پاڪستانسنڌ

وياج جي شرح 18 مان وڌائي 20 سيڪڙو مقرر، 27 سالن بعد مٿانهين سطح تي پهچي وئي

اسٽيٽ بئنڪ آ ايم ايف جي مطالبي تي وياج جي شرح ۾ هڪ ئي ڌڪ سان 3 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ملڪ ۾ وياج جي شرح پراڻا رڪارڊ ٽوڙي 18 کان 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، اها 29 سالن کانپو ملڪ ۾ وياج جي سڀ کان مٿانهين شرح آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي معيشت کي نظر ۾ رکندي وياج جي بنيادي شرح ۾ 300 بيسز پوائنٽن جي اضافو ڪري 20 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل مانيٽري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ اها 20 سيڪڙو هوندي. مانيٽري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 27 کان 29 سيڪڙو رهندي، نومبر واري پاليسي اجلاس ۾ مهانگائي جي شرح 21 کان 23 سيڪڙو رهڻ جو امڪان هو، ناڻي واڌ جا امڪان گهٽائڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ضروري هئي. بيان موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ڀاڱي ٽي گهٽائي به بي يقيني جي صورتحال برقرار آهي، آءِ ايم ايف جي نائين جائزي سان ننڍي مدي ۾ ڳڻتي گهٽ ٿيندي، حڪومت جي ايس ٽي، ايڪسائز ڊيوٽيز ۽ توانائي اگهه وڌايا ۽ سبسڊيز گهٽايون آهن. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 4 اپريل تي ٿيندو. واضح رهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کان وياج جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو. واضح رهي ته آڪٽوبر 1996 کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح جي اها بلند ترين سطح آهي، جنوري 2022 کان هيل تائين مرڪزي بئنڪ مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح ۾ 1050 بيسس پوائنٽس جي واڌ ڪري چڪي آهي. اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته فيبروري 2023ع ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 31 ڏهائي 5 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي، هاڻوڪي مالياتي ايڊجسٽمينٽ ۽ مٽاسٽا ناڻي ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران به مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو پر ان کانپو مرحليوار گهٽتائي ايندي، هلندڙ سال مهانگائي جي سراسري شرح 27 کان 29 سيڪڙو هوندي، جڏهن ته نومبر 2022ع ۾ مهانگائي جو ڪاٿو 21 کان 23 سيڪڙو لڳايو ويو هو. مرڪزي بئنڪ مطابق جنوري 2023ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي 242 ملين ڊالر رهجي ويو آهي، جيڪا مارچ 2021ع کان وٺي هيل تائين سڀ کان گهٽ خساري جي شرح آهي، جي ايس ٽي ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ، سبسڊيز ۾ گهٽتائي، توانائي ذريعن جي اگهن ۾ تبديلي ۽ بچت لا تازي مهم جهڙن قدمن سان وڌندڙ مالياتي ۽ بنيادي خسارو گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، معاشي استحڪام لا مالياتي استحڪام ضروري آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق طئي ٿيل وقت تي قرضن جي ادائيگي، عالمي سطح تي وياج جي وڌندڙ شرح ۽ ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال سبب مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۽ شرح تي وڏو دٻا آهي، مانيٽري ڪميٽي جو خيال آهي ته مالياتي استحڪام خطرن جي گهيري ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ ناڻي واڌ (مهانگائي) کي گهٽائڻ لا گهٽ مدي وارا خرچ ان کي مضبوط ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي ڊگهي مدي وارن خرچن کان گهٽ آهن، تنهن ڪري سخت مانيٽري پاليسي سان مهانگائي کي روڪڻ ۽ مالي سال 2025ع جي آخر تائين ناڻي واڌ کي 5 کان 7 سيڪڙو جي وچ ۾ آڻڻ واري هدف تائين پهچڻ ۾ مدد ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button