ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوويت مورخ وي. ايف. آگئيف جا حر تحريڪ ۽ پير پاڳاري بابت ويچار

تازو ئي سوويت مورخ سنڌ جي جديد تاريخ تي ڪتاب: سنڌ جي جديد تاريخ، (1918 کان 1985 تائين) پڙهڻ جو موقعو مليو جنهن جو ترجمو ملوڪ لنڊ نالي هڪ مترجم ڪيو آهي. ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن. اڄ ان ڪتاب مان حر تحريڪ بابت ليکڪ جا ڪجهه ويچار پيش ڪجن ٿا:
هاري تحريڪ ۾ حرن 19هين صديءَ کان ئي سرگرم حصو ورتو، جن جي اڪثريت اتر اوڀر سنڌ ۾ رهندي هئي. هتي خاص حالتون پيدا ٿي ويون هيون. پير پاڳارو ڇهون جيڪو 1922 ۾ حرن جو روحاني پيشوا بڻيو ۽ ان جي ساٿين سخت برطانيا دشمن موقف اختيار ڪيو، جنهن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جمهوري ڌارا جي اڳواڻن جي نظرن ۾ سندس وقار کي بلند ڪيو.
هارين جي جدوجهد کي چٿڻ جي ارادي سان استعمارين ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ فوج ۽ پوليس جو راڄ قائم ڪري ڇڏيو ۽ جاگيردارن تي انحصار ڪندي ڳجهي پوليس جو نظام رائج ڪيو. تحريڪ جي ڪيترن ئي سرگرم ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو کين اخلاقي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. ٽئين ڏهاڪي جي ٻئي اڌ ۾ (حر) برادريءَ جي اڳواڻن جاسوسن ۽ غدارن کي ڦاسيون ڏيئي جوابي قدم کنيا. حڪمران سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري جي ڪيترن ئي تعلقن ۾ پنهنجو ڪنٽرول وڃائي ويٺا. 1930 ۾ تحريڪ تي وار ڪرڻ جي نيت سان انهن چڙ ڏياريندي پيرپاڳاري تي فوجداري ڏوهه جو الزام هنيو ۽ اٺن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
هاري اڳواڻن تي جبر ۽ تشدد جا نتيجا ان جي ابتڙ نڪتا، جن جي بيٺڪي حڪمرانن کي توقع هئي. پير پاڳاري جي مقبوليت ۾ اضافو جاري رهيو ۽ جيلرن جي چالبازين جي باوجود هو تحريڪ جي رهنمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. حرن جا ننڍا ننڍا گروهه اچانڪ پوليس ۽ فوج جي جٿن تي حملا ڪندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر جي محڪمي کي پريشان رکندا هئا ۽ برطانوي انتظاميا سان سهڪار ڪندڙن کي حراس ۾ رکندا هئا.
حرن جي رهنما جو سياسي قد ايتري قدر عظيم هو جو، جڏهن بيٺڪي حڪمران سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏيڻ تي مجبور ٿيا ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جي چونڊن جو اعلان ٿيو ته مقامي سياسي رهنمائن پير جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پرزور ڪوششون ڪيون. چونڊن جي نتيجن جو انحصار گهڻي ڀاڱي ان جي جهجهن حامين جي موقف تي هو. اهي بذات خود، خودمختياري ڏيڻ کي اڻپورو قدم سمجهندا هئا ۽ قانون ساز اسميبلي، جنهن جا اختيار تمام گهڻين پابندين جي ڪري تقريبن نه هجڻ جي برابر هئا، کي سنجيده اهميت ڏيندا هئا. سنڌي آباديءَ جي مختلف پرتن جي دٻاءُ تحت حڪمران نومبر 1936 ۾ حرن جي ناقابل تسخير قائد کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
(حر) برادريءَ جي روحاني پيشوائن ۽ فوجي رهنمائن ان خيال تحت ته برطانيا جنگ ۾ ڦاٿل آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ ان جي معاشي حالت ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جي آڪٽوبر 1940 کان سول نافرماني تحريڪ شروع ڪري رکي آهي، آزاد رياست جي قيام جي مقصد سان هٿياربند بغاوت برپا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پر جڏهن برطانوي هند ۾ جاپاني فوج جي داخل ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته بيٺڪي حڪمرانن پير پاڳاري ڇهين جي مقبوليت کي فرقي جي ميمبرن ۾ شهري خود حفاظتي جٿن جي تشڪيل لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. (حر) برادريءَ جي سربراهه نه رڳو انگريزن جي تجويز کي منظور ڪيو، بلڪ سنڌ فوجي اسڪوارڊن لاءِ جهازن جي تعميراتي فنڊ ۾ ڏهه هزار رپيا به ڏنا. حڪمرانن حرن کي پنهنجي طرفان مالي وسيلا، آتشي اسلحو ۽ گولا بارود فراهم ڪيو. پير کي خود حفاظتي جٿن جو ڪمانڊرر مقرر ڪيو پر جيئن ئي هو منظم ٿيا ته پير اوچتو استعمارين خلاف جهاد يعني مقدس جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجن پوئلڳن کي خطاب ڪندي هن چيو: “توهان پنهنجون زندگيون پيش ڪري رهيا آهيو، مون کي ستت ئي انهن جي ضرورت پوندي. برطانوي حڪومت جنگ ۾ مصروف آهي. جدوجهد جو وقت اچي پهتو آهي. ياد اٿئو ته انگريزن طرفان مهاتما گانڌيءَ کي جيل ۾ بند ڪرڻ جي خبر تي ماڻهو ڪيئن اٿي کڙا ٿيا هئا! ياد اٿئو ته اهي ڪيئن هڪ جان ٿي اٿيا ۽ گانڌيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو؟ مون پاڻ انگريزن هٿان اذيتون سٺيون آهن، جيڪڏهن ٻيهر ايئن ٿيو ۽ مون کي وري پڪڙيو ويو ته مان اوهان کي آواز ڏيندس. ريل جي گاڏين کي پٽڙين تان ڪيرائي ڇڏجو، مواصلاتي ذريعن ۽ آبپاشيءَ جي تعميرات کي تباهه ڪري ڇڏجو.
1941 جي آخر ۾ پير پاڳاري ڇهين کي پڪڙيو ويو ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. پاڻ پير جو ڳوٺ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ستت ئي کيس ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. هن تي فوجداري ڏوهه جي تياري ڪرڻ جو الزام هنيو ويو.
پير جي گرفتاري ۽ جلاوطني عام بغاوت جو سبب بڻي. جنهن جي معروضي جاگير دشمن، سامراج دشمن ۽ قومپرستاڻي ڪردار باغين جي صفن ۾ ڪيترن ئي سنڌي هندوئن کي شامل ڪيو. سندن مذهبي جذبن جو احترام ڪندي باغين جي رهنمائن ڳئون ذبح ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.
غيرملڪي ۽ ملڪي آقائن خلاف جدوجهد گوريلا جنگ جو ڪردار اختيار ڪري ورتو. حر باقائده فوج ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ سپاهين، حڪمرانن ۽ جاگيردارن سان سهڪار ڪندڙ سرڪاري ۽ عدالتي ڪارندن کي اغوا يا قتل ڪندا هئا. اڪثر باغين جا فوجي دستا مستحڪم جڳهن، گولا بارود ۽ اناج جي گودامن تي اوچتو حملا ڪندا هئا. ٽيليفون جون لائينون ڪاٽي ڇڏيندا هئا. پٽڙيون اکيڙي ڇڏيندا هئا ۽ ريل گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. ڊسمبر 1941 ۾ هنن مواصلات کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن فوجي ۽ شهري انتظاميا کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو، ستت ئي باغين سنڌ جي 15 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ان جي تقريبن پنجين حصي تي پنهنجي طرز جو ٻه حڪومتي نظام قائم ٿي ويو.
گوريلا جنگ پکڙجندي وئي. استعماري سرڪار خلاف حرن جي قدمن ۾ وسعت ايندي وئي. فيبروري 1942 کان انهن جي دستن فوج ۽ پوليس جي قوتن سان ٽڪراءُ ۾ حصو ورتو. وڏيون ويڙهون رائيٽ محصار ڀٽ شاهه جي ريلوي اسٽيشن ۽ ڳوٺ کينواريءَ جي ويجهو لڳيون. برطانوي فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين جو ماهوار جاني نقصان درجنين ماڻهن تي مشتمل هو.
بغاوت جي وسعت برطانوي سرڪار ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي. کيس خطرو هو ته هندستان جي مختلف علائقن ۾ ڀڙڪي اٿندڙ هنگاما ۽ هڙتالون عمومي سامراج دشمن تحريڪ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ان ڳالهه کان ڊڄندي ته سنڌ جي عوامي بغاوت جي اثر هيٺ استعمار دشمن تحريڪ عمومي هٿياربند جدوجهد ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، استعمارين جاني ۽ مالي نقصان جي پرواهه نه ڪندي مختصر عرصي ۾ ان کي چٿڻ جو مقصد سامهون رکيو.
1942 جي اونهاري ۾ بغاوت وارن علائقن (50 هزار چورس ڪلوميٽر ايراضي) ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. مرڪزي ڪمان سنڌ ۾ هڪ پيادل برگيڊ ۽ ٻيا فوجي دستا موڪلي ڏنا.
پيرپاڳاري کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ انگريزن مارشل لا جي قانون ۽ حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي قانون جي بنياد تي مقامي جيل ۾ تڪڙ ۾ جوڙيل عدالتي ناٽڪ رچايو. پير کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. حرن کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ۽ 20 مارچ 1943 تي پيرپاڳاري ڇهين کي ڦاسي ڏني وئي. پير جو ڳوٺ ۾ سندس رهائشگاهه کي ڊاهي مسمار ڪيو ويو. اتي محفوظ خزانا لٽيا ويا، لائبريري لٽي ۽ ساڙي وئي، جنهن ۾ انتهائي ناياب قلمي مسودا محفوظ هئا.
پر بغاوت جاري رهي. اها حيدرآباد کان اتر سنڌ جي سمورن علائقن ۾ خيرپور سميت ۽ اهڙي طرح جيسلمير، جوڌپور ۽ بهاولپور جي آس پاس جي علائقن ۾ پکڙجي وئي. پير جي ڦاسيءَ جي سرڪاري اطلاع باوجود حر سندس موت تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، واعظين ان يقين کي قائم رکيو ته ” اڃا اونداهي ڇانيل آهي پر سج ضرور اڀرندو. هو اسان کان عارضي طور جدا ٿيو آهي.”
بغاوت جو جاگيردار دشمن رجحان وڌيڪ چٽو ٿي ويو. جڏهن پير پاڳاري جي گرفتاريءَ کان پوءِ تحريڪ جي قيادت هاري اڳواڻن جي هٿن ۾ اچي وئي. آزاد رياست جي قيام جي مقصد کي سامهون رکندي حرن آزاد ڪرايل علائقن ۾ برطانوي هندي انتظاميا کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڌارين حڪمرانن جي چاپلوسي سان داغدار سرڪاري ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو.
بغاوت ۾ شامل ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي ضرورتن کي جاگيردارن جي ٽيڪس جي صورت ۾ حاصل ڪيل يا کپائڻ لاءِ جمع ڪيل غذائي ۽ ٽيڪنيڪي جنسن جا ذخيرا ضبط ڪيا ويا. ان سان گڏ ئي ٽيڪس جو نئون سادو نظام قائم ڪيو ويو. عدالتي ادارا تشڪيل ڏنا ويا جن جي ڪم ۾ جاگيردارن، زميندارن شاهوڪارن ۽ انهن جي نوڪر چاڪرن جي شرڪت ممنوع هئي. جاگير دشمن نعرن حرن کي هارين جي وسيع حمايت فراهم ڪئي، جيڪي بغاوت جي محرڪ قوت بڻيا.
برطانوي هاءِ ڪمان سنڌ ۾ آٽوموبائيل گاڏين ۽ ٽئنڪن سان گڏ فاضل دستا ۽ اهڙي طرح فضائي اسڪواڊن موڪلڻ تي مجبور ٿي وئي. حرن سان جنگ جي وقت ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انگريزن ڇاپا مار ڪمانڊو استعمال ڪيا. سرڪاري انگن اکرن مطابق اپريل کان جولاءِ 1942 تائين 45 اڳواڻن ۽ ساٿين کي ڦاسي ڏني وئي ۽ 2800 کي جيلن ۾ واڙيون ويو. 1943 جي گرمين جي موسم ۾ استعماري فوج باغين جي اڪثر دستن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سيپٽمبر تائين حرن جي تقريبن سمورن رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا بظاهر ختم ڪيو ويو پر حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ وارو قانون (حر ائڪٽ) برقرار رهيو.
ڪجهه ڇاپا مار گروهن جدوجهد بند نه ڪئي. عام قيادت رحيم هڱورو ڪري رهيو هو، جنهن کي عوام “بادشاهه” جو خطاب ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button