پاڪستان

قوم حڪومتي تبديلي واري سازش جي قيمت ادا ڪري رهي آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وياج جي شرح ۾ رڪارڊ واڌ ۽ ڊالر جي وڏي اڏام تي تبصرو ڪندي پي ڊي ايم حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته قوم حڪومتي تبديليءَ (رجيم چينج) واري سازش جي ڳري قيمت ادا ڪري رهي آهي، اڳوڻي آرمي چيف سازش ذريعي قوم تي ڏوهارين کي مڙهيو، پي ڊي ايم سرڪار جي 11 مهينن دوران پاڪستاني رپئي کي ذبح ڪيو ويو آهي، رپئي جي ملهه ۾ 62 سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ يا ڊالر جي ڀيٽ ۾ 110 رپيا گهٽتائي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رپئي جو ملهه ڪرڻ سان پرڏيهي قرضن ۾ 14 ڏهائي 3 کرب جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته مهانگائي 31 ڏهائي 5 سيڪڙو جي شرح سان 75 سالن جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button