ ڳالهائيندي رهندي آهي ۽ غلط بيانيون پئي ڪندي آهي. جنهن جي ڪري عوام جي حالت اڃا به وڌيڪ ڏتڙجي وئي آهي. هاڻ ملڪ ۾ کير به مهانگو ڪيو ويو آهي. جنهن کان پو عوام کير جي استعمال تان به هٿ کڻي ويندو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ملڪ ۾ مهانگائي جا وار جاري آهن، غريب عوام مٿان هڪٻئي پٺيان مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن. پيٽرول، بجلي، گئس ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ڊيري فارمز اوچتو کير جي قيمتن ۾ 20 رپيا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي. ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته جانورن جي چاري جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي، جنهن کان پوءِ کير جي في لٽر قيمت 140 رپيا مقرر ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ڊيري فارمز کي آگاهي ڏيندي سرڪاري قيمتن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ به کير جون قيمتون آسمان تي آهن ۽ شهر ۾ کير في لٽر 140 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪمشنر ڪراچي جي ريٽ لسٽ ۾ کير جي في لٽر قيمت 94 رپيا آهي. جڏهن ته سموري شهر ۾ وڌندڙ قيمتن تي کير جي وڪرو واري عمل تي ڪوبه ايڪشن نه پيو ورتو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آ جي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ ماڻهن کي گئس ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهو فقط ماني پچائي سگهي، اهڙي قسم جي صورتحال ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪانه هوندي، جهڙي هتي نظر اچي رهي آهي. اڳوڻين حڪومتن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندڙ پي ٽي آ حڪومت کي ايتري خبر هئڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي دور ۾ هن قسم جو بحران نه هو. ان کانسوا اهي پارٽيون گهٽ ۾ گهٽ بحران کي مينيج ڪرڻ جي سگهه رکنديون هيون. پر هاڻوڪي حڪومت ان سڄي بحران کي نه رڳو وڌائي ڇڏيو آهي پر اها عوام کي ڪوبه رليف ڏيڻ لا تيار ڪونهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته حڪومت کي عوام جي پريشانين سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها جيڪي به فيصلا عوام جي مرضي خلاف ڪري رهي آهي، اهي حڪومت کي بهتر لڳن ٿا. وزير اعظم عمران خان پنهنجي هر خطاب ۾ اچي عوام کي اهو ٻڌائي ٿو ته هي ڏکيو وقت گذري ويندو، پر جڏهن انگن اکرن ۽ حقيقتن کي ڏسجي ٿو ته ڪٿي به اهي امڪان نظر نٿا اچن ته پي ٽي آ حڪومت ۾ پيدا ٿيل بحران حل به ٿي سگهن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته کير جي قيمتن ۾ واڌ ان ڪري ڪئي وئي آهي جو حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ان ڪري عوام هن وقت به کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ لا پريشان لڳو پيو آهي. ان کانسوا روزمره جا خرچ ته الڳ آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پي ٽي آ جا وزير ۽ وزير اعظم عوام کي ڪوڙيون ڪهاڻيون نه ٻڌائين پر رليف ڏيڻ لا ڪي عملي اپا وٺن ته جيئن عوام به ڪجهه وقت لا سک و ساهه کڻي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button