ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو قتل ڪيس ۽ حيدرآباد پوليس

حيدرآباد شهر کان امن جو دامن ڇڏائجي چڪو آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ جڏهن هن شهر جي خوبصورتي، هوائن ۽ گلاب جي پاڻي جو ذڪر ٿيندو هو ته آخري نشاني طور بچيل وڏي ڄمار وارو نسل وارو ماڻهو پيو وڏا ساهه ڀريندو هو. هن وقت حيدرآباد شهر بدامني جي ور چڙهي چڪو آهي، اتي قتل ۽ رت وهائڻ به وحشي جوابدارن بند نه ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ 7 مارچ جي ڏينهن ۽ 8 مارچ جي رات چمڙي اسڪن جي اسپيشلسٽ حيدرآباد جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي بيدردي سان ڪهي قتل ڪيو ويو. قتل جي واردات کانپو پوليس کي اطلاع ملڻ کانپو پهرين ڀٽائي نگر پوليس پو ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ قتل ٿيل ڊاڪٽر جي گهر پهچي ويو هو. ان وقت ئي ايس ايس پي حيدرآباد ٻڌايو هو ته ابتدائي جاچ مان خبر پئي آهي ته مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي سندس ڊرائيور خيرپور واسي حنيف لغاري ئي قتل ڪيو آهي.
پوليس ٻئي ڏينهن تي مقتول ڊاڪٽر جي ڊرائيور کي موبائل ٽريس ڪري حيدرآباد پوليس گرفتار ڪري ورتو هو. پوليس ذريعن ان وقت ٻڌايو پئي ته ابتدائي جاچ ۾ جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته گاڏي مان پيٽرول چوري ڪرڻ جو الزام لڳڻ تي هن ڊاڪٽر ڌرم ديو کي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته مقتول ڊاڪٽر جي زال ۽ ٻار آمريڪا ويل آهن، مقتول ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو لاش سندس ڀا ڊاڪٽر اوم پرڪاش حوالي ڪيو ويو هو، قتل واقعي وقت 2 بجي ڌاري واقعي واري هنڌ ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ پڻ پهتو. جتي ڪرائيم سين پڻ ڪيو ويو. فارنزڪ ٽيم طرفان سمپل فنگر پرنٽ پڻ ورتا ويا. جڏهن ته مقتول ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺًي جي لاش جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويو. ان وقت ايس ايس پي حيدرآباد ٻڌايو ته اسان کي گهر ۾ موجود بورچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي ڇرين جا وار ڪري سندس ڪار ڊرائيور حنيف لغاري قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. هن چيو ته جوابدار خيرپورميرس جو رهواسي ٻڌايو ويو آهي. جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار مختلف بيان بدلائي ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته جوابدار ڊرائيور ۽ مقتول ڊاڪٽر جو ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو. جنهن ڇري سان ڳلو ڪپي ڊاڪٽر ڌرم ديو جو قتل ڪيو آهي. هن چيو ته هن بيرحماڻي قتل ڪيس جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.
ٻئي ڏينهن تي پوليس ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته مقتول ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ۾ ملوث جوابدار حنيف لغاري کي خيرپور جي هڪ ڳوٺ مان ڪار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته جوابدار کي نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري قتل ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ابتدائي جاچ ۾ پوليس کي خبر پئي ته جوابدارن ڪيلنڪ تان گهر وڃڻ وقت ڊاڪٽر ڌرم ديو کي ڪار ۾ ئي ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو هو. جيڪي لاش حيدرآباد شهر ۾ گهمائيندا به رهيا. جنهن بعد گاڏي سميت لاش کڻي ڊاڪٽر جي گهر پهتا. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر اصغر تنيو ٻڌايو هو ته مقتول ڊاڪٽر جو قتل ڪيس داخل ڪريون ٿا. جوابدار کان جاچ هلي پئي. هن چيو ته مقتول ڊاڪٽر جي فيملي آمريڪا ويل آهي. هو گهر ۾ ڊرائيور ۽ بورچي سان گڏ رهندو هو.
ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي پوليس جي ابتدائي جاچ جا تفصيل:
پوليس ذريعن ٻڌايو پئي ته قتل ڪيس ۾ حراست ۾ ورتل ڊرائيور حنيف لغاري پوليس آڏو جاچ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ۾ رڳو هو نه پر بورچي دليپ ۽ سندس هڪ ٻيو دوست به شامل آهي. جيڪو سندس ڳوٺائي آهي. گرفتار جوابدار حنيف لغاري 3 راتيون اڳ ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ۾ ڪيس پوليس جاچ ۾ اهم انڪشاف ڪيا. جنهن ۾ هن چيو آهي ته مقتول ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي ڪٿي پئسا لڪائي رکيا هئا. جيڪي ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بورچي دليپ ۽ سندس دوست گڏجي ڊاڪٽر کي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس وٽ مقتول ڊاڪٽر ڌرم ديو جو ڊرائيور حنيف لغاري ۽ بورچي دليپ اڳ ۾ ئي حراست ۾ آهن. ڊرائيور پوليس کي ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي ڪٿي پئسا لڪائي رکيا هئا، جيڪي ڦر ڪرڻا هئا. جنهن لا ڪجهه ڏينهن کان تاڙ ۾ هئاسين. قتل کان پهرين پئسن ڏيڻ لا ڊاڪٽر کي پهرين ڪار ۾ ئي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنهن تي ڊاڪٽر کين سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد کيس قتل ڪري ڇڏيو. بورچي ۽ ڊرائيور جي گرفتاري کانپو ٽين جوابدار جي گرفتاري لا پوليس طرفان ٽيم تشڪيل ڏني وئي هئي. پوليس ذريعن موجب ته ٽين جوابدار جي گرفتاري کانپو جوابدارن جا داخل ايف آ آر ۾ نالا شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ سان گڏ تشدد جو پڻ نشاندهي ٿي آهي. ان وقت ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو قتل ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ڪيس جو متن:
حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي 3 ڏينهن اڳ 7 مارچ جي رات ڪهي قتل ڪيل ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو قتل ڪيس سندس ڀا اشوڪ ڪمار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جيڪو ڪيس وري نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته آئون ڀٽائي نگر ۾ رهندو آهيان. منهنجي ڀا ڌرم ديو راًٺي جي گهر تي 7 مارچ تي رات جو 11 لڳي 20 منٽ تي آيس ته ڏٺم ته بنگلي جو گيٽ کليل هو. بنگلي ۾ اندر داخل ٿيس ڏٺم ته رت پيل هو. جتي گهر جو بورچي دليپ موجود هو. پريشاني جي حالت ۾ ڪمري ۾ ويس ته ڀا ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو لاش زمين تي پيل هو. مون بورچي دليپ کان معلوم ڪيو، جنهن لاعلمي ظاهر ڪئي. مون دليپ کان ڀا جي ڊرائيور حنيف لغاري ۽ ليانا گاڏي بابت معلوم ڪيو جنهن ٻڌايو ته ڊرائيور ۽ ڪار موجود ناهن. ان دوران منهنجو وڏو ڀا ڊاڪٽر اوم پرڪاش به اچي ويو. جنهن کي مون مٿين حقيقت ٻڌائي. ڊاڪٽر اوم پرڪاش 15 پوليس مددگار تي اعلاع ڏنو. ان دوران علائقي جي پوليس به پهتي. ڀا جي لاش کي پوسٽ مارٽم لا حيدرآباد سول اسپتال پهچايو. جتي ڀا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيو. جڏهن ته ڀا جي فيملي آمريڪا ۾ هئڻ سبب لاش کي امانت طور حيدرآباد اسپتال ۾ رکيو آهي. آئون حاضر ٿي فرياد ڪريان ٿو ته منهنجي ڀا کي نامعلوم جوابدارن هم صلاح ٿي نامعلوم سبب جي ڪري قتل ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس اڳ ۾ قتل ڪيس جي جاچ ۾ ورتل ڊرائيور حنيف لغاري کي ڪيس ۾ نامزد نه ڪيو آهي. جنهن کي پوليس قتل ڪيس جي الزام ۾ خيرپور مان گرفتار ڪري آئي هئي، جڏهن ته بورچي دليپ پڻ پوليس جي حراست ۾ آهي. جن کي سي آ اي سينٽر تي رکيو ويو هو. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر اصغر تنيو ٻڌايو ته قتل ڪيس داخل ڪيو آهي. حراست ۾ ورتل جوابدارن کان به جاچ جاري آهي. هي ها پروفائيل قتل ڪيس اڃا تائين ڳجهه بڻيل آهي. پوليس ابتدائي جاچ کانپو وڌيڪ ڪيس جا رخ سامهون نه آندا آهن. هن وري جوابدار پڌرا ڪيا آهن. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي بيرحماڻي قتل واقعي کانپو صدر ڊاڪٽر لائين ۾ ڪيمسٽ الائنس طرفان صدر ۾ هڙتال ڪري ميڊيڪل اسٽور بند رکيا ويا، اقليتي معاملن جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي قتل واقعي وقت قتل ڪيس جو نوٽيس وٺڻ کانپو مقتول جي ڀا ڊاڪٽر اوم پرڪاش جي گهر پهتو. جتي هن چيو ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل جو بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي نوٽيس ورتو آهي. ڪيس جي جاچ لا ايس ايس پي کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. قتل ڪيس ۾ جوابدار کي سزا ڏيکارڻ لا مقتول ڊاڪٽر جي خاندان کي قانوني ٽيم پڻ فراهم ڪئي ويندي، ٻئي طرف پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر قتل واقعي جو نوٽيس وٺندي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قاتل هڪ مسيحا اسان کان کسيو آهي. هولي جي تهوار جي ڏينهن ڊاڪٽر ڌرم ديو جي زندگي کيسي وئي آهي. هاڻ سچ به پوليس هن قتل ڪيس جا جيڪي به جوابدار آهن اهي سامهون آڻي آهي جنهن انصاف لا مقتول جو خاندان به منتظر هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button