ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مرڪز ۽ صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو نئون فارمولو

عمران خان هينئر به سياسي قوتن بدران غير سياسي قوتن سان ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، توڙي جو نان سويلين اڳوڻي وزير اعظم کي ڳالهين ۽ رابطي جو ڪوبه سگنل ڏئي نه رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ اتحادي حڪومت، سپريم ڪورٽ جي نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ جي حڪم جي باوجود، نئين فارمولي تي اتفاق ڪيو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ ان تي به ويچارڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان اعليٰ عدالت به اشارو ڏنو آهي ته چونڊن کي اڳتي ڪري سگهجي ٿو، پر ان لاءِ ٺوس دليل ڏيڻا پوندا. ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ايتري ڳنڀير آهي، جيڪا ان ڳالهه جو دليل آهي ته صوبن اندر قسطن ۽ وفاق ۾ الڳ چونڊون ڪرائڻ سان، جيڪا 70 ارب رپين تائين رقم خرچ ايندي، ايتري يا ان کان وڌيڪ رقم الڳ الڳ چونڊن تي خرچ ڪرڻ ممڪن ناهي. ان جو هي مطلب به نه وٺڻ گهرجي ته چونڊون ڪرائڻيون ئي ناهن، چونڊون نه ڪرائڻ جو آپشن رڳو فوجي آمرن وٽ رهيو آهي، سياسي قوتون ته چاهينديون ته ملڪ اندر سياسي ۽ جمهوري عمل جيترو جاري رهندو، اهو ايترو ميچوئر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ملڪي اشوز کي حل ڪرڻ سياسي قوتن جو ڪم آهي، نڪي غير سياسي قوتن جو. عمران خان، لک ڪوششون ڪيون آهن ته اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهائجي ته جيئن جيترو جلد ممڪن هجن عام چونڊون ٿين ۽ کيس خاطري ڪرائي وڃي ته اقتدار ۾ مناسب طريقي سان حصيدار ڪيو ويندو. عمران خان جو هي چوڻ ته “لڳي ٿو ته آرمي چيف، هن کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو”! حيرت ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه آهي. هڪ اڳوڻي وزير اعظم جون اسٽيبلشمنٽ کي ميڙمنٿون ڪرڻ، ان شخص جي منصب جي خلاف آهن. ٿيڻ ائين گهرجي ته پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي قوتن کي هڪ پليٽ تي ويهي ڳالهائڻ گهرجي، انهن کي ملڪي معيشت ۽ سياست سان گڏ ايندڙ عام چونڊن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪري، معاملن کي طئي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مائينڊ سيٽ سان، عمران خان اتحادي حڪومت سان ڳالهائڻ گهرندو، يا ورتاءَ ڪندو ته ان سان مسئلو حل ٿيڻ بدران ڊيگهه اختيار ڪندو ويندو.
عمران خان جي پارٽي جي رينڪ اينڊ فائل ۾ هي ڳالهه موجود آهي ته سياسي قوتن کي ڳالهائي اڳتي وڌڻ گهرجي. ان حوالي سان ڪيترائي Ears and eyes موجود آهن، جيڪي عمران خان جي اڳيان پٺيان گهمي رهيون آهن، انهن جا سڌي يا اڻ سڌي ريت اسٽيبلشمنٽ سان رابطا به آهن ۽ انهن جو هو وقت بوقت اعتراف به ڪندا رهيا آهن. اهي جيڪي عمران خان جي صفن ۾ موجود آهن، انهن پي ٽي آءِ ۾ شموليت به ڪنهن جي اشاري تي ڪئي هئي. اهي چاهيندا ۽ ڪوششون ڪندا رهن ٿا ته عمران خان يا پي ٽي آءِ جا واڳ ڌڻين سان لاڳاپا بهتر رهن. عمران خان سمجهي ٿو ته ان سان ساڳي گرمجوشي سان رابطو ڪيو وڃي، جيئن ماضي ۾ هو. ماضي ۾ گرمجوشي جي نتيجي ۾ هو وزير اعظم هو ۽ هاڻ لاڳاپن ۾ اها گرمي ناهي، انڪري هو وزير اعظم ناهي. بقول عمران خان جي پنهنجي ته ماضي ۾ هن کي ملڪ جي بجيٽ منظور ڪرائڻي هوندي هئي، ڪنهن بل جي حمايت گهربل هئي يا ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هو ته هو مقتدر حلقن سان رابطو ڪندو هو. بقول فواد چوڌري جي عمران خان سمورا معاملا Out source ڪيا هئا، انڪري، هن کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، هاڻ جڏهن ماضي جا سمورا لڳ لاڳاپا ۽ اهي جيڪي سهولت ڪاري ڪندا هئا، نه رهيا آهن ته پوءِ ڪابه اميد رکڻ بهتر ناهي. اسٽيبلشمنٽ جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي پهريان ئي over politicized آهي، ان پنهنجي اداري جي فيصلي تحت نيوٽرل يا پاسيرو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ان کي ٻيهر سياست ۾ گهلڻ يا ملوث ڪرڻ مناسب ڳالهه ناهي، هي نه صرف سياسي روايتن جي ڀڃڪڙي ٿيندي، پر آئين ۽ قانون جي به خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته طاقتور حلقن کي آئين مطابق جيڪو مينڊيٽ مليل آهي، ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
هينئر اتحادي حڪومت جي ٽن اهم اتحادين، جن ۾ آصف زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان موجود آهن، انهن هي محسوس ڪيو ته صورتحال کي Defuse ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪجي، انڪري انهن ويهي ڪري مٿاڪٽ به ڪئي ۽ سموري صورتحال، خاص ڪري مستقبل قريب ۾ عام چونڊن تي ويچاريو. چوڻ وارا چون ٿا ته ملاقات دوران ميان نواز شريف کي به شامل ڪيو ويو ۽ ان تي اتفاق ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي قوتن سان مشورو ڪجي ته جيئن صوبن جون چونڊون به عام چونڊن سان گڏ ڪرڻ لاءِ ڪو رستو ڪڍي وٺجي. ملڪ جي اعليٰ عدالت ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ چيو، اليڪشن ڪميشن رستو ڪڍي ورتو آهي. پر ڪيترائي اشوز رنڊڪ بڻجي رهيا آهن. اتحادي حڪومت چاهي ٿي ته چونڊون 30 اپريل بدران جون تائين نگران سيٽ اپ آڻجي ته جيئن قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ ئي وقت اليڪشن ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ هڪ ٻن مهينن لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. ان دوران هڪ طرف عالمي مالياتي ادارن سان معاملا طئي ٿي ويندا ۽ ٻيو هي ته نئين مالي سال جي بجيٽ به اچي ويندي. ان فارمولي تي ڪيترو اتفاق ٿي سگهي ٿو، ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
هينئر اتحادي حڪومت جو ان ڳالهه تي به اتفاق موجود آهي ته ايندڙ چونڊن دوران عمران خان کي ڇڏي، حڪومت ۾ شامل پارٽيون هڪ ئي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهنديون ته جيئن هڪٻئي جي اميدوارن جي مدد ڪري سگهن. ان حوالي سان هي فارمولو به سامهون آندو ويو آهي ته اهي تڪ جتان پهريان، جنهن به اتحادي پارٽي جي اميدوار ڪاميابي ماڻي، ان جي ئي حمايت ڪئي ويندي. هينئر تائين اهو واضح ناهي ته اهي اميدوار جيڪي پي ٽي آءِ يا ٻيون پارٽيون، جن جا اميدوار کٽي آيا هئا، انهن لاءِ ڪهڙي پاليسي هوندي، انهن مان ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي عمران خان جو ساٿ ڇڏي چڪا آهن ۽ موجوده حڪومت جو حصو آهن. ڪجهه ٻيا به آهن،جيڪي پي ٽي آءِ کي عاق ڪرڻ لاءِ پر سوئي رهيا آهن. حڪومت کي هڪ ئي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ لاءِ گهڻي مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي. ان دوران گهڻا اعتراض، پارٽين جي اندران ايندا، جيڪي چاهيندا ته سندن پارٽي جا وڌ کان وڌ اميدوار ڪامياب ٿي پارليامينٽ ۾ پهچن.
هينئر تائين هي ڳالهيون به سامهون آيون ته ٻن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن لاءِ صدر عارف علوي، پنهنجي ليکي جنهن تاريخ جو اعلان ڪيو هو، ان کي عدالت قبول نه ڪيو. هي اصل ۾ آئين کان مٿڀرو فيصلو هو. سوال آهي ته جيڪڏهن صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ته اهو ڪهڙي سزا جو حقدار ٿي سگهي ٿو؟ ان سان گڏ هي به پڇيو پيو وڃي ته ماضي ۾ پنجاب ۾ مڪاني ادارن کي عمران خان ختم ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته نمائندن ۾ گهڻائي ن ليگ جي هئي، عدالت ٻن سالن تائين زور ڏيندي رهي ته مڪاني چونڊون ٿي وڃن پر انڪار ڪيو ويو. آخرڪار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم بينچ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان آئين جي ڀڃڪڙي جاري رکي ته ايڪشن ورتو ويندو. ان کانپوءِ اعليٰ عدالت جي سربراهه پنهنجي برادر جج جي خلاف حڪم ڏنو ته اهو عمران خان جي حڪومت جي حوالي سان ڪوبه ڪيس نه ٻڌندو! هاڻ به ساڳي نوعيت جي صورتحال آهي. ن ليگ ۽ ان جون اتحادي ڌريون چون ٿيون ته اعليٰ عدالت ۾ ويٺل ڪجهه جج انهن جي خلاف آهن،انڪري انهن جي ڪنهن به بينچ ۾ شامل هجڻ تي به اعتراض سامهون اچي چڪا آهن. هي ستن، اٺن مهينن جي ڳالهه آهي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به نئون اچي ويندو. يقينن اها نئين عدالت هجي، جيڪا فيصلا ڏيندي. ان دوران جنهن به ڌر جي حڪومت هوندي، ان کي اعليٰ عدالت کي منهن ڏيڻو پوندو. هڪڙو تاثر هي به ڏنو پيو وڃي ته عمران خان شايد انڪري جلد عام چونڊون چاهي ٿو ته ڪٿي سيپٽمبر، آڪٽوبر تي صورتحال تبديل نه ٿي وڃي. هڪ طرف اسٽيبلشمنٽ، پاڻ کي سمورن معاملن کان الڳ ٿلڳ رکڻ گهرندي، مٿان عدليا به واچ ڊاگ وارو ڪردار ادا ڪندي ته خراب حڪمراني جو قائم رهڻ گهڻو مشڪل ٿي ويندو.
هينئر جيڪڏهن اتحادي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون شروع ٿين ٿيون ته ان سان هڪ طرف عام چونڊن جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿي ويندي، ان سان گڏ معاشي معاملو به رڪاوٽ نه بڻبو. سياسي پارٽين ۾ ڳالهين جي هونئن به مخالفت ڪري نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيندو. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ سياسي استحڪام جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. حڪومتي ڌر ۾ ويٺل ڪجهه اڳواڻ هي خدشا ظاهر ڪن پيا ته جيڪڏهن پنهنجي ليکي چونڊن جو اعلان ٿيو ته ان سان بحران جو ختم ٿيڻ ممڪن نه هوندو. ان لاءِ عام چونڊن کان اڳ سياسي اتفاق راءِ جو هجڻ ضروري آهي. هيل تائين عمران خان کي جيترا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻا هئا، ڪري چڪو ۽ انهن جو ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. هاڻ بهتري ان ۾ آهي ته حڪومت توڙي پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جون نئون دور شروع ٿيڻ گهرجي، جيئن ڪنهن ختم نه ٿيندڙ بحران کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button