ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ورهاڱو ۽ لاهور جو ادبي منظرنامو

اڙدو جي افسانا نگار انتظار حسين لا اهو چيو ويندو آهي ته هو ناسٽليجيا جو ليکڪ آهي ۽ سندس لکڻين ۾ ورهاڱي جو ڏک ۽ يادون ئي ملنديون آهن. ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه اڙدو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي گھڻن اهڙن ليکڪن ۾ به نظر اچي ٿي جيڪي لڏپلاڻ جي تجربي مان گذريا آهن. انتظار حسين جي لکڻين ۾ ان کانسوا به ٻيو گھڻو ڪجھه آهي. هو ادب جو هڪ اهم نالو آهي.
1947 ۾ ميرٺ ڀارت مان لاهور لڏي اچڻ کانپو هن پنهنجين يادگيرين کي چراغوں کا دھواں نالي ڪتاب ۾ قلم بند ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ان ڳالهه جي وضاحت به ڪئي آهي ته اهي رڳو نئين ملڪ ۾ اچڻ کانپو جون سندس يادون آهن.
سندس چوڻ آهي ته هو هندوستان مان ڪو ڦرجي نه آيو هو. سندس سامان جيڪو ٽرين ۾ ايندي وڃائجي ويو هو اهو به پو کيس موٽي مليو هو. ان وقت سرحد جي ٻنهي پاسن تي فساد هلي رهيا هئا. سڄي ٽرينن جي مسافرن جو ڪسجي وڃڻ هڪ عام ڳالهه هئي. ماڻهو هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. ان صورتحال ۾ ان هڪ ريل گاڏي ۾ سفر ڪيو جنهن ۾ ساڻس گڏ اڙدو جو ليکڪ سليم احمد به گڏ هو جيڪو ڪراچي هليو ويو. سندس دوست محمد حسن عسڪري هفتو ڏيڍ اڳ لاهور اچي ويو هو ۽ کيس هتي اچڻ لا چيو هئائين. هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ سفر ڪندي انهن واهگه بارڊر پار ڪيو. ليکڪ مغل پوره لاهور تي لهي پيو جڏهين ته سليم احمد اڳتي ڪراچي هليو ويو.
شروع ۾ هو عسڪري سان گڏ ڪرشن نگر ۾ عسڪري جي ڀا کي الاٽ ٿيل گھر ۾ رهيو. سندس چوڻ آهي ته جيئن ڪراچي ۾ لالو کيت کي لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ائين ڪرشن نگر کي اسلام پوره جو نالو ڏنو ويو. اتي جن مهاجرن کي گھر الاٽ ٿيا هئا انهن جو حال بيان ڪندي چئي ٿو ته انهن گھرن کي انهن جي اڳوڻن رهائشين سجايو ۽ سنواريو هو پر هاڻي حال اهو هو ته اتي ورانڊي ۾ مينهن ٻڌل هئي ۽ ڊرائنگ روم ۾ ان جو ڀوسو پيو هوندو هو.
شروعاتي ڏينهن ماڻهن سان ملندي ۽ گھمندي ڦرندي گذريا. پهرين هو آفتاب احمد خان ۽ ايم اسلم سان مليو ۽ پو لنڊا بازار مان ڪمبل خريد ڪري ۽ هيرا منڊي مان ٿيندو گھر پهتو. سندس چوڻ آهي ته هو انهن چار شين کانسوا هاڻي به پاڪستان جو تصور نه ٿو ڪري سگھي. حسن عسڪري سان ڪجھه عرصو گڏ رهڻ کانپو هو پنهنجن ٻن ڀاڻيجن سان رهڻ لڳو. هو اهو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن سندس کاڌي ۽ ذائقي ۾ تبديلي آئي. انهن ٻن ڀاڻيجن مان هڪ پنجابين مان شادي ڪئي هئي ۽ سندس زال پنجابين واري انداز سان کاڌا تيار ڪندي هئي جيڪي سندس يوپي جي کاڌن ۽ انهن جي ذائقن کان بلڪل مختلف هوندا هئا پر کيس ان مطابق هلڻو پوندو هو.
حسن عسڪري جي ته پير ۾ چڪر هو ۽ کيس هڪ جا تي سک نه هو پر کيس ڪجھه عرصي کانپو بمبئي جي هڪ رسالي نظام، جيڪو هاڻي لاهور منتقل ٿيو هو، جي ايڊيٽر جي نوڪري ملي ويئي. هن پو آفاق، امروز ۽ مشرق اخبارن ۾ به ڪم ڪيو. مشرق ۾ سندس ڪالم لاهور ناما گھڻو مشهور ٿيو.
هي ڪتاب گھڻي ڀاڱي لاهور شهر، ان جي ادبي منظرنامي ۽ اديبن متعلق آهي. لاهور ۾ ان وقت مختلف هوٽل اديبن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندا هئا. انهن ۾ ڪافي هائوس، ٽي هائوس، چائينيز، لاردز، شيزان ۽ ميٽرو وغيره شامل هوندا هئا. اتي ليکڪن جو سڄو ڏينهن ويهڻ پر رڳو چانهه تي زور هوندو هو ۽ لنچ ۽ ڊنر وغيره جو آرڊر نه ڏنو ويندو هو. هڪ وڏي هوٽل جي مالڪ ڪجھه عرصو ان صورتحال کي ڏسندي هوٽل ۾ نوٽس لڳايو ته رڳو لنچ ۽ ڊنر جا آرڊر هلندا. نتيجي ۾ همراهن کي پنهنجو ٺڪاڻو بدلائڻو پيو. ميٽرو ۾ ڊانس جو پروگرام به ٿيندو هو. آهستي آهستي نه رڳو اهو ته اهي هوٽل هڪٻئي پويان بند ٿيندا ويا ۽ رڳو ٽي هائوس ڪجھه مزاحمت ڪري سگھي پر اتي ويهندڙ اديب به گھڻي ڀاڱي غائب ٿي ويا. ليکڪ برما جي اڳواڻ آنگ سان سوچي جي ڪتاب Letters From Burma جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ هن برما جي چانهه خانن جو ذڪر ڪيو آهي جن اتان جي سياسي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهڙي ريت امرتا سين پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شانتي نڪيتن جي ڀر ۾ ڪافي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي جتي ليکڪ ۽ دانشور گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف معاملن تي ڳالهائيندا هئا.
ان وقت مال هڪ ويڪرو ڪشادو روڊ هوندو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان وڻ هوندا هئا. مختلف جاين تي ڇٻر جا ٽڪر هوندا هئا. گھڻو ڪري ماڻهو پنڌ هلندا هئا يا سائيڪل جو استعمال ڪندا هئا. ٽانگو هڪ عام سواري هوندي هئي. اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار وغيره جو نالو نشان نه هو. پر اها صورتحال ڏهه سال مشڪل سان هلي. ايوب خان جي مارشل لا کانپو اها ترقي جي نالي ۾ بلڪل تبديل ٿي ويئي. سڙڪ کي ڪشادو ڪرڻ لا مال تان وڻ وڍجي ويا، سڙڪ جي پاسن کان گاهه جا ٽڪرا ختم ٿي ويا. ٽانگي جي مال تي اچڻ تي پابندي لڳي ويئي ۽ سائيڪل جي جا تي اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار اچي ويون.
انتظار حسين کي هڪ رجعت پسند اديب چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ به ان جو ذڪر ڪري ٿو. پر ساڳي وقت هو اها به ڳالهه ڪري ٿو ته هن ميرٺ ۾ ظ انصاري سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين جي تنظيم لا ڪم ڪيو هو ۽ لاهور اچڻ کانپو به انجمن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو ۽ اتي افسانا وغيره پڙهندو هو. هڪ ڀيري جڏهين کيس انجمن جي گڏجاڻي ۾ افسانو پڙهڻو هو ته کيس ٻڌايو ويو ته انجمن پاران ڪجھه اديبن، جن ۾ ليکڪ سان گڏ سعادت حسن منٽو به شامل هو، تي انجمن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ تي پابندي مڙهي ويئي آهي. هن جڏهين ان جي جاچ ڪئي ته کيس خبر پيئي ته اهڙو ٺهرا سيد سبط حسن پاران تيار ڪيو ويو هو. پر جڏهين سندس سبط حسن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن کيس ٻڌايو ته ٺهرا هن ئي لکيو هو پر جڏهين هن ان کي پيش ڪيو ته اتي موجود ڪنهن به ان تي اعتراض نه ڪيو هو. دراصل اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ انجمن پاران پهرين بمبئي ۽ پو لاهور ڪانفرنس ۾ اهڙو سخت گير موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. بهرحال ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي بندش کانپو انجمن جو ادبي وايو منڊل ۾ ڪردار ختم ٿي ويو. ان پابندي کانپو گھڻن ترقي پسند اديبن حلقه جي گڏجاڻين ۾ اچڻ شروع ڪيو هو.
حلقه ارباب ذوق ۾ گھڻا اديب سرگرم هئا پر اهي ڪنهن سياسي معاملي تي نه ڳالهائيندا هئا ۽ نه ڪو پنهنجو موقف ڏيندا هئا. مختلف جاين تي انهن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. اڳتي هلي اها تنظيم ٻن حصن حلقه ارباب ذوق سياسي ۽ حلقه ارباب ذوق ادبي ۾ ورهائجي ويئي. انجمن پاران ته انتظار حسين تي اڳ ئي بندش وڌي ويئي هئي هاڻي حلقه وارن به کيس نيڪالي ڏيئي ڇڏي. اڳتي هلي حلقه جو وجود به نه هئڻ برابر وڃي رهيو.
ايوب خان جي مارشل لا کانپو ست اديبن جن ۾ جميل الدين عالي، قرت العين حيدر ۽ غلام عباس به شامل هئا، ايوب خان جي کنيل قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته حڪومت کي اديبن جي فلاح بهبود لا به ڪي قدم کڻڻ گھرجن. عالي پاران ايندڙ سال جي شروع ۾ ڪراچي ۾ رائٽرز ڪنونشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سڀ جي پويان اصل ماڻهو قدرت الله شهاب هو. اهڙي ريت رائٽرز گلڊ قائم ٿي جيڪا ايوب جي اقتدار کان هٽڻ کان اڳ ئي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. مقصد اهو هو ته اديبن کي سرڪار کان وڌ ۾ وڌ سهولتون وٺي ڏجن ته جيئن اهي حڪومت جي پاسي هجن ۽ ان جي مخالفت نه ڪن. ان وقت خاص طور ترقي پسند اديبن لا شايد اهو سوال اهم نه هو ته اوهان ڪهڙي پاسي آهيو. گھڻا ترقي پسند اديب رڳو ان ڪري گلڊ ۾ شامل ٿي ويا ته ڏسون ته اتي ڇا ٿو ٿئي. ڪراچي ۾ گلڊ جو پهريون اجلاس ٿيو. عالي ان ۾ خوش هوندو هو ته اديبن کي رهائش وغيره جي حوالي سان اهي سهولتون وٺي ڏيئي جيڪي وڏن آفيسرن کي حاصل هيون. اديبن کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ گھمڻ ڦرڻ جا موقعا ڏنا ويا. ضيا الحق پاران اڪيڊمي آف ليٽرس جا گھڻا اجلاس گھرايا ويا پر ليکڪ ان ۾ شريڪ نه ٿيو.
پاڪستان اچڻ کانپو ليکڪ هندوستان جا ڪجھه چڪر هنيا. شروع وارن ڏينهن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪجھه به نه بدليو هو ۽ هر شي پنهنجي جا تي ساڳي هئي پر جڏهين گھڻي عرصي کانپو هو اتي ويو ته کيس لڳو ته هر شي بدلجي ويئي آهي. هونئن به ماڻهو جڏهين پنهنجي جا بدلائيندو آهي ته ساڳي جا ۽ شي به ان جي لا اوپري ٿي ويندي آهي. هن لاهور جي ٽي هائوس جيان دهلي جي هڪ اهڙي ٽي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي جتي ليکڪ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف ادبي ۽ سياسي معاملن تي بحث ڪندا هئا. پر وري جڏهين ٻيو ڀيرو اتي ويو ته اهو ٽي هائوس اتي نه هو ۽ ان جي جا تي هڪ گھڻ ماڙ عمارت ٺهيل هئي. خبر پيئي ته اندرا گانڌي ايمرجنسي دوران هتي ٿيندڙ بحث ۽ تنقيد کان تنگ ٿي ماڳيئي عمارت ئي ڊهرائي ڇڏي هئي. 1965 جي جنگ تائين ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي ڪي گھڻيون پابنديون نه هيون ۽ اچ وڃ ۾ سهولت هوندي هئي پر ان کان پو سرحد پار وڃڻ ڏکيو ٿي پيو.
پو نه اهو لاهور رهيو، نه اهو ادبي ماحول رهيو ۽ نه ئي اهي اديب رهيا. هر شي تبديل ٿي ويئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button