ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ سان پاڻيءَ تي وڌندڙ ويساهه گھاتي

اهو مکيه دکدائڪ داستان آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي زوردار کوٽ جو سلسلو اڃا به جاري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ به مسئلو اٿاريو ويو آهي پر اها کليو کلايو بدقسمتي آهي ته سنڌ کي وڏي جدوجهد کانپوءِ به، سندن جائز پاڻي ڪونه ٿو ملي. انهيءَ سلسلي ۾ ماضيءَ ۾ سنڌ جون مختلف حڪومتون، وفاقي سرڪار وٽ احتجاج به ڪنديون رهيون آهن پر ان جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن عارضي سڌارو ته ڪيو ويو پر دائمي ڪونه. مون کي ياد آهي ته شهيد بينظير ڀٽي جا ڪمون شهيد علائقي وٽ يعني پنجاب ـ سنڌ بارڊر تي ڏنل تاريخي ڌرڻي مهل چيل سندس لفظ سچ ثابت ٿيندا رهيا آهن ته جيڪڏهن پنجاب اندر تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ رڻ پٽ ۾ بدلجي ويندي. بهرحال، منهنجي ڇنڊڇاڻ آهي ته ائين لڳي ٿو ته پنجاب تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کانسواءِ ئي سنڌ کي رڻ پٽ ۾ بدلائڻ واري ايجنڊا تي عملي طرح ڳنڀيرتا سان ڪم ڪندو رهيو آهي.
تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ سرڪار شڪايت ڪئي آهي ته وفاقي سرڪار پاڻي ٺاهه تي عمل ڪونه ٿي ڪري ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي گھربل پاڻي به ڪونه ٿو ڏنو وڃي جنهنڪري سنڌ جون زمينون، سمنڊ جو پاڻي به تباهه ڪري رهيو آهي. گذريل اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي گڏجاڻي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ مختلف سوال اٿاريا ويا. گڏجاڻيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار سوال اٿاريو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇو ڪونه ٿو ڏنو وڃي جنهنڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي؟ انهيءَ سوال جي موٽ ڏيندي، لائيو اسٽاڪ جي وزير باري پتافي چيو ته هر سال ڊائون اسٽريم ۾ ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪرڻ گھرجي پر انڊس رور سسسٽم اٿارٽي (ارسا) پاڻي نٿي ڏئي. ڊائون اسٽريم ۾ به پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪونه ڪرڻ ڪري يعني پاڻي نه ملڻ جي ڪري پلو ختم ٿي رهيو آهي. جڏهن درياهه جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو ته پلو سمنڊ کان درياهه ڏانهن وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته مٺو پاڻي رڳو پلي لاءِ نه پر تمر جي ٻيلن لاءِ به ضروري آهي پر پاڻي نٿو ملي.

هونئن به ڏسجي ته سنڌ خلاف پاڻيءَ جي کوٽ جو پراڻو داستان آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ وفاقي اداري جو ڪيترن ورهين کان پاڻيءَ جي کوٽ جو ظلم جاري رهندو اچي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار مختلف موقعن تي سخت احتجاج ڪندي رهي آهي پر انهن لاءِ فائدي وارو نتيجو ڪونه نڪتو آهي. هونئن به ڏسجي ته سنڌ جو اهم ڪاروبار پاڻيءَ سان وابستا آهي. انهيءَ ڪري ئي سنڌ ۾ اهم فصل پيدا ٿيندا رهيا آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته پنجاب ۾ زمين اندر مٺو پاڻي موجود آهي جڏهن ته سنڌ جي زمين اندر عام طور مٺو پاڻي مناسب ڪونهي جنهنڪري انهيءَ جي ڪاروبار تي دکدائڪ اثر پوي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار، عوام کي نقصان پهچائڻ تي ڪيترا ڀيرا اعتراض به ڪيا آهن جن کي شڪ هجي سي ڀلي ڏسن ته سال .1992_1991 ۾ ٿيل ٺاهه کانپوءِ سنڌ کي گھڻو ڪري نقصان پهچندو رهيو آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اهو سلسلو جاري آهي .
هاڻي اچو ته سنڌ جي مسئلي تي خاص ڪري وڌيڪ ڳالهائجي. تازو سنڌ سرڪار جي آبپاشيءَ جي وزير ڄام خان شورو پاڻيءَ جي کوٽ بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهايو ته پاڻيءَ جي ٺاهه هيٺ هر سال 25 ايم ايم ايف پاڻي سمنڊ جي چاڙهه کان بچڻ لاءِ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ضروري آهي پر اهو به ڪافي ناهي. پر گهربل پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ، زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ان لاءِ روزانو پنج هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪرڻ لازمي آهي.
سندن چوڻ هو ته هڪ طرف سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونه هو ته ٻئي طرف اڳوڻي پي ٽي آءِ سرڪار جلال پور ۽ ٿل ڪينال رٿائون منظور ڪيون جن جي سنڌ وڏي مخالفت ڪئي ۽ اهو ڪيس سي سي آءِ کڻي وياسين پر اڃا منصوبا ختم ناهن ٿيا. سندن چواڻي سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي تي وڏي ناانصافي ڪئي پيئي وڃي.
ٻئي طرف، اختلافي وفاقي اداري ارسا جو بيان به ڪجھه وقت اڳ ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندن دعوى آھي ته اسان خاطري ڪنداسون ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪجيتري پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿئي. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ائين لڳي ٿو ته وفاقي ادارو ارسا پنهنجي پراڻي تڪراري ڪردار موجب زيادتين کي جائز قرار ڏيڻ ۽ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ رڳو اھڙا ناٽڪ رچائيندو رھندو آھي. جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ڄاڻي واڻي کوٽ پيدا ڪرڻ اھم پر دکدائڪ مسئلو آھي. انهيءَ سلسلي ۾ واسطيدار سنڌ جي وزير جي بيان جي به مختصر ڇنڊڇاڻ ڪنداسون.
جيئن مون مٿي حوالو ڏنو آهي ته بدنام واپڊا سنڌ کي پاڻيءَ جي شعبي ۾ نقصان پهچائڻ لاءِ سدائين انگن اکرن جو ڪوڙو سهارو ڏنو هو. سال 1991 ۾ جڏهن ميان نواز شريف پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ته هن سنڌ جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر وڏي وزير مرحوم ڄام صادق علي جي مدد سان زبردستي 1991 ـ پاڻيءَ جو ٺاهه ڪرايو جيڪو سنڌ، مجبوريءَ سبب اختلافي نوٽ لکي قبول ڪيو.
مون اڳ به حوالو ڏنو آهي ته سنڌ 1991 واري پاڻي ٺاهه تي انهيءَ ڪري عمل ڪرائڻ لاءِ بار بار چوندي رهي آهي ته ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريرون ڀليون وانگيان سنڌ ان کي قبول ڪيو آهي نه ته ٺاهه ۾ وڏيون خاميون موجود آهن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مقرر مقدار ۾ پاڻي ڇڏڻ واري ڳالهه ته ٺاهه ۾ مڃيل آهي پر اهو به حوالو ڏنل آهي ته سنڌ 10 ايم ايَ ايف پاڻي ڇڏڻ جي گهر ڪئي ۽ فيصلو ٿيو ته واپڊا سروي ڪرائيندي پر جيستائين سروي ٿئي تيستائين پاڻي ڇڏڻ بابت ڪو چٽو فيصلو ڪرڻ کپندو هو پر شرارتين ائين ڪونه ڪيو ويو ۽ مرحوم ڄام صادق علي، نواز شريف وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ، سنڌ جي مٿي ۾ هڪ لولو لنگڙو پاڻي ٺاهه هڻي ڇڏيو جنهن جا نتيجا سنڌ اڄ به ڀوڳي ٿي.
1991 ـ پاڻي ٺاهه کي اٽڪل 32 ورهيه گذرڻ جي باوجود سنڌ، ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي لاءِ گھربل پاڻي حاصل ڪونه ڪري سگھي آهي جنهن سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم توڙي عربي سمنڊ جي وچ واري علائقي ۾ 26 لکن کان وڌيڪ انسان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن جيتوڻيڪ اهي لکين ماڻهو ھڪ ئي وقت انسان، پاڪستاني، مسلمان ۽ سنڌي آهن. البت ڄام صادق عليءَ اسلام آباد کان موٽي اچي ساري سنڌ ۾ بينر لڳرايا هئا: واهه ڄام صادق علي واهه: تو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياريو. اصل ۾، ڄام صادق مرحوم هڪ لولو لنگڙو پاڻيءَ جو ٺاهه ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ ته پري ٿيو پر سنڌ کي سدائين لاءِ آزار ۾ وجھائي ڇڏيو ھو.
ٻئي طرف، انڊس رور سسسٽم اٿارٽي (ارسا) جو ڪردار به سدائين نندڻ جوڳو رهيو آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته ارسا به واپڊا واري راهه تي هلي رهي آهي جنهنجو مکيه مقصد پنجاب کي فائدو ڏيڻ لاءِ سنڌ سان پاڻيءَ جي مامري تي ويساهه گھاتي ڪرڻ هو.
اڳ ۾، واپڊا بابت ايَ اين جي عباسيءَ جي اعلى سطحي پاڻيءَ بابت فني ڪاميٽيءَ واري رپورٽ ۾ به ڄاڻايو ھو ته ان پنجاب کي فائدي پهچائڻ لاءِ، ڪوڙا انگ اکر پيش ڪيا جڏهن ته کوٽ واري مُند دوران، پنجاب پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران زبردستي سنڌ جي حصي مان پاڻي چورائي پنهنجي کوٽ پوري ڪندو رهيو آهي جڏهن ته اها سکڻي سنڌ آهي جيڪا پاڻيءَ جي سموري کوٽ برداشت ڪندي رهي آهي. هونئن به ٻن صوبن يعني بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کي، ارسا پاڻيءَ جي کوٽ کان اڳ ئي آجو قرار ڏنو هو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڳ ٻيئي صوبا، ارسا جي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي فائدي ۾ ووٽ ڏيندا هئا ۽ پوءِ پنجاب جي فائديَ ۾ ووٽ ڏيڻ لڳا هئا. ظاهري طور ائين لڳي پيو ته اها پنجاب جي سازش هئي ته ٻنهي صوبن کي پاڻيءَ جي کوٽ کان آجو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته سنڌ به مجبوريءَ وچان انهن جو ساٿ ڏنو پر ان جو اصل خاص فائدو رڳو پنجاب کي ئي پهتو هو. بهرحال، پاڻيءَ جو جائز حصو حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي وڌيڪ پر باقاعدي ڪارائتيون ڪوششون ڪرڻ گھرجن جنهن ۾ سنڌ جي عوام جو ڪارائتو فائدو سمايل هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button